پي آئي اي جي نجڪاري ۽ رياستي ڏاڍ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسي ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2016۔

  1. محمد عيسي ڀٽو

    محمد عيسي ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    پي آئي اي جي نجڪاري واري معاملي وفاقي حڪومت جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن حڪومت جلد بازي ۾ پي آئي اي جي نجڪاري لاِءِ اسمبلي مان بل پاس ڪرائي پنهنجي لاءِ واپسي جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، حڪومت هاڻي يقينن هڪ بندگلي ۾ اچي ڦاٿي آهي، وزيراعظم سميت ڪنهن به حڪومتي اهلڪار کي اها توقع ڪان هئي ته انهن کي چند هزار ملازمن جي هٿان ايڏي وڏي مذاهمت سان منهن ڏيڻو پوندو ۽ ڀاري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، رياستي ڏاڍ وارا حربا هلائڻ، وزيرن جون ڌمڪيون، پي آئي اي جي چئين ملازمن کي اغوا ڪرائڻ، ٻن ٽن ملازمن جي قتل ٿيڻ کان پوءِ پي آئي اي ملازمن ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ واري صورتحال پيدا ڪرڻ، پي آئي اي اندر لازمي سروس جو نفاظ ڪرڻ ۽ سڀني ميڊيا چينلز تي پي آئي اي جي نجڪاري جي حمايت ۾ اشتهار هلائڻ جي باوجود به حڪومت کي بري طرح سان شڪست ساموهن نظر اچي پئي جنهن ڪري رياستي ڏاڍ جو پڻ استعمال ڪيو ويو پر پي آئي اي ملازمن جي ٺاهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پنهنجي مطالبن تي قائم رهي ۽ حڪومت جي سمورن حربن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن آءُ هي سٽون لکي رهيو هوس ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ هلندڙ اجلا دوران ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته حڪومت ڪڏهن به ملازمن جا مطالبا نه مڃيندي، هڪ طرف حڪومت وارا اهي ڌمڪيون پيا ڏين ته ملازن سان ڪنهن به قيمت تي ڳالهيون نه ٿينديون ته ٻئي پاسي وفاقي وزير پراويٽائيزاشن محمد زبير ڪراچي پهچي ملازمن جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪيون جنهن جو ڪو به کڙ تيل ناهي نڪري سگهيو، يقينن حڪومت جي اها خواهش هوندي ته ملازمن جا مسئلا به حل ٿين ۽ حڪومت کي واپسي جو رستو عزت سان ملڻ گهرجي جيئن حڪومت پنهنجي شڪست کي لڪائي سگهي پر اهي به ڳالهيون ناڪام ويون ۽ ٻئي ڌريون اڃا تائين ساڳي پوزيشن تي بيٺل آهن، نتيجي طور گزريل هڪ هفتي کان فلائيٽ آپريشن بند پيل آهي، اندروني ۽ بيروني اڏامن جا شيڊول روزانو جي بنياد ته منسوخ ٿيندا رهن ٿا، هزارين مسافر درپدر ۽ پريشان واري حالت ۾ آهن ۽ پي آئي اي کي روزانو 40 ڪروڙن کان وڌيڪ نقصان پهچي رهيو آهي جيڪو ڪنهن به صورت حڪومت لاءِ برداشت ڪرڻ جوڳو عمل ناهي پر حڪومت تنهن هوندي به اڃا پنهنجي هوڏ تي بيٺل آهي، وڙهن سانهن لتاڙجن ٻوٽا جي ڪهاوت جيان ٻن طرفن جي لڙائي ۾ تڪليف انهن کي ٿي رهي آهي جيڪي مسافر هڪ هفتي کان پريشان ۽ رلي رهيا آهن. حڪومت جنهن سختي سان ملازمن سان پيش اچي رهي آهي اهو رويو ته مارشل لا جي دوران به نه هوندو آهي پر هن وقت حڪومت وڏي شڪنجي ۾ ڦاٿل نظر اچي پئي، هڪ پاسي ادارن جي نجڪاري واري مسئلن حڪومت کي ڪمزور پچ تي آڻي بيهاريو آهي ته ٻئي پاسي آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ سان طئي ٿيل معاهدن ۽ شرطن کي پورو ڪندي نظر نه پئي اچي. حڪومت کي هڪئي وقت چئين نقصانن ٿيڻ جو انديشو نظر اچي رهيو آهي جن مان ٽن جو تعلق رياست ۽ هڪ نقصان جو تعلق وزيراعظم جي چهيتن، دل گهرين ۽ وفادارن سان لاڳاپيل آهي. نمبر هڪ ته قومي ادارن جي نجڪاري نه ٿيڻ سبب آئي ايم ايف سان ٿيل معاهدن جي ڀڃڪڙي ٿيڻ جو انديشو آهي، نمبر ٻيو ته جيڪڏهن پي آئي اي جي نجڪاري نه ٿي سگهي ته ٻين ادارن جي به نجڪاري نه ٿي سگهندي ۽ حڪومت کي ساڳي ئي قسم جي مذاهمت سان منهن ڏيڻو پوندو جيڪو حڪومت ڪنهن ٻئي اداري جي نجڪاري لاءِ فوري قدم نه کڻي سگهندي، نمبر ٽيون پي آئي اي کي جيڪو روزانو جي بنياد تي نقصان ٿي رهيو آهي جنهن جو ٻوجهه به رياست جي خزاني کي ئي برداشت ڪرڻو پوي ٿو ۽ چوٿين نمبر تي نقصان جي ڳالهه ڪجي ته هي وزيراعظم جو ذاتي نقصان هوندو جيڪڏهن پي آئي اي جي نجڪاري نٿي ٿي سگهي، ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته پي آئي اي کي خريد ڪرڻ لاءِ ميان نوازشريف جي ذاتي دوستن ۽ مٽن مائٽن جون قومي ۽ بين لاقوامي ڪمپنيون موجود آهن جيڪي قومي ايئر لائين کي خريد ڪرڻ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي آهن جن جي نشاندگي اپوزيشن اڳواڻ ڪري رهيا آهن، هن وقت حڪومت تي الزام مڙهيو پيو وڃي ته ميان نوازشريف حڪومت گهٽ ۽ تجارت وڌيڪ پيو ڪري جنهن ڪري ادارا پنهنجي ئي دوستن ۽ مٽن مائٽن کي ڀڳڙن جي مٺ تي کپائي ڏئي رهيو آهي ان ڪري اپوزيشن ڌريون حڪومت جي ڪنهن به نجڪاري کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن.

    حڪومت پي آئي اي جي نجڪاري لاءِ پهريون صدارتي آرڊيننس جاري ڪرايو جنهن ڪري آئي ايم ايف ۽ حڪومت پاڪستان وچ ۾ اعتماد سان ڳالهيون شروع ٿيون ڳالهين جي آخري مراحلن دوران حڪومت صدارتي آرڊيننس کي بل جي شڪل ۾ اسيمبلي آندو جتي سندن جي اڪثريت سبب بل پاس ڪرايو جنهن جي نتيجي ۾ آئي ايم ايف حڪومت پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر جاري ڪري ڇڏيا، هاڻ جيڪڏهن پي آئي اي جي نجڪاري حڪومت جي هٿن مان نڪري وئي ته هڪ پاسي آئي ايم ايف سان طئي ٿيل معاهدا خراب ٿيندا ته ٻئي پاسي حڪومت ٻيا به ادارا خانگائي نه سگهندي جن جون اکيون اسٽيل مل ۽ واپڊا تي به کتل اهن. ملڪ جي اهم ادارن جي نجڪاري ۾ هن وقت پي آئي اي ملازم حڪومت آڏو ديوار بڻيل آهن، جيڪڏهن حڪومت پي آئي اي جي نجڪاري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته ٻين به اهم ادارن کي خانگائڻ ۾دير نه ڪندي، جن ادارن جي نجڪاري ٿيڻي آهي انهن جي ملازمن کي به خطرو آهي جن جي مستقبل جو سئودو ٿي سگهي ٿو.

    اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي ناقص اقتصادي پاليسين ۽ پنهنجا نواز تجارت تي زور ڀرڻ سبب ادارا مضبوطي بجاءِ ڪمزوري طرف وڌندا پيا وڃن، پي آئي اي کي نجڪاري ڪرڻ کان پهريان ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي سان سوچ ڪري پي آئي اي انتظاميه، ملازمن، اپوزيشن اڳواڻن ۽ اقتصادي ماهرن کان تجويزون طلب ڪري ڪا پاليسي جوڙي ها ته اها خراب صورتحال جيڪا هن وقت سامهون اچي بيٺي آهي نه هجي ها، هڪ پاسي پي آئي اي کي وڪيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي اٺن مهينن کان اسٽيل مل جي گيس بند ڪرائي ان کي روزانو جي بنيادن تي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچايو پيو وڃي، گزريل ٻن سالن کان ملازمن کي چئين مهينن جي وقفي وقفي سان پگهارون ادا ڪيون پيون وڃن جيڪو پڻ حڪومتي خزاني تي ٻوجهه آهي، جيڪڏهن اسٽيل مل کي هلائي ان جي پيداواري صلاحيتن مان فائدو ورتو وڃي ته اهو بهتر يا ادارا ڪمزور ڪري وڪڻي هزارين ماڻهن کي بيروزگار ڪري ملڪ جي ماڻهن جي ڪهڙي خدمت ڪئي ٿي وڃي. حڪومت جي اهڙين پاليسين ملڪ کي نقصان پهچايو آهي.


    نوٽ هي مضمون ٽي ڏينهن اڳ لکيو ويو هيو پر ڪنهن به اخبار کي نه موڪلي سگهيس، ڪرنٽ افيئر سبب معاملا گڏجي پيا تڏهن هي مضمون رهجي ويو جيڪو سنڌ سلامت جي نظر ڪجي ٿو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
  3. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    لاجواب سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو