تبديلي کپي! علي قاضي ننڍي کنڊ جي جيئري ليجنڊ گلزار جي هڪ فلم ”معصوم“ جو اهو گانو ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو وڻندو آهي، جنهن جا ٻول آهن: تجهه سي ناراض نهين زندگي حيران هون مين تيري معصوم سوالون سي پريشان هون مين اسان جي دانشمند دوستن پاران ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ يا ”نيٺ ڪيئن ڪجي؟“ واري بحث بابت ڪڏهن ڪڏهن ايترا معصوم سوال اٿاريا وڃن ٿا، جو دل چئي ٿي ته انهن سان زوري ڀاڪر پائي، رڙيون ڪري سندن دانش تي روئجي پر آدابِ محفل کي ملحوظ رکندي اهڙي حرڪت ڪرڻ کان پاڻ کي روڪڻو ٿو پوي. وري ڪجهه دوست اهڙا عجيب و غريب اعتراض وارين ٿا، جو پنهنجي منهن ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽهڪ ڏيڻ لاءِ من ڪري ٿو پر پاڻ تي ضبط رکي ڪجهه منٽ صرف مسڪرائڻ سان ڪم هلائڻو ٿو پوي. اسان جي انهن اهلِ دانش حضرات جي اڪثريت سان ڪجهه ڪچهرين يا سندن لکڻين مان سندن راءِ منجهه موجود معصوميت بهرحال صاف نظر اچي ٿي.(مون کي اميد آهي ته اتي اهو سوال يا اعتراض نه اٿاريو ويندو ته دانشمند ماڻهو معصوم راءِ/ خيال ڪيئن ٿا ظاهر ڪري سگهن؟ منهنجي خيال ۾ اگر ڪا راءِ يا ڪو خيال انتهائي Purity (بنا ڪنهن ملاوٽ جي ) سان ڪير به ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪنهن مفاد، ڪنهن تعصب يا ٻئي ڪنهن منفي سوچ جي گدلاڻ شامل نٿي هجي، ته اها راءِ، اعتراض يا خيال يا سوال معصوم هجي ٿو.) هڪڙي ٻئي دنيا به پاڻ وٽ موجود آهي، جنهن جو تعداد جيتوڻيڪ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، اها مخلوق لفظن جي Juggler (شعبديباز) آهي، انهن وٽان توهان کي ڪنهن به ڳالهه جو ڪو به سڌو سبتو جواب ملڻ جي توقع نٿي هجي. توهان کي پيٽ ۾ سور هجي ۽ توهان غلطيءَ وچان انهن سان پنهنجي ان سور جو ذڪر ڪري ڇڏيو ته اهي توهان کي سقراط ۽ ارسطو جا فلسفا ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيندا!! توهان کي بخار سبب مٿي ۾ سور هوندو ته هي صاحب اوشو، مهاتما ٻڌ ۽ ٻين ڏاهن جا قول ٻڌائي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته مٿي ۾ سور بخار جي ڪري ناهي!! غرض ته اهي صاحبلوڪ لفظن جا هلندڙ ڦرندڙ دڪان هجن ٿا، جن جي دڪان تي اگر ڪو اڌ چريو غلطيءَ وچان هليو وڃي ته خير سان مڪمل چريو ٿي واپس نه اچي ته ”پئسا واپس“. سو انهن ”دانشور“ حضرات پاران ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري بحث ۾ صادر ڪيل فرمودات ۽ زرين خيال ٻڌڻ يا پڙهڻ کان آئون پاسو ڪريان ٿو، جو هر ماڻهوءَ جيان مون کي به پنهنجي صحت جو اونو هجي ٿو ۽ ان پراڻي چوڻيءَ ۾ يقين رکان ٿو ته، ”احتياط علاج کان بهتر هجي ٿو“. سو پاڻ انهن معصوم خيالن/ اعتراضن ڏانهن پنهنجو ڌيان ڪريون ٿا، جن مان ڪجهه هن ريت آهن؛ (1) ڪارل مارڪس جي فلسفي ذريعي نظام بدلائجي. (2) نظرياتي پروگرام کانسواءِ ووڪل ڪلاس وارو فلسفو بي معنيٰ آهي. (3) ووڪل ڪلاس فارمولو نه پر هڪ ٻي نئين سياسي پارٽي ٺهڻ کانسواءِ تبديلي ممڪن ناهي. (4) ووڪل ڪلاس جو مطلب آهي مڊل ڪلاس ۽ ان جي اڪثريت پاڻ تبديلي نٿي چاهي. (5) انهن سوالن/خيالن بابت ڪجهه معصوم خيال/جواب منهنجا به آهن. (جنهن تي توهان جي دل چئي ته توهان کي زور سان کلڻ يا منهنجي بي عقلي تي روئڻ جو پورو حق حاصل آهي). گذارش اها آهي ته، ڏهن ٻارنهن سالن کان جنهن نقطي تي فوڪس ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ آهيان، اهو هي آهي ته سنڌ ۾ جيستائين سياسي ڪلچر تبديل نٿو ٿئي، تيستائين اسان جي زندگيءَ ۾ ڪا مثبت ۽ ڳڻپ جوڳي تبديلي ممڪن ڪونهي. آمريڪا ۾ بارڪ اوباما گذريل 10 مهينن جي اليڪشن مهم ان نقطي تي ئي هلائي ته America needs a change (آمريڪا کي تبديلي گهرجي) سو ڏهن سالن کان منهنجو به نقطو اهو ئي هو ته Sindh needs a real change (سنڌ کي حقيقي تبديلي گهرجي). پر جڏهن محسوس ٿيو ته حقيقي تبديليءَ جي خواهشمندن سان سڄي سنڌ ڀري پئي آهي، ته انهن تبديليءَ جي خواهشمندن لاءِ ووڪل ڪلاس جو اصطلاح استعمال ڪيم ۽ ظاهر آهي، تبديليءَ جا خواهشمند ۽ ان لاءِ آواز اٿاريندڙ (يا آواز اٿارڻ جي خواهش رکندڙ) صرف مڊل ڪلاس نه پر اپر ڪلاس، لوئر ڪلاس، غرض ته هر طبقي ۾ ٿورا يا گهڻا ماڻهو موجود آهن، تنهن ڪري ووڪل ڪلاس کي طبقاتي فرق ۾ ورهائڻ ووڪل ڪلاس جي اصطلاح جي صحيح تشريح ناهي. ڪارل مارڪس جي نظريي هيٺ انقلاب آڻي اتي سوشلزم آڻڻ جي حوالي سان ظاهر ڪيل خواهش بابت صرف ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته ڇا اسان وٽ اهڙو ڪو ماحول آهي، جو اهڙي خواهش جي تڪميل ويجهي مستقبل ۾ ممڪن نظر ايندي هجي؟ باقي بحث مباحثي لاءِ ته اسان وٽ ماضي ۾ ڪيترائي ڏهاڪا ان قسم جو بحث جاري رهيو ته طبقاتي جدوجهد ڪجي، يا قومي طبقاتي عوامي جدوجهد ڪجي؟ مزدور طبقو انقلاب جو محور بڻبو. يا هاري طبقو؟ سو بحث ته دنيا ۾ کوڙ سارا هلندا رهندا آهن، اگر دوست اڄ به سرخ انقلاب جي رومانس ۾ رهڻ چاهين ته ڪير ڪنهن کي ڪيئن ٿو روڪي سگهي، باقي اهو سمجهڻ ته اگر ووڪل ڪلاس جا ماڻهو چونڊجي ويا ته انهن وٽ ڪو نظرياتي پروگرام نه هوندو، سو هڪ انتهائي معصوم خيال آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڪلاس جي چونڊيل نمائندن جو بنياد ۽ وجود ئي ”سنڌ ۾ حقيقي تبديلي“ جي پروگرام جو سبب ٿيندو. هي ته ان نظريي جي پيداوار هوندا ته ورهين کان هلندڙ سياسي ڪلچر کي تبديل ڪري گڊ گورننس وسيلي عام ماڻهن جي زندگي ۾ بامعنيٰ تبديلي آڻجي، سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪجي، سنڌ جي هر لحاظ کان واهر ڪجي. سو پروگرام ته واضح آهي ته هن ڪلاس جا ماڻهو ”مثبت حقيقي تبديلي“ جي لاءِ ايندا ۽ رڳو اهو نه پر انهن جي چونڊن ۾ اگر ڪاميابي ٿي ته اها خود اسان جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جو پهريون ڏاڪو هوندي. باقي ان تبديلي جي پروگرام جا تفصيل ۽ مول متا ظاهر آهي ته ان ڪلاس جي ماڻهن پاران چونڊيل ڪا ڪاميٽي ئي ڪندي. ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته ڪا نئين سياسي پارٽي ٺهڻ گهرجي، شايد انهن دوستن جو ڌيان ان ننڍڙي نقطي ڏانهن ناهي ويو ته اگر سڄي سنڌ ۾ ووڪل ڪلاس جا نمائندا چونڊن ۾ بيهندا ته فطري طور هو ڪنهن هڪ Nucleus(مرڪز) سان ته ظاهر آهي جڙيل هوندا. انهن جو ڪو نه ڪو ته Organisational (تنظيمي) نيٽ ورڪ ته ضرور هوندو، باقي اگر ڪنهن جو خيال آهي ته روايتي طور هڪ ٻئي سياسي پارٽي جڙڻ کپي، ته دوستن کي ضرور همت ڪرڻ کپي، پر هڪڙي ڳالهه صرف ياد رهي ته سنڌ ۾ جيتريون سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ موجود آهن، اوترا شايد ئي باقي ٽن صوبن ۾ هجن. سو سنڌ سياسي پارٽين/گروپن جي حوالي سان ماشاءَ الله اڳ ۾ ئي خود ڪفيل آهي، پر اگر ان ۾ ڪو دوست اضافو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪنهن کي به ڇو اعتراض هوندو!! اتي هڪ ٻئي ڳالهه جو به ذڪر ڪندو هلان، جو تبديليءَ لاءِ ووڪل ڪلاس واري سوچ کي غلط قرار ڏيڻ لاءِ ماضي ۾ جڙيل ايس ڊي اي جو مثال ڏنو وڃي ٿو. اها هڪ بنهه معصوم سوچ آهي، ڇاڪاڻ ته ايس ڊي اي موجوده سياسي ڪلچر منجهه موجود انهن ماڻهن جو اتحاد هو، جيڪي پ پ پ مخالف سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن جي سياست جو محور پ پ پ جي متبادل طور اڀرڻ هو پر اهو قطعي نه هو ته اهي هاڻوڪي سياسي ڪلچر کي تبديل ڪندا ۽ اهو ان ڪري ممڪن به نه هو، جو هو پاڻ ان ڪلچر جو ئي حصو هئا، سو ووڪل ڪلاس واري سوچ کي ايس ڊي اي سان ڀيٽڻ معصوماڻي زيادتي هوندي. مون مٿي ڄاڻايل اعتراضن/سوالن جا ڪجهه جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه اعتراض يا سوال اڃا به هوندا، پر جيڪا ڳالهه اطمينان جوڳي چئجي ته سنڌ ۾ آهستي آهستي اهو اتفاق راءِ نظر اچي پيو ته Sindh deserve better and for that we need to change our political culture(سنڌ چڱائيءَ جي حقدار آهي ۽ ان لاءِ اسان کي سياسي ڪلچر جي تبديلي گهرجي. ) سنڌ، جنهن کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جمهوريت پسند ۽ سياسي جاڳرتا جي حوالي سان باشعور مڃيو وڃي ٿو، سان هاڻ گهڻي ٿي ويئي، سنڌ هڪ تبديليءَ جي گهرجائو آهي، پوءِ اها تبديلي ووڪل ڪلاس جي پاڻ سياست ۾ بهرو وٺڻ سان اچي، ڀلي ڪا ٻئي پارٽي اهو ڪم ڪري يا ڀلي هاڻوڪي حڪمران پارٽي يعني پ پ پ، جنهن کي عوام چونڊيو آهي، سياسي ڪلچر ۾ تبديليءَ جو آغاز ڪري يا اگر سرخ، نيلي يا پيلي انقلاب ذريعي اهڙي ڪا تبديلي اچي ته به منهنجي اکين تي، ڇاڪاڻ ته ضد اهو ناهي ته مثبت تبديلي ڪير ٿو آڻي، خواهش اها آهي ته اسان جي سياست عوام دوستي جي اصل روح موجب هجي. جيڪو به حڪومت ۾ اچي، ان وٽ سنڌ جي ڏکن ۽ دردن جي تدارڪ جو نه صرف فهم هجي، بلڪه نيت به هجي، سو اسان جي دانشمند دوستن کي هر جواب لاءِ هڪ سوال ڳولهڻ يا هر حل مان مسئلو ڳولهڻ يا هر عمل پويان سازش ڪڍڻ بدران گڏجي ڪا اهڙي ڪاوش ڪرڻ گهرجي، جيئن سنڌ جي ان آواز ته ”سنڌ جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي گهرجي“ کي هاڻ ڪير دٻائي نه سگهي. مسئلو اهو ناهي ته اسان جي ووڪل ڪلاس جا ماڻهو اليڪشن ذريعي تبديلي واري فارمولي سان سهمت ٿين، پر گهٽ ۾ گهٽ چوطرف نظر ايندڙ غلط ڪمن، فيصلن ۽ عملن کي ڏسي پنهنجي اندر اها سوچ ضرور آڻين ته Enough is enough(هاڻ گهڻو ٿيو) ۽ اها خواهش به مضبوط ڪن ته هي سڀ ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو. هر غلط ڪم ڪندڙ ڪاموري، سياستدان يا ڀوتار کي ووڪل ڪلاس جي هر ماڻهو جي اکين ۾ اهو صاف لکيل نظر اچڻ کپي ته کين ”تبديلي کپي“، هر غلط فيصلو مجبوري سبب قبول ڪرڻ مهل هر ووڪل ڪلاسي جي دل ۾ اهو عزم پختو ٿيڻ کپي ته ”تبديلي کپي“، هر ظلم ۽ ناانصافي ڏسي چهري تي اهو صاف لکجي اچي ته ”تبديلي کپي“. سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجي ٻارن کي پڙهايو ويندڙ مدي خارج نصاب ڏسي، پوليس واري هٿان ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي پٽڪي لهندي ڏسي، روينيو رڪارڊ ۾ هير ڦير جو ٻڌي، هيپاٽائيٽس مرض سبب ڪنهن کي مرندي ڏسي، پاڻي جي اڻاٺ سبب بيٺل فصل سڪندي ڏسي، ماحولياتي گدلاڻ سبب ڳوٺن جا ڳوٺ مرضن ۾ ورتل ڏسي، اٽي جي لپ لاءِ لاچار، ويلا ڪٽيندڙ ڪٽنب جو درد ڏسي، جرڳن ۾ ڀوتارن آڏو پٽ تي ويٺل اٻوجهه ماڻهن جي بيوسي کي محسوس ڪندي، سڱ چٽي ۾ معصوم نياڻين جي مستقبل جو فيصلو ٿيندي ڏسي، غرض ته هر ان ڪڌي ڪم کي ڏسي، جنهن سان دل ڀرجي اچي، اکيون آليون ٿي وڃن، ان مهل هڪ دفعو پنهنجي پاڻ کي وڏي آواز ۾ اهو ضرور چوڻ گهرجي ته، ”تبديلي کپي“ ۽ يقين رکجي ته اها تبديلي اچڻ ناممڪن ناهي. ڪنهن صحافي دوست مون کي چيو ته، ”توهان هرو ڀرو گهڻو جذباتي پيا ٿيو، سنڌ ۾ جن ماڻهن کي توهان ووڪل ڪلاسي چئو ٿا، اهي پاڻ تبديلي لاءِ نه ايترا تيار آهن، نه ئي گهڻو پريشان آهن“. ٿي سگهي ٿو، ان دوست جو خيال صحيح هجي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته اها راءِ بنهه غلط هجي. بدقسمتي سان اسان وٽ آمريڪا يا يورپ جيان راءِ عاما بابت صحيح ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي مستند ادارا موجود ناهن، جيڪي سروي بعد عوامي راءِ ٻڌائي سگهن، پر ان ڏس ۾ اهو ضرور ٿي سگهي ٿو، هر شهر ۾ ڪنهن هڪ يا ٻن هنڌن تي، پوءِ اهو هنڌ شهر جي وچ ۾ ڪا هوٽل، ڪو دڪان، ڪا لائبريري، غرض ته ڪا به اهڙي جڳهه جتي هر شهري جي پهچ هجي، اتي هڪ رجسٽر رکجي، جنهن جي مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل هجي ”تبديلي کپي“ هر اهو ووڪل ڪلاس جو شهري جيڪو تبديلي چاهي ٿو، اهو وڃي ان رجسٽر ۾ پنهنجو نالو ۽ شناختي ڪارڊ نمبر لکي اچي ۽ پندرهن ڏينهن يا مهيني بعد ڏسجي ته ان شهر جا ڪيترا ماڻهو پاڻمرادو هلي وڃي تبديلي لاءِ پنهنجو نالو لکرائي يا لکي اچن ٿا. اتي اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته اگر اهو رجسٽر کڻي ڪجهه ووڪل ڪلاسي شهرين جي در در وڃي نالا لکيا ته ان Concept (تصور) جو مفهوم ئي فوت ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته ڏسڻو اهو آهي ته ڪيترا ماڻهو تبديليءَ لاءِ ڪيترو سنجيده آهن، ڇاڪاڻ ته اگر ڪو ووڪل ڪلاسي پنهنجي گهران سيڙجي اچي، ان رجسٽر تي پنهنجو نالو لکڻ جي به زحمت نٿو ڪري ته ٿي سگهي ٿو ته هو تبديلي جو خواهشمند ضرور هجي، پر هو ان آسري ۾ آهي، ته اها تبديلي کيس ڪو ئي مسيحا گهر ويٺي آڻي ڏيندو. اگر ووڪل ڪلاس (تبديلي جا خواهشمند) ”تبديلي کپي“ واري رجسٽر تي وڏي تعداد ۾ وڃي پنهنجو نالو لکيو ته ظاهر آهي ته ان سان ڪو فوري انقلاب نه اچي ويندو، پر اگر هزارين، لکين ماڻهن سڄي سنڌ ۾ اهڙو عمل ڪيو ته ان عمل کي تبديليءَ ڏانهن پهرين وک ضرور سمجهي سگهبو. ان سان ٻه ٽي ٻيون مثبت ڳالهيون به ٿي سگهنديون، هڪ اهو ته ان ڳالهه جو ووڪل ڪلاس کي به اندازو ٿيندو ته هو سڄي سنڌ ۾ ڪيتري انگ ۾ موجود آهن ۽ گڏوگڏ جمود جي حامي قوتن کي به اندازو ٿيندو ته تبديلي چاهيندڙن جو انگ ڇا آهي ۽ اهو عمل ورهين کان موجود اسان جي سياسي ڪلچر جي خلاف هڪ ريفرنڊم ٿي پيو سگهي. اگر ائين ٿيو ته ان کي ڪنهن حڪومت يا پارٽي يا سياسي فلسفي جي خلاف يا حق ۾ ريفرينڊم يا راءِ قرار نه ڏبي، بلڪه اها سڄي سنڌ جي اجتماعي سوچ جي عڪاسي هوندي، جنهن مان ڪا حڪومت ۽ ڪا پارٽي به فائدو وٺي حقيقي مثبت تبديلي لاءِ جاکوڙي پئي سگهي. اگر آئون Optimistic (پراميد) ٿي سوچيان ٿو ته ڪنهن هڪ شهر ۾ هڪ هنڌ رکيل رجسٽر تي وڃي پنهنجو نالو لکڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، بلڪه بنهه سولو آهي، پر اگر آئون Pessimist ) نا اميد) ٿي سوچيان ٿو ته نظر اچي ٿو ته، هر ڪو سوچيندو ته 50 يا 100رپين جو رجسٽر ڪو ٻيو ڇو نٿو وٺي يا آئون رجسٽر ڇو پنهنجي هوٽل/دڪان تي رکان، ڪو ٻيو ڇو نٿو رکي يا هر ٻيو ماڻهو اهو ئي سوچيندو ته تبديلي آئي ته سڀني لاءِ ايندي، آئون ڇو سيڙجي وڃي نالو لکان؟ وغيره وغيره. آمريڪا جي سول حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جي مشهور تقرير “I have a dream” جو حوالو ڏيندي ڪجهه سال اڳ هڪ مضمون ۾ لکيو هئم ته، سنڌ جي خوشحالي منهنجو به خواب آهي ۽ اڃا به منهنجو ۽ لکين سنڌ واسين جو اهو خواب ٽٽو ڪونهي، پر ڪنهن ڏاهي چواڻي ته، ”خوبصورت خواب اهو ناهي جيڪو توهان ننڊ ۾ ڏسو، بلڪه اهو آهي، جنهن جي ساڀيان جي خواهش ۾ توهان کي ننڊ نه اچي“.