قومي مفادن وارو ڪهاڙو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    قومي مفادن وارو ڪهاڙو!

    شفيق شاڪر

    تازو وزيراعظم ميان نوازشريف پي آئي اي ملازمن جي ڪيل هڙتال جي حوالي سان جيڪو بيان عنايت فرمايو آهي سو اهو ته “ ناجائز مطالبن سامهون سر نه جھڪائينداسين ۽ قومي مفادن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي” اسان جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي حڪمرانن جي واتان نام نهاد “ قومي مفادن” وارو رينگٽ ٻڌندي ٻڌندي ڪن پچي پيا آهن.اڄ تائين قوم کي اهو سمجھ ۾ نه آيو ته قومي مفادن وارو اهو چيوگم آهي ڪهڙو جنهن کي وقت جو هر حڪمران پنهن جي مرضيء مطابق ڇڪيندو آيو آهي.وري هر حڪمران وٽ ان قومي مفاد جي وصف ۽ تعريف پنهن جي آهي. قومي مفاد اهوئي آهي جنهن جو نقشو هو پاڻ پنهن جي مفادن جي رنگن سان ٺاهين ٿا.جڏهن اهي آمريڪا کان ڏوڪڙ وٺي افغانستان ۾ روس جي خلاف آمريڪا جي جنگ وڙهي رهيا هئا ته ان وقت قومي مفاد جي چادر ۾ مجاهدين پيدا ڪيا ويا ۽ اڄ اهي ئي مجاهد قومي مفاد مطابق دهشتگرد سڏيا وڃن ٿا. ان وقت انهن کي مجاهدين سڏڻ حڪمرانن جو قومي مفاد هو ۽ اڄ انهن کي ئي دهشتگرد سڏڻ قومي مفاد وٽان آهي.اقتدار تي قبضو ڪندڙ سمورن جنرلن به ان عظيم تر قومي مفاد جو ئي سهارو ورتو ۽ سياسي حڪرانن پنهن جن سمورين نااهلين ۽ ناڪامين کي لڪائڻ لاء هر سوال جي ڪنهن تسلي بخش جواب مهيا ڪرڻ بدران قومي مفاد وارو ڪهاڙو ئي قوم تي هلايو آهي.قومي مفادن تحت ملڪ ۾ لساني،مذهبي ۽ فرقاپرست گروپن کي هٿ وٺي هٿي وٺرائي ويئي جو ان وقت اهو ئي انهن جو قومي مفاد هو ۽ اڄ انهن ئي گروپن کي لعنت ۽ ملامت جو نشانو بنايو پيو وڃي جو هن وقت هنن جو قومي مفاد اهو آهي.سالن کان قوم هنن جي هيء مسخري ڏسندي ٿي اچي.ڪنهن زماني ۾ نجي ادارن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو هو ان وقت به قوم کي اهو ٻڌايو ويو هو ته اهو قومي مفاد آهي ۽ اڄ جڏهن نجڪاريء ذريعي قومي ادارا نيلام ڪيا پيا وڃن ته به قوم کي اهو ئي ٻڌايو پيو وڃي ته اهو سڀ وسيع تر قومي مفادن تحت ڪيو پيو وڃي.جيڪڏهن اڳ ۾ ڪسب بينڪ، هيوي مڪينيڪل ڪامپليڪس ۽ اهڙا ٻيا قومي ادارا ڀڳڙن جي مٺ تي نيلام ڪيا ويا ته انهي ۾ به ڪو قومي مفاد هو ۽ اڄ جڏهن پي آئي اي ،پاڪستان اسٽيل ملز،فيسڪو، حيسڪو وغيره کي اڌ موڙيء ۾ نيلام ڪرڻ جو پروگرام آهي ته ان ۾ به پڪ سان ڪو قومي مفاد هوندو.جيڪڏهن اربين روپيا ميٽرو منصوبن تي خرچ ٿي رهيا آهن ته اهو به قومي مفاد آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو بک، بيمارين ۽ بي روزگاريء کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪري رهيا آهن ته اهو به قومي مفاد وٽان آهي جو وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو طريقو ٿي سگھي ٿو!هي ڪهڙو ملڪ آهي جتي ادارن جي نيشنلائيزيشن به قومي مفاد ۽ انهيء جي بلڪل ابتڙ انهن جي ڊي نيشنلائيزيشن به قومي مفاد آهي!جتي دهشتگرد پيدا ڪرڻ به قومي مفاد وٽان ۽ انهن دهشتگردن خلاف آپريشن ڪرڻ به قومي مفاد وٽان آهي.جتي سياسي اسيمبليون قائم ڪرڻ به قومي مفاد ۾ آهن ۽ سمورا اهم معاملا اسيمبلين جي مشورن کان سواء ٻاهر ئي حل ڪرڻ به قومي مفاد وٽان آهن.هڪ ئي وقت جمهوريت به قومي مفاد جي لاء ۽ ساڳئي وقت ٿيندڙ آمراڻا فيصلا به صرف قومي مفاد جي لاء آهن.پيٽرول جي قيمت جيڪا عالمي منڊيء جي حساب سان پاڪستان ۾ پنجيتاليھ روپيا هئڻ گھرجي اها جيڪر اڄ به ٻاهتر روپيا آهي ته ان جو واحد سبب اسان جي حڪمرانن جو بيان ڪيل قومي مفاد ئي آهي.