سنڌ ۾ ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي اهميت

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ ۾ ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي اهميت​



    محمد ادريس راجپوت

    [​IMG]



    [​IMG]



    سنڌ ۾ مهانگائي چوٽ تي چڙهيل آهي. ماڻهن جي حالت تمام خراب آهي. ان جو هڪڙو مثال اهو به آهي ته هڪ ماءُ حيدرآباد ۾ پنهنجو ڇهن مهينن جو ٿڃ پياڪ ٻار انهيءَ ڪري ايڌي سينٽر وارن کي ڏئي وئي، جيئن هو بکن وگهي گذاري نه وڃي. ٻي غربت جي سٽيل هڪ ماءُ پنهنجن چئن ٻارن کي ايڌيءَ وارن کي ڏيڻ آئي ته جيئن هو به انهن کي زنده ڏسي سگهي، پر اهو ٻڌي موٽائي وئي ته هڪڙو ڀيرو ايڌيءَ وارن جي حوالي ڪرڻ بعد هوءَ پنهنجي ٻارن سان ڪڏهن به ملي نه سگهندي. پهرين ماءُ اها ڳالهه سهائي به پنهنجي ٻار کي ايڌيءَ وارن جي حوالي ڪري وئي، جو هن کي پنهنجي ٻار جي زندگي عزيز هوندي. دنيا ۾ سچو پيار تمام گهٽ آهي، پر ماءُ جي اولاد سان پيار لاءِ ڪنهن به ثبوت جي ضرورت ناهي. مٿين ماءُ به پنهنجي پيار ۽ محبت سبب ئي اها قرباني ڏني ته جيئن سندس ٻار سکيو رهي. هن پاڻ ته جدائيءَ جو صدمو ۽ ڏک سهڻ قبول ڪيو، پر پنهنجي ٻار جي زندگي بچائڻ لاءِ ان کي ٻين حوالي ڪري ڇڏيائين.

    ماءُ جي پيار جو هڪ مثال تاريخ ۾ به ملي ٿو. هڪڙي جج وٽ ٻه عورتون فريادي ٿي آيون. انهن جو جهيڙو هڪ ٻار تي هو. ٻنهي جو چوڻ هو ته اهو ٻار هن جو هو. جج شروع ۾ ته پريشان ٿيو ته نيٺ به هو فيصلو ڪيئن ڪري، پر پوءِ چيائين ته جيڪڏهن ٻئي پنهنجي ضد تان نٿيون لهن ته ٻار کي ٻه ٽڪرا ڪري هر هڪ کي ٻار جو هڪ اڌ ڏنو وڃي. جلاد تلوار کڻي اچي بيٺو. ايتري ۾ هڪڙيءَ عورت چيو ته مان پنهنجيءَ دعويٰ تان هٿ ٿي کڻان، ڀلي ٻار ٻيءَ عورت کي ڏنو وڃي. جج کي اها ڳالهه سمجهڻ ۾ دير نه لڳي ته ٻار جي اصل ماءُ اها ئي آهي، جيڪا پنهنجي ٻار جي ته قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر ان کي ٻه اڌ ٿيندي ڏسڻ نٿي چاهي. اهي ته اهي مثال آهن، جيڪي اسان جي ڄاڻ ۾ آيا، پر ڪيترا ئي اهڙا مثال به هوندا، جيڪي اسان جي علم ۾ ئي ناهن. شاعر فيض احمد فيض چوي ٿو

    وه جو اب چاڪِ گريبان بهي نهين کرتي هين​

    ديکهني والو ذرا ان کا جگر تو ديکهو​
    !
    سنڌ جي واهن تي آباد ٿيندڙ علائقن ۾ پوءِ به حالت ڪافي ٺيڪ آهي، پر ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ٿر ۾ ماڻهن جي ڪهڙي حالت هوندي، جتي روزگار جا ذريعا تمام گهٽ هئڻ سان گڏ اچڻ وڃڻ جون سهولتون به نه هئڻ جي برابر آهن. اڄ انهن علائقن کي ترقي وٺرائڻ بابت ڪجهه ڳالهيون ڪريون ٿا، ته جيئن انهن بي وس ۽ مجبور ماڻهن کي روزگار جا ڪي وسيلا مهيا ٿي سگهن، جن جي حالت تمام خراب آهي ۽ جن جي ڪو به ٻڌڻ وارو نه آهي. اسان جي ترقيءَ جو سمورو بار درياهه جي پاڻيءَ تي آباد ٿيندڙ علائقن تي آهي، جيڪي سنڌ جي ايراضيءَ جو اٽڪل ٽيون حصو آهن. باقي ٻه ڀاڱي ٽي حصو ڪوهستان ۽ ٿر تي مشتمل آهي. انهن علائقن جي بنيادي گهرج پاڻي آهي. جيڪڏهن اهو اتي مهيا ڪيو وڃي ته اتي حالتون سڌري سگهن ٿيون. سنڌ ۾ پاڻيءَ ملڻ جا ٽي ذريعا آهن: پهريون سنڌو درياهه، ٻيو زيرِ زمين ۽ ٽيون برسات. درياهي پاڻيءَ تي سنڌ جو نهري نظام ٺهيل آهي، جنهن مان ٻن بئراجن رستي اٽڪل هڪ ڪروڙ ٽيهه لک ايراضيءَ کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. درياهن ۾ وهڪرا گهٽجڻ ۽ پاڻيءَ جي ورڇ صحيح نه هجڻ ڪري اسان کي گهرج مطابق نهري پاڻي نٿو ملي. خاص تڪليف آڳاٽي خريف ۾ ٿئي ٿي، جڏهن اسان جا مکيه فصل وونئڻ ۽ ساريون پوکيون وڃن ٿيون. پاڻيءَ وڌائڻ جو رڳو هڪڙو ذريعو آهي ته وڏا ڊيم ٺهن، پر انهن جي نتيجي ۾ تمام وڏا ماحولياتي ۽ معاشرتي مسئلا پيدا ٿين ٿا. ٻيو ته مٿئين حصيدار تي ايتري بي اعتباري ۽ بي اعتمادي آهي، جو اسان انهن جي باري ۾ سوچي به نٿا سگهون. في الحال اسان وٽ درياهي پاڻيءَ جو وڌڻ به ممڪن ناهي. ان ڪري اسان پنهنجي نظام کي سڌاري ۽ واٽر ڪورسن ۽ شاخن کي پڪو ڪري، موجود پاڻيءَ جي اپت وڌائي سگهون ٿا.

    ٻيو ذريعو زيرِ زمين مٺو پاڻي آهي. سنڌ ۾ مٺو پاڻي رڳو اٽڪل 20 سيڪڙي ايراضيءَ ۾ آهي، نه ته 80 سيڪڙو جر کارو آهي. اهو درياهه جي ڪچي ۾، بندن جي ٻاهران ۽ واهن جي ٻنهي پاسن کان ملي ٿو، جتي ٽيوب ويلن ذريعي پاڻي ڪڍيو ٿو وڃي. گهڻي ڀاڱي سرڪاري ۽ خانگي ٽيوب ويل لڳي چڪا آهن ۽ ڪجهه اڃا لڳي سگهن ٿا، پر بجليءَ جي اک ٻوٽ ۽ ان جي ڳاٽي ٽوڙ اگهن ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

    ٽيون ذريعو برسات آهي. جڏهن اها درياهن جي ڪيچمينٽ ۾ پوي ٿي ته درياهن جا وهڪرا وڌائي ٿي. جڏهن ميدانن ۾ پوي ٿي ته ٿر ۽ بر به وسائي ٿي، جڏهن جبلن تي پوي ٿي ته نين ۾ وهڪرا آڻي، انهن کي زنده ڪري ڇڏي ٿي- پر اهو پاڻي تڪڙو وهي وڃي ٿو، جنهن ڪري ڀر وارين زمينن کي وقتي فائدو ٿئي ٿو. جيڪڏهن اهو پاڻي ڪنهن نموني روڪي سگهجي ته مقامي ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو ۽ اهو مناسب هنڌن تي بند ٻڌي روڪڻ ممڪن آهي. اهي بند ٽن ڪمن لاءِ ٿي سگهن ٿا: پهريون ذخيرو ڪرڻ لاءِ، ته جيئن پاڻي پوءِ وقت بوقت ضرورت مهل ڪتب آڻي سگهجي. انگريزيءَ ۾ ان کي اسٽوريج ڊيم چئجي ٿو. ٻيو پاڻي ورائڻ لاءِ، جنهن ۾ انهيءَ بند مٿان شاخن ذريعي پاڻي آباد ٿي سگهندڙ زمينن ڏي کڻي وڃي سگهجي ٿو. انگريزيءَ ۾ ان کي Diversion ڊيم چئجي ٿو. ٽيون پاڻي ڀر وارين زمينن ۾ جذب ڪرائڻ لاءِ، ته جيئن اهو پاڻي کوهه کوٽي يا ٽيوب ويل هڻي ڪڍي سگهجي. انگريزيءَ ۾ ان کي Detention يا چيڪ ڊيم چئجي ٿو. مون کي تازو ڪوهستان ۽ ننگر پارڪر ۾ ڪجهه اهڙن ڊيمن ڏسڻ جو موقعو به مليو آهي، جيڪي سٺا تجربا آهن.

    آبپاشي کاتي وارن ڪجهه ننڍا ڊيم هيٺئين ڪوهستان واري علائقي ۾ ٺاهڻ ۽ ڪجهه اڳ ۾ ٺهيل ڊيمن کي ننگر پارڪر ۾ درست ڪرڻ لاءِ ٻه پي سي ون سال 2006ع ۾ منظور ڪرايون. 2007ع ۾ سنڌ ۾ ننڍن ڊيمن ٺاهڻ لاءِ پنجاب ۽ سرحد صوبن وانگر هڪ سمال ڊيم آرگنائيزيشن ٺاهي وئي. انهيءَ اداري مٿين منصوبن کي نئين ڊيزائن ڪري ڪم شروع ڪرايو. نئين ڊيزائين ڪري انهيءَ جي قيمت وڌي وئي، جنهن تي هنن ٻنهي منصوبن جي نئين پي سي ون ٺاهي. ڪوهستان واري علائقي ۾ 14 ننڍا ڊيم ٺاهڻا هئا، جن جي پهرين قيمت 244 ملين روپيا هئي، پر پوءِ 1251ملين روپيا ٿي وئي. ساڳئي نموني ۾ ننگر پارڪر ايريا واري پي سي ون جي قيمت 10 ڊيمن لاءِ 255 ملين روپين مان وڌي، 746 ملين ٿي وئي. جڏهن اهي پي سي ون منصوبي بنديءَ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري نذر محمد مهر وٽ پهتيون ته هو پريشان ٿي ويو ته قيمت ايتري ڇو وڌي وئي. هن يڪدم ڪم بند ڪرائڻ بدران فيصلو ڪيو ته ڪوهستان ۾ جن اٺن بندن تي ڪم شروع ڪيو ويو هو، اهي ڪم هلن ۽ باقي 6 بندن تي ڪم نه ڪيو وڃي ۽ اهي وفاقي حڪومت کي موڪليا وڃن، ته جيئن ان کان پئسا وٺي سگهجن. ساڳئي نموني ۾ ننگر پارڪر وارن جن 5 بندن کي درست ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو، انهن تي ڪم هلي ۽ باقي پنجن بندن لاءِ منصوبو ٺاهي وفاقي سرڪار کي موڪليو وڃي ته پئسا اها ڏئي. گڏوگڏ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪوهستان ۾ ٺهندڙ 8 بندن ۽ ننگر پار ۾ درست ٿيندڙ 5 بندن لاءِ نئين پي سي ون ٺاهي، منظوري لاءِ موڪلي وڃي. آبپاشي کاتي وارن ڪوهستان ۾ ٺهندڙ 8 بندن جي پي سي ون، جنهن جي قيمت 72 ڪروڙ روپيا پئي ٿئي ۽ ننگر پارڪر ۾ درست ٿيندڙ 5 بندن جي پي سي ون، جنهن جي قيمت 40 ڪروڙ روپيا پئي ٿئي، سنڌ جي منصوبي بنديءَ واري کاتي کي موڪلي ڏني. جڏهن اهي اتي پهتيون ته اهي مون کي ماهرانه راءِ لاءِ موڪلييون ويون. مون پي سي ون ته پڙهيون، پر محسوس ڪيم ته سرزمين ڏسڻ کان سواءِ ماهرانه راءِ ڏيڻ مناسب نه آهي. انهيءَ ڪري مون سمال ڊيم آرگنائيزيشن جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر خالد حيدر ميمڻ کي انهن جي سرزمين تي ٺهندڙ پوزيشن ڏيکارڻ لاءِ چيو. جنهن صاحب پهرين ڪوهستان جي چار ننڍا ڊيم ڏيکاريا. انهن مان ٻه ڪراچي- حيدرآباد سپر هاءِ وي جي دادا ڀائي سيمينٽ فيڪٽريءَ کان کاٻي پاسي نڪرندڙ رستي تي سري ڳوٺ وٽ هئا، جن جو ڪم اڌ ۾ هو. تمام سٺو ڪم هيو. ڳوٺ جا ماڻهو به مليا، جن کي انهن مان فائدو پهچندو. انهن سنڌ سرڪار جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي ۽ چيائون ته ڪا حڪومت ته اهڙي آئي، جن اسان وساريل ماڻهن کي ياد ڪيو. ٻه وري ڪاٺوڙ کان نڪرندڙ رستي جي کاٻي پاسي هئا. اتي به ڳوٺاڻا انهن ڊيمن ٺهڻ تي ڏاڍا خوش هئا. هاڻي مرحلو هو ننگر پارڪر جي درست ٿيندڙ ڊيمن ڏسڻ جو. مان ڪڏهن به ننگر پارڪر نه ويو هوس. جيتوڻيڪ 1988ع ۾ جڏهن مان آبپاشيءَ جو ايڊيشنل سيڪريٽري هوس، تڏهن اتي ڪجهه ڪم ٿيا هئا. انهيءَ زماني ۾ رستو پڪو نه هو، وارياسو رستو هو ۽ ڪيڪڙا هلندا هئا. ننگر پارڪر پهچڻ تمام ڏکيو ڪم هو، پر تنهن هوندي به آبپاشي کاتي وارا اتي ويندا هئا. ننگر پارڪر ٿرپارڪر ضلعي ۾ آهي ۽ بدين کان 230 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي. بهرحال هڪ شام ننگر پارڪر وڃي نڪتاسين. رات اتي رهي صبح جو انهن درست ٿيندڙ بندن جو معائنو ڪيوسين. ڪم تمام سٺو ۽ فني نڪته کان مناسب هو. مون کي اتي هڪ بند سليمان نالي وارو به ڏيکاريو ويو، جيڪو ڪنهن اين جي او ٺاهيو هو، پر انهيءَ ۾ تري مان پاڻي نڪري ويو، جو ان جي ڊيزائين فني لحاظ کان صحيح نه هئي. ڪارونجهر جبل کي برسات پوڻ وقت پاڻي نين ۾ تڪڙو اچي ڪڇ واري رڻ ۾ هليو ٿو وڃي. انهيءَ کي جيڪڏهن ننڍا ڊيم ٻڌي روڪيو وڃي ته نه رڳو ننگر پارڪر کي پيئڻ جو پاڻي ڏيندو، پر آبادي به ٿيندي، مال کي پاڻي ملندو ۽ ننگر پارڪر رڻ ۾ هڪ ماٿري نظر ايندو. منهنجيءَ راءِ موجب ٿيل ڪم تمام سٺو هو، جيڪو مقامي ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ڏيندو ۽ اسان کي اهڙا ڊيم ٺاهڻ تي زور ڏيڻ کپي، جيڪي اهو ڪم ڪن ٿا، تن کي همٿائڻ کپي. مون اهڙي رپورٽ ٺاهي، اعليَ اختيارين کي ڏياري موڪلي آهي.

    پيٽ اهڙي شيءِ آهي، جيڪو انسان کان غلط ڪم به ڪرائي ٿو. روزگار ناهي ته ماڻهو چوريون ڪن ٿا، ڌاڙا هڻن ٿا، اغوائون ڪن ٿا ۽ جسم فروشي جهڙي حد تائين پهچن ٿا. جيڪڏهن اسان ماڻهن جي روزگار جو بندوبست ڪيون ته معاشري مان گهڻيون برايون ختم ٿي سگهن ٿيون. ڪوهستان واري ايراضيءَ ۾، جيڪا شهدادڪوٽ قمبر کان جبلن جي پاسي ۾ ڪراچيءَ تائين ڦهليل آهي، ننڍا ڊيم ٺاهي علائقائي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جو وڏو اسڪوپ آهي. جيڪڏهن اسان ننڍا ڊيم ٺاهي، انهن پٺتي پيل علائقن کي ترقي وٺرايون ته ڪئين مائرون خودڪشين ۽ پنهنجا ٻار ٻين حوالي ڪرڻ کان بچي پونديون ۽ ڪيترا ئي گهر ماتم ڪده بڻجڻ کان بچي ويندا.
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ۾ ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي اهميت

    ادا سٺي شيرنگ آهي
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ ۾ ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي اهميت

    سائين ننڍا ڊيم جيڪڏهن ٺهن ته ٻيو ڇا کپي۔۔۔ پر سائين ننڍن ڊيمن کي اهڙي طرح ٺاهيو وڃي جو انهن جي اڏاوت کي ڪو نقصان نه پهچي سگهي۔۔۔
    باقي نئين باران ۽ نئين گاج تي جيڪا ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي۔۔۔ ساته سراسر بيوقوفي آهي ڇو ته انهن نئين جي وهڪرن ۾ ايتري تيزي آهي جو اهي وڏي کان وڏا جابلو پٿر ٽوڙي وڃي درياءُ تائين پڄائين ٿيون ۽ ها ۔۔ درياءُ‌جي پيٽ کي چيريندي ٻئي پاسي تائين انهن نئين جو پاڻي رسي ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو