هڪ چوڻي آهي ته ڪجهه شيون ٻين سان شئير ناهن ڪبيون جهڙوڪه واليٽ (ٻٽون/پرس) ڪمپيوٽر، محبوبه ۽ موبائل فون... پر ڪجهه اهڙا به دوست ملندا آهن جن سان مٿي ذڪر ڪيل شين مان هڪ (محبوبه) ڇڏي باقي شيون شيئر ڪرڻيون پئجي وينديون آهن نه ته دوستي ٽُٽڻ جو خطرو ٿي پوندو آهي.. جيئن ئي سمارٽ فون آيا آهن تيئن ڦوٽوئن ۽ نمبرن کي محفوظ ڪرڻ هاڻ تمام آسان ٿي پيو آهي پر جڏهن توهان اهڙن دوستن سان گڏ رهندا هُجو جتي توهان جو سمارٽ فون انهن جي هٿن ۾ هُجي ته پوءِ توهان کي پرسنل ڊيٽا ظاهر ٿيڻ جو خطرو ٿيندو آهي، ته پوءِ گھٻرايو نه، ڇو ته هاڻ توهان پنهنجي پرسنل ڊيٽا، رابطه نمبر، ڦوٽو، وڊيوز سميت ٻيو به گھڻو ڪُجهه پنهنجن دوستن کان لِڪائي سگھو ٿا صرف هِڪ ايپليڪيشن جي انسٽال ڪرڻ سان جنهن جو نالو آهي ليو (ايل.اي.او) پرائيويسي گارڊ، جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي گھٽ ٿِيندي ڇوته سڀ ڪجهه هڪ ايپ ۾ جو آهي.
ايل.اي.او (ليو) پرائيويسي گارڊ انسٽال ڪرڻ کان اڳ توهان کي اُن جي زبردست فيچرز بابت ٻُڌائيندو هلان.
هي ايپ انسٽال ٿيڻ کان پوءِ توهان کان پيٽرن لاڪ گھُرندي جيڪو توهان پنهنجي مرضيءَ جو رکي سگھو ٿا ۽ اهو پيٽرن لاڪ ئي توهان جي سڀني ايپليڪيشنز، ڦوٽوئن لاءِ جو لاڪ هوندو.
ايپ لاڪ
جيڪڏهن توهان پنهنجن دوستن کان فيسبوڪ ميسينجر، واٽس ايپ ۽ ٻِيُون اهم ايپيڪيشنز لِڪائڻ چاهيو ته پوءِ هن ايپ کي کوليو، جيئن ئي ايپ کُلندي ته توهان جي سامهون چار آپشن اچي ويندا، انهن مان ايپ لاڪ تي ڪلڪ ڪريو، ان کان پوءِ جيڪا ايپ لاڪ ڪرڻ چاهيو اُن جي سامهون تالي (لاڪ) جي نشان تي ٽچ ڪريو ، ائين ڪرڻ سان اُهو قُلف (لاڪ) نيري رنگ ۾ ٿي ويندو جنهن جو مطلب توهان جي ايپ محفوظ آهي J وڌيڪ تفصيل لاءِ هيٺ ڏنل تصوير ڏِسو.
هراس انٽر
جيڪڏهن توهان وٽ ڪجهه اهڙا نمبر هُجن جيڪي بار بار تنگ ڪندا هُجن يا توهان انهن جون ڪالز ڏِسڻ پسند نه ڪندا هُجو ته ليو پرائيويسي گارڊ جي هِن فيچر ۾ اُهي نمبر جمع ڪريو ۽ پوءِ سُڪون جو ساھ کَڻو.
اينٽي ٿيفٽ
هوئن ته اهو فيچر مون اڃا تائين ناهي آزمايو پر سُٺو فيچر آ تڏهن ته باقي آ ۽ منهنجي خيال ۾ هِن فيچر جي ڪري ئي هِي ايپ مشهور آهي.
بريڪ اِن الرٽ
جڏهن توهان کي خطرو هُجي ته توهان جو پاسورڊ دوستن کي خبر پئجي وئي آ ته پو هن فيچر کي آن ڪريو هي فيچر توهانجي پرائيويسي کي ٽوڙيندڙ جي تصوير پاڻ وٽ محفوظ ڪندو جيڪي پو توهان ڏِسي سگهو ٿا.
هن ايپ ۾ ٻيا به زبردست فيچرز شامل آهن، جيڪي توهان هيٺ تصوير ۾ ڏِسي سگھو ٿا ۽ توهان ان مان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته هِي ايپ ڪيتري حد تائين فائديمند آهي
آئون هِن ايپ کي گذريل ٻن هفتن کان استعمال ڪندو اچان ۽ هاڻ بي_اونو ٿِي موبائل دوستن جي هٿ ۾ ڏيندو آهيان ڇوته جڏهن ليو هُجي ته موبائل ڏانهن لِيئو پائڻ جي ڪهڙي ضرورت ؟
ليو پرائيويسي گارڊ انسٽال ڪرڻ لاءِ توهان گوگل پلي اسٽور جي هِن لِنڪ جو ڀيرو ڀريو