Pakistan Sindhi news جي ذرائع جي مطابق بدين: ضلعي بدين سميٽ زيري سنڌ جي قديم تهذيب ۽ ثقافت کي صديون پراڻي نوادرات جي ذريعي روشن ڪرائيندڙ لاڙ ميوزم مان ناياب قديم نودرات جي گمشدگي جو انڪشاف ٿيو آهي لاڙ ميوزم جي ذريعن جي مطابق لاڙ ميوزم ۾ رکيل ڪلهوڙا ۽ ٽالپور حڪمرانن جي زريري استعمال ٻه قديم بندوقون ٻه تلوارون قيمتي نگن وارا پٿر قيمتي پٿرن جو مالائون مرتيون ۽ ٻيون ناياب ۽ قيمتي شيون بتدريج گم ٿي ويو آهن اهي ناياب شيون ميوزم ڪجهه سالن کان ميوزم وزيٽرن لاءِ نمائش لاءِ رکيل هيون جنهن جو هاڻ ڪو بتو ناهي رابطو ڪرڻ تي لاڙ ميوزم جي ڊاريڪٽر پروفيسر عبدالله ملاح ٻڌايو ته لاڙ ميوزم جي شين جو رڪارڊ هجڻ گھرجي جڏهن ته مون چارج ورتي لاڙ ميوزم جي شين جو تحريري رڪارڊ موجود نه هو پر هن پنهنجو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پڻ رڪارڊ جمع ڪرائڻ شروع ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته لاڙ ميوزم جي ڪائي بجيٽ نه آهي، ملازمن کي به مهينن جا مهينا پگھارون به نٿيون ملن. مزيد خبرن لاءِ وزٽ ڪيو sindhi news
سائين...اها خبر پڙهي ڏاڍو ڏک ٿيو ته اسان پنهنجون اڻ لڀ شيون به سنڀالي ڪونه ٿا سگھون ـ موهن جي دڙي جي ميوزم مان به اٽڪل 40 مهرون گھڻا ورهيه اڳ غائب ڪيون ويون هيون ۽ ائين ڪرڻ وارا به سنڌي هئا، جيڪي ڏيساور ۾ هاڻ به عياشيءَ واريون حياتيون گذاري رهيا آهن پر سندن وار به ونگو ڪونه ٿيو. افسوس.