جواب: سائين الطاف حسين جوکيو صاحب کي ڀليڪار ادا طاهر اسين به سائين الطاف حسين جوکيو صاحب جن کي ڀليڪار ٿا چئون ۽ اميد ٿا ڪريون ته سائين جن اسانجي سٿ ۾ هڪ سهڻو اضافو ثابت ٿندا، سٺي ڳالهه ته اها ٿئي ها ته سائين جن پاڻ هن اڱڻ جي دوستن سان سلام دعا ڪن ها ۔۔ ته هوند مزو اچي وڃي ها ۔۔۔ ڀائڙا طاهر جي اوهان سائين جن کي ڀلي ڀت سڃاڻو ته اوهان ئي ٿورڙو مختصر تعرف ڏيو ها ته سائين جن ڪٿان کان آهن ۽ ادبي زمين ۾ ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون اٿن ۔۔۔ بهرحال سنڌ جا سڄڻ هن اوطاق تي اچن ته ميلا لڳن، ۽ خيالن جا، فڪرن جا ملاکڙا ٿين۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: سائين الطاف حسين جوکيو صاحب کي ڀليڪار سائين جن کي اسان دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔ ادا طاهر سائين جن جي باري ۾ ٿورو تفصيلي تعارف اسان جي دوستن جي اڳيان پيش ڪندا ته ڪيڏو نه ڀلو ٿيندو
جواب: سائين الطاف حسين جوکيو صاحب کي ڀليڪار سائين الطاف حسين جوکيو صاحب جن کي دل جي گهرائين سان ڀليڪارچئون ٿا
جواب: سائين الطاف حسين جوکيو صاحب کي ڀليڪار سهڻل سائين آءُ سائين جن کي ايترو ئي سڃاڻان جو هو منهنجي دوستن ڪاشف احمد برڪت علي ۽ ادا نادر جن جا دوست آهن سائين جن جو غائبانه تعارف انهن منهنجن دوستن ڪرايو باقي ته سائين پنهنجي باري ۾ پاڻ ڪجه ٻڌائيندا
جواب: سائين الطاف حسين جوکيو صاحب کي ڀليڪار سهڻا مست سائين جن منهنجي دوستن جا دوست آهن ۽ هو پاڻ پنهنجو تعارف پيش ڪندا
جواب: سائين الطاف حسين جوکيو صاحب کي ڀليڪار ادا نادر اسان جا دوست مانَ وارا ابڙو صاحب ۽ ادا مست جن سائين جي تعارف بابت چيو آهي يا ته اوهان سائين جن جو تعارف ڪرايو يا سائين جن کي اساب به گزارش ڪيون ٿا اوهان به ڪيو ته تعارف سيڪشن ۾ اچي سائين پنهنجي باري ۾ ٿورو تعارف سنگت سان ڪرائن باقي ڪجه تعارف ته ادا برڪت ۽ ادا ڪاشف جن جي سائين جي ڪجه ليکڻين جو ونڊ ڪندي آخر ۾ ڏنو ويو هو پر ڪجه تفصيل سان ڪرائين ته بهتر ٿيندو سدائين گڏ