• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اهڙو به ڏينهن ايندو

اهڙو به ڏينهن ايندو
______________
اهڙو به ڏينهن ايندو سنڌي خوش پيو ٿيندو
ڏک دور سڀ ٿي ويندو هر ڪو امير هوندو
مرندو نه ڪو ئي مارو اهڙيون اٿايون سارون
مارئي نه روئندي ڳوڙها بيماري ٿي نه مرندو
سک ساڻ هوندو سڀ ڪو امڙ نه ويڻ ورندي
بي موت گولين جو سڙندي نه لاش ڪرندو
زرخيز هي زمين سڀ جهليندي ريج سان ڳڀ
خوشين جي موج هوندي سنڌو جي ڀرجي هلندو
ساوڪ هوندي سڄو تر ڳنڍير گاه سڀ ٿر
اتراڌي ۽ وچولو ڏيپلو به ڏيک ڏيندو
مرڪون هونديون مکن تي چميون سڀن چپن تي
هر گهوٽ ڪنوار ماڻي سڪ ۾ سرور هوندو
آسودو هر ڪو هوندو گهر ٿاڪ سڀ کي هوندو
بي وس نه هوندو ڪوئي ٻچڙا نه ڪوئي ڪهندو


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top