• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زندگي سان پيار ڪر.....

زندگي سان پيار ڪر
____________
زندگي سان پيار ڪر وندر جو ونهوار ڪر
اصول هي اسلوب جا ڪين ڪي بيڪار ڪر
ميٺ محبت کي وڌاءِ سڪ ساڻيه ساڻ لاءِ
ڪينو ڪڍ تو اي مسافر قرب محبت يار ڪر
جنبشن جو هي جهان جرڪي پوندو لا مڪان
عشق ڪر اثرائتو ۽ غفلتن کي گار ڪر
ڌار تون گڻ پاڻ ۾ سنسار سارو ڄاڻ ۾
ساءُ ڪر سڀ سار ۾ عشق نه انڪارڪر
ريس ڪر تون رغبتن ۾ ملنساري محبتن ۾
نفس جي ڪر تون نفي روح جي رفتار ڪر
ساري دنيا تنهنجي آهي پيار پريت پنهنجي آهي
لوڀ لالچ کي وڃائي الفتن آڌار ڪر



رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top