• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امر جليل سنڌي نوجوانن کي ڪيئن گمراهه ڪري رهيو آهي..!!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
امر جليل جا هيٺ ڄاڻايل رمارڪس پڙهڻ کانپوءِ پتو پوي ٿو ته امر جليل ته منافقيءَ جي حد ڪري ڇڏي آهي ـ سندس اڪثر ڳالهيون سنڌي نوجوانن لاءِ گمراهه ڪندڙ ثابت ٿيون آهن ـ جيڪڏهن هندن ڪڏهن به مسلمانن کي عبادت ڪرڻ کان نه جھليو ته ڇا سنڌي مسلمانن وري ڪڏهن هندن کي ائين ڪرڻ کان جھليو هو؟ ائين لڳي ٿو ته امر جليل ڪيتري عرصي کان ڪنهن جي ونگار وهي رهيو آهي يا وري سندس حافظو گھڻو ڪمزور ٿي ويو آهي ـ تصوير جو هڪڙو رُخ ڏيکارڻ وڏي منافقي هوندي آهي ـ

سندس انهيءَ پوسٽنگ تي تبصرو ڪندي، هڪ شخص عبدالعزيز جماليءَ لکيو آهي ته:........ عبدالعزیز جمالی
اگر تنهنجي هندو ابن ڏاڏن ڪڏهن ائين نه ڪيو ته اسان جي مسلمان ابن ڏاڏن ڪڏهن به زوري زبردستي نه ڪنهن هندو جي طهر ڪرائي نه ڪڏهن هندو جو نڪاح مسلمان مولوي کان پڙهايو تو وٽ ثبوت نه آهي پر مون وٽ ثبوت آهي ته اهو ساڳيو هندوستان اتي ئي آهي ۽ ته اڄ به اتي ڏٺو وڃي ته 75% هندو آبادي آهي اگر مسلمان زبردستي ڪن ها ته اڄ 25% نه هجن ها تون پڙهين ٿو پر تحقيق نه ٿو ڪرين . اسلام کان وڌيڪ امن وارو مذهب هن دنيا ۾ آهي ئي ڪون ۽ اها اصليت تڏهن توتي ظاهر ٿيندي جڏهن تون تحقيق ڪندي ـ
 
امرجليل بيشڪ ڀلوڙ ليکڪ آهي، آئون به سندس لکڻين کان متاثر آهيان ۽ مون سندس ناول تمام گهڻا پڙهيا آهن، پر سنڌي چوڻي آهي ته اَسِي مَتَ کَسِي... سائين ڇا ٿو ڪري سگهجي.
 
مان امرجليل جو مھراڻ ٽيوئ تي پروگرام ڏٺو آھي۰ مون ايئن ڏٺو آھي ته ماڻھن کي اسلام جي خلاف ويٺو ٿو برغلائي۰ ليکڪ ڀلوڙ ڀلي آھي پر سندس ليکڪائپ جي ڪسوٽي صرف سنڌي قومپرستي ھئي۰ اسلام جي خلاف ماڻھن کي جيڪو ويٺو ٿو برغلائي اهو جيڪڏھن پنھنجي لکڻين ۾ لکي ته پوء خبر پوندي ته ماڻھو کيس ڪيترو ليکڪ ٿا مڃن۰

رھي ڳالھ ھندو ۽ مسلمانن جي ته اھو دنيا جو دستور آ ته ماڻھو جتي به ھوندا آھن پاڻ ۾ ورھايل به ھوندا آھن ائون ٺهيل به هوندا آهن۰ اھڙي ريت پاڪستان کئون پھريون سنڌ ۾ رھندڙ ھندو ۽ مسلمانن کي ھڪ ٻئي سان ساڙ به ھيو ته ٺاھ ۽ ميٺ محبت به ھئي۰ ھندن جا مسلمانن سان ۽ مسلمانن جا ھندن سان ميٺ محبت جا مثال به کوڙ موجود آھن۰ پاڪستان ٺھڻ ڀيري ھندوستان ۾ جيڪي خوني فساد ٿيا انھن کان سنڌ محفوظ رھي۰ ان هڪڙي ڳالھ منجھئون ئي ثابت اھو ٿو ٿئي ته سنڌي مسلمانن سنڌي ھندن سان ڀائيچاري وارو سلوڪ ڪيو۰ اھو ته ٺھيو، سنڌي مسلمان سياسي ليڊرن منجھئون ٻه ڄڻا گھڻي قدر شاھنواز ڀٽو ۽ سرھندي ھيا انھن سنڌي ھندن کي وڃي دلجاء ڏني ته ھندوستان نه لڏن، ھتي سنڌ ۾ سندن وار به ونگو نه ٿيندو ان ھوندي به سنڌي ھندو ھندوستان لڏي ويا۰ ڇوته سنڌ جي شھري آبادئ گھڻو ڪري ھندن تي ٻڌل ھئي تنھنڪري هندن جي مجموئي لڏ پلاڻ جي ڪري ڪيترا ئي شھر ويران ٿي ويا (مثال طور ٺٽي ضلعي جو شھر شاھ بندر)، سندن ڇڏيل ملڪيتون پناھگيرن جي آباد ڪرڻ جو سبب بڻيون۰ پاڻ ته بي وطن ٿيا ئي ٿيا، سندن مجموعي لڏ پلاڻ جي ڪري سنڌ ملڪ کي به سماجي طور تي ڏاڍو نقصان رسايئون ڇوته سنڌ جي سماج ۾ سندن گھڻو حصو ھيو جيڪو هڪ منو خالي ٿيڻ جي ڪري سندن خال ڀرجي نه سگهيو مٿئون لياقت جي حڪومت تي قبضي ھجڻ جي ڪري دنيا جي وڏي ۾ وڏي لڏ پلاڻ ٿي جيڪي سڀ اچي سنڌ ۾ ھندن جي ڇڏيل ملڪيتن تي آباد ڪيا ويا۰ نتيجي طور ھڪڙي پاسي هندن جي مجموعي لڏپلاڻ جي ڪري سنڌي سماج ۾ خال پيدا ٿيو ٻئي پاسي پناھگيرن جي مجموئي طور بيحد وڏي پيماني تي لڏي اچڻ ۽ لياقت جي سرپرستي ۾ سنڌ دشمني جي ڪري سنڌ کي سماجي طور تي ڏاڍو نقصان رسيو۰

باقي رھيو سوال امرجليل جي اسلام ائون مسلمانن جي خلاف پروپيگنڊا جي ته ڪي ماڻھو اھڙا ھوندا آھن جيڪي يا ته پگھاردار هوندا آھن يا ته وري کين خوشامد ڪرڻ جي عادت ھوندي آ پوء ڀلي اڳين کي ڪن جن ئي نه هجي جيئن چوڻي آ ليکي نه ليکي، لال جي ليکي ۽ ٻيا به گھڻا سبب ٿيندا ھن ماڻھو کي پاڻ وڃائڻ جا۰
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سائين سومرا صاحب هي اسلام جي خلاف صرف بي تڪو تير آ جيڪو هن ئي کي پيو لڳي باقي هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون سي به هن جي زباني ته سڀ ڪوڙ ههڙي ڪوڙي مواڻهو لکي اديب چوڻ ادب جي توهين آهي هي سنڌ ۾ امير طبقي جي بي وجه تنقيد ڪري ڪهاڻيون گهڙيون اٿس ۽ هن ڳوقت صرف هي بي هوده طرز تي هلي سنڌي نوجوان کي ٻڏتر ۾ پيو وجهي هي دانشوري جي دال جو حقدار به نه آهي ۽ هن جي پهراڻ پوشاڪ منجهائي لڳي ٿو ته هي سنڌي ويس نه پسند ڪري همراه اڌ لينن جو اڌ مارڪس جو ۽ اڌ وري چريائپ جي حوالي ٿيل لڳي ٿو جنهن کي اسلام دشمني ڪندي حيا به نه ٿو اچي
 
امر جليل جي پنهنجي سوچ آهي، هو دليلن سان ڳالهائيندو آهي .... ڪير ڪنهن جو ايمان يا مذهب مٽائي نه ٿو سگهي، جيئن آهي ته ان ماڻهو جو ايمان ئي ڪمزور آهي.
هر ڪنهن جي پنهنجي راءِ آهي .... پر مان سمجهان ٿو امر جليل جيڪا ڳالهه ڪري ٿو اها تڪي توري ڪري ٿو. ان سان اختلاف ته ٿي سگهي ٿو پر اها هر ڪنهن کي آزادي آهي ته هو پنهنجي انداز سان سوچي يا ڳالهائي.
هو اڄ به ايترو ئي مقبول آهي جيترو اڳ ... باقي دوستن کي گهرجي ته اختلاف رکن بدتميزي نه ڪن. اها سٺي ڳالهه ناهي. هونئن به امر جليل کي ڪنهن کان سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي. هو ڇا ٿو پائي يا ڇاٿو لکي ان تي اوهان سنڌ سلامت تي ويهي فتوائون ڏيو ...
 
جي سائين سليمان صاحب اسان کي ايتراض نه آهي ته هو هندو آ واڻيو آ دهريو آ يا اڃا ڪو ٻيو آ پر هن جي ڪهاڻين ۾ جيڪو سبق آ سو سنڌي نوجوانن جي لاءِ هاڃيڪار آهي .....اسان لاءِ پرک ۽ پروڙ سنڌ سنڌيت ۽ سنڌي ماڻهو آهي جي سنڌي ماڻهو ٿي سنڌي نه ڳالهائي ته ان جي شعور تي ڦٽڪار آ ۽ سنڌي ٿي سنڌي ويس وڳاپائڻ کصي ترجيع نه ڏي ته پو ان سنڌي کان ڀينگ ڀلي آ اهڙا ماڻهو ئي اصل ۾ سنڌ ۾ ميرن وارو ڪردار ڪن پيا جنهن مطابق چوڻيون مشهور ٿي ويو هيون ته ميرن کي پنهنجي گهران لڳي ...مطلب ته ڪجه ٽالپر جي انگريزن جو ساٿ نه ڏين ها ته هوند انگريز سنڌ ۾ پير پائي نه سگهن ها .....هي به انهن ميرن جهڙا سنڌي آهن جن مان نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀئه..........هر سچ کي سامهون ڪري پرک ڪريو اها ئي دانشمندي آهي شخصيت پرستي نه پر سنڌ جي عظيم مقصد کي سامهون رکڻو پوندو .......وڌيڪ وس جا مالڪ آهيو واڪا ڪرڻ مون وس .....
 
ڀلا مير ور۾ ئي ڦير گهير ڪئي هئي.ي ڪهڙا سنڌي هيا؟؟؟؟

اهو عجيب بحث آهي ته ڪو سنڌي ويس نه پائي ته اهو سنڌي ناهي؟ هن اڄ تائين سنڌي ۾ ئي لکيو آهي ۽ سنڌ لاء لکيو آهي.

ڪاش اوهان نيوٽرل ٿي هن جي ڳالهه پڙهو ۽ سمجهو ته هوند اوهان کي خبر پئي ته اسان کي اسلام جي آڙ ۾ ملڪ پاڪستان ڇا ڇا ڏنو ۽ ڇاڇا کسيو ....
اسان وٽ جي هندو آهن ته هجن انهن کي آزادي هجڻ گهرجي ته پنهنجي عبادت ڪن ..... اسان ته قائد اعظم جي پهرين تقرير ۾ ئي ڦير گهير ڪئي هئي.
باقي نوجوان سڀ سمجهن ٿا ۽ هو اهو به سمجهن ٿا ته ڪيئن نه اسلام جي آڙ ۾ سنڌ ڌرتي کسجي رهي آهي. اسان جي عينڪون ڪونه لاٿيون ته پوء سنڌ سنڌ ئي ڪندا رهنداسين.
 
Back
Top