خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / آچر 14 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* وفاقي سرڪارآئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي: سينيٽ چيئرمن جي رولنگ (خبر)
** پريشان نه ٿيو، پاڪستان ۾ ائين ٿيڻ عام ڳالهه آهي (تبصرو)

* بينظير يونيورسٽيءَ ۾ 21 رٽائرڊ پروفيسر ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي(خبر)
** اعلى عدالتن جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سنڌ سرڪار جي رت ۾ شامل آهي (تبصرو)

* سنڌ ۾ 80 سيڪڙو استاد اهليت تي پورا نه ٿا لهن: سيڪريٽري تعليم پيچوهو (خبر)
* * ٻيلي! ڳالهه ته آهي سچ پر ڪو مڃي يا نه مڃي (تبصرو)

* فشرمين سوسائٽي ٻيهر نيويءَ کي ڏيڻ جو مطالبو (خبر)
** نيوي کي ملي ته زرداريءَ جي کائو دوستن نثارمورائي پارن جو ڇا ٿيندو؟ (تبصرو)

*سنڌ ۾ ايندڙ هفتي سي اين جي جي بندش ڪانه هوندي (خبر)
* * چڱو ٿيو، پهريون ڀيرو ڪو چڱو ڪم ڪيو اٿوَ (تبصرو)

* منڇر ڍنڍ جو پاڻي انساني صحت لاءِ نقصانڪار آهي (خبر)
* * وڏي وزير قائم علي شاهه جي سکڻن بيانن سان منڇر جو پاڻي صاف ڪونه ٿي سگھندو (تبصرو)

* وفاقي سرڪار سنڌ سان ناانصافيون ختم ڪرائي: ارباب رحيم جو چوڌري نثار کان مطالبو (خبر)
* * نڪ جي پڪائي ته ڏسوا! پنهنجي دور ۾ سنڌ سان ڪي گهٽ جٺيون ڪيون هئائين؟ (تبصرو)

*آمريڪي بجيٽ ۾ پاڪستان لاءِ 86 ڪروڙ ڊالر بجيٽ ۾ رکڻ جي رٿ (خبر)
* * هاڻ نواز شريف جون پنج ئي اڱريون گيهه ۽ سر ڪڙهائيءَ ۾ هوندو (تبصرو)

* پاڪستان ريلوي جو آمريڪي ڪمپنيءَ سان 75 ريلوي انجڻن جي خريداريءَ جو ٺاهه (خبر)
* * چڱو ٿيو، هر واري نقصن سان ڀريل چيني انجڻين مان ته جند ڇٽي (تبصرو)

*کنڊ جي قيمت ۾ مهيني اندر 15 روپين جي واڌ (خبر)
* * لڳي ٿو ته سنڌ سرڪار غريبن کان جيئڻ جو حق کسي وٺندي (تبصرو)

* ڪراچيءَ ۾ آفيسرن ۽ سياستدانن کي ٽارگيٽ ڪرڻ لاءِ مٺائيءَ جي دٻن ۾ بم (خبر)
* *وارننگ: جان پياري اٿو ته مٺائي کائڻ ڇڏي ڏيو...!! (تبصرو)

* هيپاٽائيٽس مريضن لاءِ سٺي خبر، 28 گوريون هاڻ 5868 روپين ۾ ملنديون (خبر)
* *.......پر مسڪين ويچارا 5868 روپيا به ڪٿان ڀريندا؟ (تبصرو)

*ضروري دوائن جي کوٽ، ڪمپنين اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا (خبر)
* * جت انڌير نگري چرٻٽ راجا هوندو، اُتي ته ائين ئي ٿيندو نه (تبصرو)

*ايل اين جي گھرائڻ سبب سستي بجلي ملندي: نواز شريف (خبر)
* * عوام اوهان جي ڏٽن تي ڀلا ڪيستائين ڀروسو ڪندو؟ (تبصرو)

*اقتدار سنڀاليم ته ملڪ ڏيوالپڻي جي ويجھو هو: نواز شريف (خبر)
* * ...اها راڳڻي هر نئون حڪمران ڳائيندو آهي، ڪو نئون راڳ ٻُڌاءِ (تبصرو)
 
Back
Top