خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / سومر 15 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* وفاق صوبن کي اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي: وڏو وزير (خبر)
* * زرداريءَ کي چوٽ لڳي ته هاڻ سنڌ ياد آئي آٿوَ (تبصرو)

* نواز ليگ وارا ايترو ظلم ڪن جيترو برداشت ڪري سگھن: بلاول ڀٽو (خبر)
* * اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو جيڪي نواز شريف کي سمجھه ۾ نه اچن؟ (تبصرو)

* ڪڪول واهه تي قبضا برقرار، ميهڙ ۾ آبادگارن ٻارن ٻچن سان پيادل مارچ ڪيو(خبر)
* * سڀني کي پڪ هئي ته قبضن کي ختم ڪرڻ وارو ناٽڪ ڏينهن ٻن جو هو(تبصرو)

* خيرپور ۾ سولر لائيٽس ۾ 8 ڪروڙن جي ڪرپشن (خبر)
* * قائم علي شاهه جو شهر ۽ مولوُ ڄٽ جي ماٺ، ٻئي سمجھه کان ٻاهر آهن (تبصرو)

* ٿرصورتحال جي ذميدار سنڌ سرڪار ۽ اسين آهيون: ماروي ميمڻ (خبر)
* * جيڪڏهن اوهان آهيو ته نواز شريف کي ٻڌائڻ جي همت به پيدا ڪريو(تبصرو)

* ڍوري ناري لڳ اصحابي فقير جي مزار تي مڙس کي بيهوش ڪري زال سان لڄالُٽ (خبر)
* * هيڏا هاڃا ٿين بُري هن ڀنڀور ۾ (تبصرو)

* ٿر ۾ وڌيڪ 6 گل ڪومائجي ويا، 197 اسپتال داخل (خبر)
* * اهڙيون بريون خبرون ٻڌائي، زرداريءَ جي سوکڙي قائم علي شاهه جي ننڊ ڇو ٿا ڦٽايو؟ (تبصرو)

* شفاف پڇاڻي سبب ڪرپشن گھَٽي آهي: چيئرمن نيب (خبر)
* * ڀُليا آهيو...ڪرپشن گھٽي آهي يا وڌي آهي؟ (تبصرو)

* ملڪ تي ڪرپشن ۽ ڪميشن مافيا جو راڄ آهي: جنرل (ر) مشرف (خبر)
* * ...اوهان جي دور ۾ وري لساني ۽ دهشتگرد تنظيم جو راڄ هوندو هو (تبصرو)

* مولابخش چانڊئي طرفان شرجيل ميمڻ جي ڪرپشن ڪيسن بابت تصديق يا ترديد کان انڪار:(خبر)
* * مولوُ ڄٽ کي خبر آهي ته تصديق ڪندس ته نوڪري رولڙي ۾ پئجي ويندي (تبصرو)
 
Back
Top