خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اڱارو 16 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* سنڌ ۾ داعش جو وجود ناهي: وڏو وزير (خبر)
** داعش ته پري ٿي پر سنڌ کي تباهه ڪرڻ لاءِ زرداري ئي کوڙ آهي (تبصرو)

* سنڌ جو ٻُڌي ليگي وزيرن جا منهن ڦري وڃن ٿا: مولابخش چانڊيو(خبر)
* * شايد مولوُ ڄٽ کي خبر ناهي ته زرداري به سنڌ کان منهن موڙي، دبئي فرار ٿي ويو آهي (تبصرو)

*ٿر ۾ اٽي جو بحران، چڪيون بند، بليڪ تي وڪرو(خبر)
* * ٿر ۾ موت سستو، جيئڻ مهانگو، هاءِ ڙي سنڌ سرڪار تنهنجي ڪارڪردگي...!! (تبصرو)

*آزاد ڪشمير ۾ وفاق خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان (خبر)
* * ڪاش..!! سنڌ ۾ به ڪرپٽ حڪمرانن خلاف ڪو ڪارو ڏينهن ملهايووڃي..!!(تبصرو)

* فيض گنج جي پڪا چانگ ۾ 2 ڪروڙن جا ڦوهارا هڪ ڏينهن به نه هليا (خبر)
* * جت چرٻٽ راجا هوندو، اتي ائين ئي ٿيندو(تبصرو)

* اسلام ڪوٽ ۾ ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ سبب ڳورهاري عورت فوت (خبر)
* * اڃا به قائم علي شاهه دعوى ڪري ٿو ته ٿر ۾ آغا خان اسپتال جھڙيون سهوليتون آهن (تبصرو)

* نائين زيرو تي ويلنٽائين ڊي جي تقريب (خبر)
* * کين پيار محبت بدران، سندن دهشتگرديءَ جو ڏينهن ملهائڻ گھربو هو(تبصرو)

*انساني دماغ هڪ هزار کرب بائيٽس ذخيرو ڪري سگھي ٿو: آمريڪي مخزن (خبر)
* * لڳي ٿو قائم علي شاهه جي دماغ ۾ سکڻيَ هڪ بائيٽس جي گنجائش به نه رهي آهي! (تبصرو)

*الطاف حسين محبت جو پرچار۽ نفرت جو خاتمو چاهي ٿو: فاروق ستار(خبر)
* * محبت جي نالي ۾ نفرت جي ڪاروبار کان ته بس ڀلي (تبصرو)
 
Back
Top