رحمت الله ماڃوٺيءَ سان 13 سالن بعد ٿيل ملاقات هُو ته خوشيون ورهائڻ آيو هو.... انور ابڙو لڳ ڀڳ يارهن ٻارهن سالن کانپوءِ هڪ شخص سان ملاقات ٿي. هُو ڊگهي قد، وڏن وارن ۽ سهڻي شبيهه وارو شخص، جنهن بابت مون شايد اڳ ۾ به ڪٿي لکيو هو ته،”هُو مون کي امتياڀ بچن جهڙو لڳندو آهي،“ اُهو جڏهن هڪ شام جو اوچتو ، ايترن سالن بعد آفيس ۾ گهڙي سامهون ٿيو ته، مون به جيئن ئي اوچتو ڪنڌ مٿي کڻي کيس ڏٺو ته مون کان ڇرڪ نڪتو - ۽ اُن سان گڏ خوشيءَ واري کِل به، جا کڻي، اڳتي وڌي ساڻس ڀاڪر پائي مليس. اِهو رحمت الله ماڃوٺي هو، جنهن جهڙو ڪهاڻيڪار، ڊرامي نگار ۽ مزاح نگار هِن وقت سنڌ ۾ مون کي ٻيو ڪوبه نظر نٿو اچي. پر هِن کي صرف سندس مزاج مار کارائي آهي، جنهن تي مان خوش ٿيندو آهيان، اِهو مزاج ئي هِن جي انفراديت آهي، نه ته هيءُ ’رحمت الله ماڃوٺي‘ نه هجي ها. گذريل يارهن ٻارهن سال.....گهڻو ڪجهه اِن عرصي دوران ٿي گذريو. الائي ڪير ڪير وڇڙيا، ڪيترائي نوان ماڻهو، نوان دوست ۽ نوان ڪم مليا، نوان درد مليا، نيون خوشيون مليون، پر اسان پاڻ ۾ نه ملي سگهياسين. پر هاڻي هُو شيخ اياز وانگر موت کي موٽائي، ٻيهر واپس اچي ويو آهي- ۽ وري ساڳئي ڪم سان: ڊراما، ڪهاڻيون ۽ مشڪريون.... هِن جي مشڪريءَ ۾ به جيڪا سنجيدگي هوندي آهي، اُها سنجيده لکڻين کان به وڌيڪ هوندي آهي. سچ پچو ته هيءُ مشڪري جي گهاڙيٽي ۾ سنجيده ليک لکندو آهي، ۽ ٻيا اڪثر سنجيده موضوعن جي نالي ۾ مشڪريءَ جهڙيون لکڻيون لکندا آهن. ويٺاسين ته ڳالهيون شروع ٿيون... نوان پراڻا يار دوست، سنڌي ادب، سنڌي ڊرامو، سنڌي ٻوليءَ ۾ مزاح نگاري، سنڌي صحافت، تاجل بيوس، سائين شميرالحيدري، شيخ اياز، انور پيرزادو ۽ ٻيا اديب ۽ اديبن جون اصلي ۽ نقلي تحريرون..... گفتگوءَ جا بي ترتيب موضوع بڻجندا ويا. ”هينئر پي ٽي وي تان منهنجي هڪ سيريئل اردوءَ ۾ هلي پئي، اُن مان ايترا پئسا ملي ٿا وڃن جو پنهنجو خرچ نڪري ٿو اچي، باقي پٽ جوان آهن، سي گهر جو خرچ پورو ڪن پيا،“ رحمت الله ماڃوٺيءَ منهنجي اِن پڇڻ تي ٻڌايو ته،”اڄڪلهه ڪهڙو ڪم پيا ڪيو؟“ رحمت الله ماڃوٺي اڳ ۾ هڪ سنڌي اخبار ۾ ڪالم لکندو هو، پر ڪجهه مهينا اڳ ۾ سندس دل گڙٻڙ ڪئي ته اچي دل واري اسپتال ۾ داخل ٿيو. دل جو اِهو ڌڪ پچائي وري ساڳئي زنده دليءَ سان هُو پنهنجا ڪم ڪري ٿو ۽ دوستن سان ملي ٿو. رحمت الله ماڃوٺيءَ پنهنجي صحافتي سفر ۾ ڪيترين ئي ننڍين وڏين اخبارن ۽ ٽي وي چينلز تي ڪم ڪيو آهي، پر سندس اصل سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ، ڪالم نگار ۽ ڊرامي نگار واري آهي. هِن جي هر لکڻي جڏهن به پڙهڻ شروع ڪبي آهي ته، خبر ناهي پوندي ته، ٻي سِٽ ۾ اهِا ڪهاڻي، ڪالم يا ڊرامي جو منظر ڪهڙو رخ اختيار ڪندو، ڪردارُ، ڪهاڻي کي ڪهڙي پاسي موڙي ڇڏيندو، ۽ پڄاڻيءَ وٽ ڪهڙي ڪاڪ يا دار سجايل هوندي. سو هِن جي هر لکڻي ۾ لهرون هونديون آهن، گوهيون هونديون آهن نرتڪيءِ واريون ۽ نرت هوندو آهي ٻولي ۽ خيال جو- ۽ ڪٿي ڪٿي اُنهن ۾ ڳوڙهن جو کارو پاڻي پڻ شامل ٿي ويندو، جنهن ڪري رحمت الله جي لکڻي، پڙهندڙ کي ڪيڏانهن وٺي ويندي؟ اِهو پڙهندڙ کي اڳ ۾ بلڪل به معلوم ناهي هوندو. تڏهن ته پڙهندڙ سندس تحرير سان آخر تائين چنبڙيو پيو هوندي آهي. باقي اوهان اڪثر اديبن جي لکڻين جي رڳو پهرين سِٽ پڙهي سمجهي ويندا ته اڳتي ڇا لکيل هوندو ۽ اِن جي پڄاڻي ڪهڙي هوندي. سو مون کي ٽي سال کن اڳ تمام گهڻي خوشي تڏهن ٿي هئي، جڏهن جولاءِ 2014ع ۾ مون کي سنڌي لينگوئيج اٿارٽيءَ پاران پنهنجن دوستن؛ رحمت الله ماڃوٺي (ڪهاڻين جي ڪتاب ”کريل گهڙيال“)، احمد سولنگي (شاعريءَ جي ڪتاب”....“ ۽ ٻين سان گڏ پنهنجي ڪالمن ۽ مضمونن جي ڪتاب ”اڌ صديءَ جو اوجاڳو“ تي 2013ع جو ايوارڊ مليو هو. حيدرآباد ۾ سنڌي لينگوئيج اٿارٽيءَ جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال ۾ ٿيل ايوارڊ تقريب ۾ رحمت الله ماڃوٺي ته شريڪ نه ٿي سگهيو هو، پر ڪراچيءَ مان“ مان ۽ رکيل مورائي اِن تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ وياهئاسين، ۽ جتي احمد سولنگي، مختيار ملاح، نواز خان زنئور ، ممتاز بخاري، مون ۽ ڪجهه ٻين دوستن کي ايوارڊ مليا هئا. اتفاق هيو، جو مون کي خبر به نه هئي، ته اوچتو تاج جويي صاحب مون کي رحمت الله جو ايوارڊ وٺڻ جي لاءِ اسٽيج تي سڏ ڪيو هو. اهڙي طرح رحمت الله جو چيڪ پڻ مون کي ڏنو ويو هو، ته جيئن مان هِن تائين پهچايان. اِن پروگرام جي صدارت سنڌ جي ثقافت کاتي جي صلاحڪار محترمه شرميلا فاروقيءَ ڪئي هئي، پر اِن تقريب جي وڌيڪ اهميت اِنڪري هئي، جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ خاص مهمان جي حيثيت ۾ اِن ۾ شرڪت ڪئي هئي. اُن موقعي تي مون پنهنجي دوست رکيل مورائيءَ کي چيو هو ته،” هو تاج جويي صاحب، جيڪو ڪارروائي هلائي رهيو هو، کي چوي ته، مان ڪامريڊ سوڀي جي هٿان پنهنجو ايوارڊ وٺڻ ٿو چاهيان.“ ۽ پوءِ مون کي جڏهن ايوارڊ ڏنو ويو ته اُن ۾ شرميلا صاحبه سان گڏ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ به، اُٿي بيهڻ جي سگهه نه رکڻ جي باوجود، لٺ جي سهاري اُٿي بيهي، ان ايوارڊ کي پنهنجن هٿن سان ڇهيو هو. چوهڙ جماليءَ ۾ جنم وٺي ڪراچيءَ کي پنهنجو مستقل گهر بڻائيندڙ رحمت الله ماڃوٺيءَ کي مان وڌيڪ 1995ع کان تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن اسان هڪ سنڌي اخبار ۾ گڏ ڪم ڪيو هو. هيءُ هميشه مون کي ٽوڪيندو هو ته، ايترو گهڻو ڪم نه ڪر. ۽ پوءِ دهشتگرديءَ ۾ ورتل ڪراچي شهر ۾ جڏهن اسان آءِ آءِ چندر ريگر تي واقع يوني ٽاور جي نائين ماڙ واري پنهنجي آفيس مان رات جو ساڍي ٻارهين هڪ وڳي هيٺ لهندا هئاسين، ته هيءُ ٻين دوستن سان گڏ بيهي، مون کي دعائون ڏيئي، گهر موڪلي، پوءِ پاڻ گهر ويندو هو. تڏهن هيءُ لياريءَ ۾ گهڻو ڪري ته کجور بازار ڀرسان هڪ فليٽ ۾ رهندو هو. هِتي مان اِهو اعتراف ڪندي به خوشي ٿو محسوس ڪيان ته، رزاق مهر کانپوءِ رحمت الله ماڃوٺي ئي هو، جنهن مون کي پي ٽي وي تي ڊرامي لکڻ جي لاءِ همٿايو هو- ۽ جڏهن 2002ع ۾ ڪي ٽي اين چينل اچي رهيو هو ۽ اِن جي آءِ آءِ چندر ريگر روڊ تي بمبئي هوٽل واري بلڊنگ ۾ علي قاضي صاحب آفيس قائم ڪري، چينل آڻڻ جو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو ته، اُنهن شروعاتي ڏينهن ۾ رحمت الله ماڃوٺي ڪي ٽي اين جو اسڪرپٽ ايڊيٽر هو. سو هِن هڪ ڏينهن مون کي فون ڪري چيو ته،”سيريئل کڻي اچ.“ رحمت الله کي اڳ ۾ خبر هئي ته مون اردو ۾ هڪ سيئريل ”ٽڪه“ جي نالي سان لکي هئي، جيڪا اسان جي دوست ۽ بهترين اداڪار اسماعيل چانڊيي هڪ خانگي اردو چينل جي لاءِ مون کان لکرائي هئي ۽ جيڪا رڪارڊ نه ٿي سگهي هئي. مان هِن جي حڪم تي هڪ شام جو ڪي ٽي اين جي آفيس ۾ آيس. هِن علي قاضي صاحب سان منهنجي ملاقات ڪرائي، جنهن چيو ته فوري طور چار قسطون کڻي اچ. پوءِ مون پنهنجي اردو سيريئل کي سنڌي ۾ نئين سرِ لکڻ شروع ڪيو، ۽ جيڪا ”ڪشالا“ جي عنوان سان ڪي ٽي اين تان ٽيليڪاسٽ ٿي هئي. رحمت الله جي هڪ وڏي خوبي اِها به آهي ته هيءُ وڏو ”ماڻهو شناس“ آهي- ۽ رکُ رکاءَ مان بنهه به نه ڄاڻي. شايد تڏهن ئي مون کوڙ سارا اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي رحمت الله کان ”ڪَنُ“ هڻندا آهن. مان سندس غصي جو به شاهد آهيان ته، کيس مُنهن تي ماڻهن کي ڪڙو سچ چوندي به ڌٺو اٿم. بلڪل ائين هيءُ پنهنجي لکڻين سان به سچو آهي. ڪنهن وقت مون کي چيو هئائين ته،”مان ڪابه لکڻي جيڪڏهن پڙهندو آهيان، ته اُن ۾ بلڪل گم ٿي پوءِ پڙهندو آهيان. ۽ جيڪڏهن لکندو آهيان، تڏهن به ائين ئي گم ٿي.“ مون کيس ائين گم ٿي لکندي به ڏٺو آهي- ۽ ايترو گم ٿي لکندي جو، جيڪڏهن سندس ڀرسان ڪو جهاز ڪِري پوي، تڏهن به اطميان سان، دير سان ڪو ڪنڌي مٿي کڻي، اُن کي ڏسندو، وري پنهنجي لکڻ واري ڪم ۾ گم ٿي ويندو. رحمت الله اداڪار به وڏو آهي، هِن مختلف ٽاڪ شوز ۾، مختلف گيٽ اپس ۾ جيڪو به ڪم ڪيو ، اُهو لاجواب هو. جڏهن هڪ ٽي وي چينل تان هِن ۽ حفيظ ڪنڀر جو مزاحيه ٽاڪ شو ايندو هو ته، منهنجو وڏو ڀاءُ ادا منظور پنهنجن دوستن کي چوندو هو، ”او اِهو انور جي دوست جو پروگرام آيو اٿوَ.“ ۽ جڏهن مون اِها ڳالهه ٻڌي هئي ته مون کي بي انتها خوشي ٿي هئي. افسوس جو اڄ منهنجو اِهو ڀاءُ برين هيمريج سبب ڳالهائي ٻولهائي نٿو سگهي! اِنهن پروگرامن مان هِن هڪ ڪاٺياواڙي ميمڻ جو لاجواب ڪردار ڪيو هو. اداڪاريءَ ۾ جيڪڏهن هيءُ شروع کان ئي ڪم ڪندو اچي ۽ کيس موقعا ملن ها ته، شايد عرب اداڪار عمر شريف کان به وڏو اداڪار هجي ها. تڏهن ئي ته مٿي ڄاڻايل ملاقات ۾ چيائين،”هيءَ شرمين عبيد چناءِ جنهن اڳ ۾ Saving Faceڊاڪيومينٽري ٺاهي آسڪرايوارڊ جي نامينيشن حاصل ڪئي هئي، ۽ جنهن جي تازو جنوري مهيني ۾ A Girl in the River: The Price of Forgiveness جي عنوان سان تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري وري آسڪر ايوارڊ جي لاءِ چونڊي وئي آهي، جيڪڏهن مون وٽ وسيلا هجن ته، مان اِن کان وڌيڪ ڀليون ڊاڪيومينٽريز ٺاهي سگهان ٿو.“ رحمت الله جي اِها ڳالهه، ڊاڙ نه هئي، پر سچ هو، ڇاڪاڻ جو هِن ۾ ان کان به وڌيڪ تخليقي ۽ فني صلاحيت آهي. سو، سالن کانپوءِ رحمت الله ماڃوٺيءَ سان ٿيل اِن ملاقات ۾ مون وڏي عرصي کانپوءِ ٽهڪ ڏيئي کِليو، جنهن تي ائين محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي دل ۽ دماغ صاف ٿي ويا هجن... ۽ پوءِ جڏهن هيءُ موڪلائي ويو ته محسوس ٿيو ته، هُو ته رڳو خوشيون ورهائڻ آيو هو، جيڪي ورهائي هليو ويو...... ڪاوش دنيا، 7 فيبروري 2016ع