خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / جمع 12 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
*پنهنجي حڪومت ۾ اسڪيمون مڪمل نه ٿيڻ تي افسوس اٿم: پير مظهر (خبر)
* * پر پنهنجي دور ۾ اربن روپين جون ماسترن جون نوڪريون وڪڻڻ تي ذرو به افسوس نه اٿوَ (تبصرو)

*ڪيٽي بندر ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سرڪاري امداد رد ڪري ڇڏي (خبر)
* * سندن مطالبو هوندو ته جيڪا امداد سرڪاري ڪاغذن ۾ لکيل آهي، سا ئي ڏيو (تبصرو)

* ڊاڪٽر عاصم جو ذاتي ملازم 7 ڪروڙ روپيا کڻي فرار، پوليس ٽيم ٺاهي وئي (خبر)
* * حرام جو مال ته حرام ۾ ئي ويندو نه (تبصرو)

*ويلنٽائين ڊي تي تباهي ٿيندي، ملتان جي اسڪولن کي دڙڪن وارا خط (خبر)
* * دهشتگرد ڇا ڄاڻن ته پيار ڇا ٿيندو آهي؟ (تبصرو)

*نفيسا شاهه جي محافظ جي وڏي ڄمار واري شخص سان بدتميزي (خبر)
* * سنڌي چوڻي: سائين ته سائين پر سائين جا ڪُتا (يا ڪُتي به) سائين (تبصرو)

* نفيسا شاهه گمس جي نالي تي گمبٽ پهتي (خبر)
* * 176 ڏينهن جي جدوجهد کانپوءِ، قائم علي شاهه وانگيان هاڻ جاڳي آهي (تبصرو)

*جيڪب آباد جي کليل گٽرن ۾ 3 ڏينهن ۾ 2 ٻار مري ويا (خبر)
* * هجي ها ڪراچي ته 94 ورهين جي قائم علي شاهه جي ننڊ حرام هجي ها (تبصرو)
 
Back
Top