حيرت جي ڳالھ اها ته اهي جڏهن پاڻ اقتدار ۾ هوندا آهن ته انهن جو قومي مفاد ڪجھ ٻيو هوندو آهي پر جڏهن اقتدار کان ٻاهر هوندا آهن ته انهن جي قومي مفادن جي تعريف تبديل ٿي وڃي ٿي.اهي جڏهن پاڻ احتجاج ڪندا ۽ ڌرڻا هڻندا آهن ته اهو سڀ ڪجھ قومي مفاد وٽان هوندو آهي پر جڏهن ٻيا اهڙي ساڳي حرڪت ڪندا آهن ته اهو قومي مفادن جي خلاف هوندو آهي.اهي جيڪڏهن پاڪستان جي هر ڄمندڙ ٻار کي غير ملڪي قرضن جي بار ۾ دفن ڪن ٿا ته اهو قومي مفاد جي لاء ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن اهي قرض واپس ڪرڻ لاء مسڪينن کان مانيء ڳڀو به کسيو وٺن ته اهو به قومي مفادن جي لاء ئي ڪندا آهن.قومي مفادن جي هروقت راڳڻي ڳائيندڙن کان ڪير اهو ته پڇي ته آخر قومي مفادن جي قربانگاھ جولقمو بار بار صرف مسڪين عوام ئي ڇو ٿو بڻجي.ڪارو ڌن رکندڙ معززين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ بدران انهن تان ٽيڪس به معاف آهي ته ضرور ان ۾ به ڪو قومي مفاد ئي سمايل هوندو.پاڪستان ٺهڻ کان اڄ تائين جيڪو به حڪمران آيو ان کي صرف قومي مفادن جو ئي ايترو اونو هو ته پوء اڄ پاڪستان جو هي قابل رحم حال ڪنهن بنايو آهي؟بديانتي،ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جا اهي داستان جيڪي عالمي ميڊيا جي زينت بڻيل آهن اهي ڪهڙي جناتي مخلوق جا آهن؟ عوام جا يا انهن ئي قومي مفادن واري راڳڻي ڳائيندڙ حڪمران طبقي جا؟عوام مان ڪو بک وگھي مجبور ٿي ڪا ڪڪڙ چوري ڪري ٿو ته قومي مفاد ۾ سزا کائي وڃي ٿو پر واه ڙي اسان جا قومي مفاد! عوام جا اربين ۽ کربين روپيا هضم ڪندڙن کي قومي مفادن جي پيش نظر اڄ تائين ڪا سزا ملي هجي ته ٻڌايو. مصيبت اها آهي جو اسان جا حڪمران صرف سياستدان ئي ناهن پر اهي ئي سڀ ڪجھ آهن.مذهبي مبلغ به اهي ئي ته اخلاقيات جا معلم به اهي. واپاري به اهي ته خريدار به اهي. ٺيڪيدار،صنعتڪار،بينڪار ۽ زميندار به پاڻ.عوام کي هر معاملي ۾ اهڙا ته خوبصورت درس ڏيندا جو دنيا حسرت ڪندي ته ڪاش، اهڙا انمول هيرا اسان جي معاشري ۾ ڄمن ها!مثال ڪفايت شعاري ۽ سادگيء جو درس عوام لاء! سندن شاهاڻا زندگيون ڏسو ته مغلن جي شهنشاهي گھڻو پوئتي رهجي وڃي ٿي. عوام کي خودانحصاريء جو سبق پڙهائيندا پر پاڻ ڪشتو کڻي سڄي دنيا ۾پنندي نظر ايندا.عوام کي تحمل،صبر،سهپ ۽ برداشت جي ڀاشڻ ڏيندا پر سندن روين ۾ ڪيتري سهپ ۽ برداشت آهي اها هر ڪنهن کي نظر اچي رهي آهي. عوام کي جمهوريت جي پٽي پڙهائيندا پر سندن اندر ۾ ويٺل آمر مان جان ڇڏائڻ لاء آماده ناهن جو اهوئي انهن جي قومي مفاد وٽان آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    رجعت پسند ھميشھ پاڻ کي ترقي پسند ظاھر ڪندا آهن يا گھٽ ۾ گھٽ ترقي پسندن واري وڪيبلري استعمال ڪندا آھن۰ نواز شريف به آمر جي پيداوار ائون جنم جنم جو چٽيل رجعت پسند آ۰ ٻٻرن کئون ٻير ڪھڙا گھرڻا۰
     
  3. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سائين....... وزيراعظم نواز شريف پنهنجو وعدو پورو ڪيو آهي ـ سندس وعدو هو ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هو ڪشتو ٽوڙي ڇڏيندو ۽ هن پنهنجو وعدو هر ڀيري نڀايو آهي ـ هاڻي ٽيون ڀيرو آهي جو ڪشتو ٽوڙي ڇڏيو اٿس، اها ٻي ڳالهه آهي ته هر ڀيري نئون ڪشتو ٺاهيندو آهي جيڪو اڳئين جي ڀيٽ ۾ گھڻو وڏو ۽ ويڪرو هوندو آهي ـ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو