جمهوري حڪمرانن پاران آئين جي لتاڙ.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    جمهوري حڪمرانن پاران آئين جي لتاڙ.

    شفيق شاڪر

    سينيٽ چيئرمين رضا رباني ميمبرز جي راءِ سان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه گهرائڻ تي رولنگ ڏني. رضا رباني چيو ته آئين تحت 90 ڏينهن اندر گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لازمي هوندو آهي پر 3 سئو 31 ڏينهن گذرڻ باوجود سي سي آءِ جو اجلاس ناهي گهرايو ويو. سينيٽ چيئرمين چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو آخري اجلاس 18 مارچ 2015 تي ٿيو هو، جنهن بعد آئين تحت 16 جون 2015 تي ٻيهر سي سي آءِ جو اجلاس ٿيڻ گهرجي ها پر اجلاس نه سڏايو ويو. رضا رباني رولنگ ۾ چيو ته وفاقي حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه سڏائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، حڪومت سي سي آءِ جون سفارشون پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي به پابند آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته وزيراعظم نواز شريف پاڻمرادو ڪو فيصلو ڪري منظوري نٿو ڏئي سگهي، هـُو آئيني مونجهارن کان بچڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي 15 ڏينهن جي مهلت ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن ان بعد به اجلاس نه سڏايو ويو ته اها آئين جي ڀڃڪڙي سمجهي ويندي.

    اهو آهي انهن نام نهاد جمهوري حڪمرانن جو ملڪ جي آئين سان سلوڪ! آئين جو آرٽيڪل 154 ۽ 155 صاف وضاحت ڪن ٿا ته جيڪي معاملا قومي مفادن واري ڪائونسل جي دائره اختيار ۾ اچن ٿا انهن معاملن تي وزيراعظم توڙي وفاقي ڪابينه ڪو فيصلو ڪري نٿي سگھي ۽ نه ئي وزيراعظم کي اهو اختيار آهي جو هو پهريائين پاڻ ڪو فيصلو ڪري پوء انهيء کي سي سي آئي ڏانهن موڪلي ڏئي. آئين جي ان صريح خلاف ورزيء سان گڏوگڏ ٻي جيڪا آئين جي مسلسل خلاف ورزي ڪئي پيئي وڃي سا اها جو هر حالت ۾ گھٽ ۾ گھٽ نوي ڏينهن اندر لازمي سي سي آئي جو اجلاس گھرائڻ آئين مطابق ضروري آهي پر 18 مارچ 2015ع کان پوء ان اهم ڪائونسل جو اجلاس گھرائڻ جي اڄ تائين تڪليف ئي نه ڪئي ويئي آهي.انهيء دوران ڪيترائي ملڪي اهم معاملا ڪائونسل جي منظوريء کان سواء اڳتي وڌايا ويا جيڪا هڪ مجرماڻي حرڪت آهي.ايستائين جو پي آئي اي جي نجڪاريء جي حوالي سان اسحاق ڊار طرفان ورلڊ بينڪ کي لکيل خط ۾ به نسورو ڪوڙ هڻندي ان عالمي مالياتي اداري کي گمراه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته حڪومت ان معاملي تي سي سي آئي کان منظوري وٺي ڇڏي آهي. آئين جي وفاقي قانونسازيء واري فهرست جي ٻئي حصي ۾ شامل معاملن ۾ پاڻي، تيل،گئس،ريلوي،معدنيات ۽ بجلي وغيره جا معاملا به شامل آهن جن جي باري ۾ پاليسيون ٺاهڻ،فيصلا ڪرڻ،انهن کي لاڳو ڪرڻ ۽ انهن جي نگراني ڪرڻ سي سي آ.ئي جي اختيار هيٺ آهي ۽ وفاقي حڪومت پنهن جي مرضيء سان انهن معاملن ۾ ڪوبه فيصلو ڪرڻ جي مجاز نه آهي تنهن هوندي به موجوده وفاقي حڪومت پنهن جي آمراڻن روين سبب جيئن من ۾ ٿو اچيس تيئن ڪرڻ جي خطرناڪ پاليسيء تي عمل پيرا نظر اچي ٿي.آئين ٽوڙيندڙن کي سزائون ڏيڻ جي دعويدار حڪومت پاڻ جهڙيء طرح مسلسل آئين جا بکيا اڍيڙي رهي آهي تنهن کي ڪو روڪڻ ۽ ٽوڪڻ وارو نه آهي.سي سي آئي وفاق پاڪستان جو هڪ اهم آئيني ادارو آهي جنهن کي فعال بنائڻ ذريعي وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ،شڪن شبهن ۽ ڏڦيڙ کي گھٽائي سگھجي ٿو پر شايد هنن حڪمران اهو پڪو عهد ڪري ڇڏيو آهي ته اهي وفاق کي هر صورت ۾ ڪمزور ڪري پوء دم وٺندا.ارڙهين آئيني ترميم کان پوء سي سي آئي جي اختيار جو دائرو ان ڪري وڌايو ويو ته جيئين صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي پيدا ڪري سگھجي ۽ ماضيء ۾سدائين رهندڙ ڇڪتاڻ واري ماحول کي ختم ڪري سگھجي پر اڄ ڏينهن تائين حڪومتن طرفان سي سي آئي کي ڪا اهميت نه ڏني ويئي آهي جنهن ڪري وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اڻبڻت ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي پر حڪمران انهيء کي گھٽائڻ بدران ويتر اهڙو رويو اختيار ڪيو ويٺا آهن جنهن سان حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون ٿيون وڃن. هن وقت تائين جيڪا حقيقت سامهون آئي آهي سا اها ته موجوده حڪمرانن کي عظيم اڪثريتي مينڊيٽ ۽ طاقت جي جن مٿو وڃائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري هو ننڍن صوبن توڙي عوام جي ڪا رڙ ٻڌڻ لاء تيار نه آهن.ڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي مئل گھوڙي ۾ ساه وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن اکوڙي ڊيم جي سنڌ دشمن منصوبي جو راڳ ڳايو وڃي ٿو. ڪڏهن پنهن جا ڪرائي جا درخواست گذار موڪلي عدالتن ۾ ڪالاباغ ڊيم تي ريفيريڊم جهڙا حماقت ڀريا انگ آزمايا وڃن ٿا.آخر اهي ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻ گھرن ٿا؟ انهن کان ڪوبه مسئلو سياسي انداز ۾ حل ڇو نٿو ٿئي؟ انهن کي هر صورت ۾ سندن من جون مرادون پوريون ٿيل گھرجن ٿيون پوء ڀلي ان جي قيمت ملڪ جي تباهي ۽ برباديء جي صورت ۾ ادا ڇو نه ڪرڻي پوي! حيرت ننڍن صوبن جي صوبائي حڪومتن جي ماٺ تي به ٿئي ٿي جن طرفان سي سي آئي جو اجلاس 133 ڏينهن کان پوء به وفاقي حڪومت پاران نه گھرائڻ تي ڪو ڀرپور آواز ۽ احتجاج سامهون نٿو اچي ۽ نه ئي اهي پاڻ اجلاس گھرائڻ بابت ڪا رڪيزيشن وفاقي حڪومت کي پيش ڪن ٿا.خبر ناهي صوبائي حڪمرانن جون به ڪهڙيون نامعلوم مصلحتون آهن جيڪي انهن کي چپ جو روزو ٽوڙڻ نٿيون ڏين. سينيٽ چيئرمن طرفان واضح رولنگ کان پوء به وقت جا هي حڪمران سي سي آئي جو اجلاس گھرائي اهم معاملا اتفاق راء سان طيء نٿا ڪن ته پوء ماڻهو اهو چوڻ ۾ حق بجانب هوندا ته هنن حڪمرانن کان ته پرويز مشرف چڱو هو!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو