• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ويلنٽائين ڊي کي مڪاني رنگ ۾ رڱيو ويو آهي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
چين ۽ جپان سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ويلنٽائين ڊي پيار ۽ محبت جي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي. محبت پاڪ به ٿي سگھي ٿي پر ضروري ناهي ته پيار ۽ محبت جو رڳو ناجائز مطلب ڪڍيو وڃي.
ويلنٽائين جيڪو عيسائي پادري هو تنهن کي شاديءَ جو نڪاح پڙهڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏني وئي جڏهن ته رومن بادشاهه ڪلائيڊيس شادين ڪرڻ تي بندش وڌي هئي ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته ماڻهو شاديون ڪن ٿا ۽ سندن ٻار پيدا ٿين ٿا جن جي محبت ڪارڻ لڙاين ۾ حصو نه ٿا وٺن.
افسوس ته اسان وٽ عام ماڻهوءَ کي گمراهه ڪرڻ لاءِ اها ڪوڙي پرچار ڪئي وڃي ٿي ته ويلنٽائين، زنا جو حامي هو جڏهن ته سچائي ان جي ابتڙ آهي. ستارڪيميڪلس، فيصل آباد اڌ صفحي جو اشتهار ڇاپرائي اهڙي گمراهه ڪندڙ پرچار ڪئي آهي.
آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي زال مشعل لاءِ نظم پڙهي، ويلنٽائين ڊي ملهايو آهي. ضرورت ناهي ته پيار ناجائز ڪيو وڃي جڏهن ته پيار پنهنجي زال، ڀيڻ، ماءُ، مڙس، ڀاءُ ۽ پيءُ ُغيره سان به ٿي سگھي ٿو. هاڻ جيڪي ان کي غير مسلمانن جو ڏينهن ڪوٺي، مخالفت ڪن ٿا، سي ٻڌائين ته هو انگريزي يعني عيسوي سال کي ڇو ٿا اپنائن؟ ٻارن جون شاديون،سالگرهون وغيره به عيسوي سال جي حساب سان ڇو ٿا ملهائن؟ سو جيڪڏهن انهيءَ اصول تي هلبو ته مزدورن جو ڏينهن، عورتن جو ڏينهن ، انساني حقن جو ڏينهن وغيره به نه ملهائبا. اهڙي ريت، اهڙن ماڻهن کي غير مسلمانن جي ايجاد ٿيل شين جي استعمال کان به پاسو ڪرڻ گهرجي جن ۾ ڪمپيوٽر ، ٽي وي، ايئرڪنديشنڊ، فرج، هوائي جھاز جو استعمال وغيره شامل آهن. اهڙي ريت ميڊيسن ۾ به عيسائين کي پري رکڻو پوندو.
نوٽ: هن پوسٽ سان هر ڪنهن کي اختلاف جو حق آهي، جيڪي اخلاق جي اندر رهي اختلاف ڪري سگھن ٿا پر بدتميزي برداشت نه ڪئي ويندي.
 
Back
Top