اسيمبليون ڪهڙي مرض جي دوا آهن؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    اسيمبليون ڪهڙي مرض جي دوا آهن؟

    شفيق شاڪر

    موجوده حڪمران قيادت جڏهن جلاوطنيء جي زندگي گذاري رهي هئي ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي مظبوطيء جي حوالي سان انهن جا روزانو ايندڙ بيان پڙهڻ وٽان هئا. جنرل مشرف جي اسيمبلين کي رٻڙ اسٽيمپ چيو ويندو هو جيڪي برابر اهي هيون پر هنن کي ان وقت پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت صرف ان ڪري نظر نه ايندي هئي جو اها سياسي قيادت ايوانن ۾ موجود نه هئي.پوء ماڻهن کي ارڏا بيان به پڙهڻ لاء مليا ته اقتدار ۾ اچڻ سان اهي پهريون مبارڪ ڪم اهو ڪندا جو پاڪستان جو مقدس آئين ٽوڙيندڙ پرويز مشرف کي گھٽ ۾ گھٽ ڦاسيء جي تختي تي پهچائي پوء سک جو ساه کڻندا پر وقت اهو نظارو به ڏٺو جو اهي ئي وزير ۽ مشير ساڳئي پرويز مشرف کان پنهنجن عهدن جو قسم کڻندي نظر آيا.ان واقعي کي کڻي سندن آئيني مجبوري ئي سمجھون پر ان حقيقت جو ڇا ڪجي جو اهي جيڪي مشرف جا محبوب ساٿي هئا انهن مان ڪيئي چهرا اڄ نون ليگ حڪومت ۾ شامل نظر اچن ٿا.جڏهن اها قيادت قسمت جي بازي کٽي هڪ دفعو وري عوامي جمهوري ادارن تي نازل ٿي ته ان وقت جي مخصوص ميڊيا جا ٽاڪ شوز ۽ ڪالم ڏسو ته عوام کي اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته هاڻي هن قيادت پنهن جا ماضيء جا سڀ پاپ ڌوئي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجي غيرجمهوري روين مان وڏو سبق سکيو آهي ان ڪري جمهوري ادارن ۾ وڏيون بنيادي تبديليون اچي وينديون،عوام جو ستل بخت بيدار ٿي ويندو ۽ هر قسم جي آمريت جا سڀ دروازا سدائين لاء بند ٿي ويندا وغيره وغيره پر اهڙو ڪجھ به نه ٿيو.بوٽن وارا ته برابر نه آيا پر هنن نام نهاد سياسي ڊڪٽيٽرن جي روين ۽ نفسيات ۾ ذري جو به ڦيرو نه آيو.حالت اها آهي جو اسيمبلين ۾ وزيراعظم کي حاضريء جو پابند بنائڻ لاء رولز ۾ تبديليون ڪرڻيون پييون. سينيٽ ته پنهن جي محبوب وزيراعظم جي صورت ڏسڻ لاء اڄ به سڪندو رهي ٿو.ڪنهن ڪلاس ۾ ايترا گوسڙو ٻار نه هوندا آهن جيترا گوسڙو ميمبر توهان کي اسيمبلين جي اجلاسن ۾ ملندا.جيڪي اسيبملين ۾ اچڻ جي تڪليف ڪن ٿا انهن جي به اڪثريت صرف ترقياتي فنڊ يا پنهن جا ٻيا ذاتي ۽ ڪاروباري معاملا ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي لاء اچي ٿي. جيڪڏهن عوام انهن اسيمبلين جي اجلاس ۾ سواء هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ، هڪٻئي جي بي عزتي ڪرڻ ۽ هڪٻئي تي الزامن جي برسات وسائڻ جي ٻيو ڪو ڪارائتو ۽ مفيد بحث مباحثو انهن اسيمبلين ۾ ٻڌو يا ڏٺو هجي ته اسان کي به اطلاع ڪري.بيوٽي پارلرن جي تذڪري کان تترن جي ذڪر تائين،شڪار جي ڪارنامن کان شعر شاعريء جي فرمائش تائين سڀ ڪجھ انهن اسيمبلين ۾ برابر ٿيندو رهيو آهي پر جيڪي عوام جا بنيادي مسئلا آهن اهي اڄ به صرف عوام جي ئي بحث جو موضوع بڻيل آهن. جيڪي عوام جي پگھارن ۽ عوام جي خزاني مان ٽي اي ڊي اي ۽ خبر ناهي ڇا جوڇا ماهوار کڻندا ٿا رهن انهن جا شوق ئي ڪجھ ٻيا آهن.هڪڙي ڳالھ جو بهرحال انهن عوامي نمائندن کي ضرور داد ڏيڻ گھرجي ته جڏهن اهي ڪنهن حصي پتيء تان پاڻ ۾ وڙهن ۽ اٽڪن ٿا ته پنهن جي زندگي ء جو اڪيلو سچ ضرور قوم سان ڳالهائين ٿا سو سچ اهو ته اهي هڪٻئي کي ڪرپٽ ۽ مفاد پرست چون ٿا جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي.حالت اها آهي ته اڪثريت وزيرن جي اهڙي آهي جن کي پنهنجن کاتن جي باري ۾ ئي مڪمل ڄاڻ نه آهي جنهن ڪري اهي اسيمبلين مان پڇيل سوالن جا جواب ڏيڻ جي سور کان مورڳو اتان غائب رهن ٿا.جن صاحبن کي پنهنجي کاتي جي به خبر نه هجي انهن کي عام ماڻهوء جي مسئلن جي ڇا خبر هوندي! وزيراعظم جو پٽاٽا پنج روپيا ڪلو وارو لطيفو ته توهان تازو ٻڌي چڪا آهيو.اهي صحيح ٿا چون ته مشرف جي دور ۾ اسيمبليون رٻڙ اسٽيمپ هيون پر هاڻي اهي اسيمبليون ترقي ڪري وڏا تماشا گھر بڻجي چڪيون آهن جن ۾ رکيل اهي نادر مورتون ڪنهن آثار قديمه جي ناياب خزاني کان گھٽ نه آهن.پاڪستان ۾ جمهوريت هڪ ٻي اهم ترقي اها ڪئي آهي جو اسيمبلين مان مخالف ڌر هميشه جي لاء ختم ٿي ويئي آهي. هاڻي جمههوريت جي عظيم تر مفاد ۾ سڀ پنهن جا آهن.ايڪ هي صف مين کڙي هوگئي محمود و اياز!اهي هڪٻئي سان وڙهن ۽ گوڙ ضرور ڪن ٿا پر صرف هڪ ٻئي کي سياسي طور تي بليڪ ميل ڪرڻ لاء،هڪڙا چون ٿا ته مخالف ڌر بليڪ ميلنگ جي ذريعي سندن حڪومت .کان ناجائز فائدا حاصل ڪيا. ڳالھ سوسيڪڙو صحيح آهي پر جن انهن کي اهي ناجائز فائدا مهيا ڪيا اهي پنهن جو پاڻ کي معصوم ۽ مسجد جو ڪک سمجھن ٿا.هيء ڪهڙي منطق ۽ ڪهڙو ڪردار آهي جنهنجو پرچار ڪرڻ ۾ انهن کي ذري جو ڪا هٻڪ نٿي ٿئي.شايد ان ڪري به ته جڏهن ضمير سمهي رهندا آهن ته پوء ڪابه اخلاقي جھل پل نه هوندي آهي.هر معاملي تي غيرسنجيدگي،هر مسئلي تي سياستبازي ۽ هر اشوء تي پوائنٽ اسڪورنگ، نه حالتن جي سنگينيء جو ادراڪ، نه معاملن جي نزاڪت جو ڪو احساس،نه اخلاقي ۽ سماجي قدرن جو ڪو خيال،جمهوري اصولن جي ته ڳالھ ئي ڇا ڪجي جو انهن تي عمل ته پري رهيو صرف انهن تي ويساه جي لاء به اسان کي اڃا صدين جو سفر درڪار آهي.سمجھ ۾ جيڪا ڳالھ نٿي اچي سا اها ته جمهوريت جي بي لغام گھوڙي جا هي سياسي سوار سڀ ڪجھ سمجھڻ جي باوجود اهو بي سمجھيء جو کيل ڇو کيڏي رهيا آهن جنهن جو انجام تاريخ ۾ سواء حسرت ۽ پشيمانين جي ٻيو نظر نٿو اچي!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو