shafique shakir
سينيئر رڪن
پڊعيدن واري جاڳرتا ڪانفرنس.
شفيق شاڪر
روزاني جيجل ۾ پڊعيدن ۾ ٿيل جاڳرتا ڪانفرنس جي حوالي سان لڳل هڪ ننڍي خبر شايد گھڻن پڙهندڙن وٽان نظرانداز ٿي ويئي هجي جو اڄ ڪلھ گھڻو ڪري اهي خبرون ۽ ڪالم ئي ماڻهن جي لاء دلچسپيء جو باعث هوندا آهن جن ۾ ڪا سنسني هجي،ٻن ڌرين جو جھيڙو هجي يا هڪٻئي تي الزامن جي برسات هجي.ٽي وي ٽاڪ شوز جي به اها ئي حالت آهي،ريٽنگ جي لحاظ کان اهي ٽاڪ شوز بازي کٽين ٿا جن ۾ شريڪ ٿيندڙ هڪ ٻئي جو پٽڪو لاهيندا هجن،ايستائين جو ڪجھ اردو ٽاڪ شوز ۾ ته هڪٻئي کي گاريون ڏيڻ به عام رواج بڻجي چڪو آهي.انهيء ماحول ۾ ڪو سنجيده موضوع،ماڻهن جي روزمره جي عملي مسئلن ۽ مونجھارن تي بحث ۽ انهن مسئلن جي حل جي طرف ڪي عملي تجويزون پيش ڪرڻ جو رجحان ڏينهون ڏينهن گھٽبو ٿو وڃي. سو مون ڳالھ پئي ڪئي ان ننڍڙي خبر جي جيڪا گھڻن جي نظر ۾ اهميت نه رکندي هوندي پر سنڌ جو هڪ عام ماڻهو جيڪو هن وقت بيوسيء ۽ لاچاريء جي جنهن ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي انهيء جي حوالي سان سنڌ جي ساڃاھ وند ڌرين جي لاء اها خبر يقينن سٺي ، اميد افزا ۽ خوشيء واري خبر آهي.سنڌ ٽي ويء جي سرواڻ ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر جي اڳواڻيء ۾ ڪم ڪندڙ انڊس رينيسنس جي پليٽ فارم تان سنڌ جي سڄاڻ ۽ ساڃاه وند ڌرين، وڪيلن،صحافين،استادن ۽ سماج جي ٻين طبقن پاران سنڌ جي مسئلن،سنڌي ماڻهن جي سورن ۽ صدمن کي محسوس ڪندي انهيء اهم قومي درد جو ڪو درمان ڳولهڻ جي جدوجهد جو وچن ڪيو ويو آهي ته ان کان وڌيڪ بهترٻيو وقتائتو فيصلوڪهڙو ٿي سگھي ٿو! اسان جي سماج جو هڪ الميو اهو به رهيو آهي جو نه ته پاڻ ڪو چڱو ڪم ڪندا آهيون ۽ نه ئي ٻئي کي اهو ڪم ڪرڻ ڏيندا آهيون.اسان جي ماضيء جي تاريخ ان حوالي سان ڪا گھڻو قابل تعريف نه رهي آهي تنهن هوندي به سنڌ ۾ سندس وفادار فرزندن جو به ڪڏهن ڏڪار نه رهيو آهي.جنهن کان جيترو وس پهتو آهي اڪيلي سر ئي سهي پر نڀائيندو آيو آهي پر ڳالھ وري ان نڪتي تي موٽي اچي ٿي ته اسان بحيثيت قوم پنهن جا رويا آخر ڪڏهن بدلائينداسين.جيڪر ڪو نيڪ ارادي سان بنان ڪنهن سياسي ۽ مالي لالچ جي سنڌ جي ڏتڙيل عوام جي زّخمن تي مرهم رکڻ جي ڪوشش جي لاء اٿي ٿو ته اسان سڄي دنيا جون برايون ان ۾ ڳولهڻ لڳون ٿا ۽ قسمين قسمين الزامن ۽ تهمتن جا هار انهن جي ڳچيء ۾ پارايون ٿا.جڏهن ڪا شيء عمر تائين ڦٽي پيئي آهي ڪو ان جي مالڪي ڪرڻ لاء به تيار ناهي پر جيڪڏهن ڪو درد دل رکندڙ ان شيء کي ٺاهڻ جي ڪوشش شروع ڪري ٿو ته ان شيء جا سوين مالڪ نڪريو نروار ٿين ته خبردار جو هن شيء ۾ هٿ وڌو اٿئي.انهيء جا اڪيلا ٺيڪيدار ته اسين آهيون. دنيا ۾ قومون ان ريت نه جيئنديون آهن.هاڻي اسان کي ان ڪني ڪرت کان جان ڇڏائڻ گھرجي.وقت ڏاڍو تنگ ٿي چڪو آهي. جيڪي ڪم حڪومتن کي ڪرڻ گھربا هئا بدقسمتيء سان اهي ڪري نه سگھيون آهن ۽ نه ئي اڳتي انهن جي ڪا نيت ڏسجي ٿي.انهيء ڪري ان ڳالھ جي سخت ضرورت آهي ته سماجي شعور رکندڙ سڄاڻ ڌريون عوام جي بيوسيء جو تماشو ڏسڻ بدران عملي طور تي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي حڪومتن کي پنهن جو ڪم ڪرڻ لاء مجبور ڪن.سنڌ ۾ خراب حڪمراني سبب سوين پيدا ٿيل مسئلا پنهن جي جڳھ تي پر وفاق طرفان صوبائي خود مختياري جي حوالي سان آئين جي خلاف ورزي، سنڌ دشمن رٿائن جي منصوبابندي ۽ سنڌ جا جائز مالي وسيلا سنڌ کي مهيا نه ڪرڻ به هڪ اهم اشو آهي.سماجي ڀلائيء جي شعبي ۾ نجي ليول تي ادارا قائم ڪرڻ به اهم آهن پر هر معاملو نجي طور تي ئي حل ڪرڻو آهي ته پوء حڪومتون ڇا لا آهن.ان ڪري حڪومتن کي پنهن جن بنيادي ذميدارين کان فرار اختيار ڪرڻ جو رستو ڏيئي نٿو سگھجي.ان پليٽ فارم ذريعي حڪومتن تي پنهن جون ذميداريون پوريون ڪرڻ لاء موثر دٻاء وجھي سگھجي ٿو. صحت.تعليم،انصاف ۽ ٻين بنيادي عوامي شعبن ۾ بهتري آڻڻ لاء هڪ سٺي منصوبابنديء جي ضرورت آهي ۽ مسئلن جي حل لاء ٺوس تجويزون پيش ڪري حڪومت کان انهن تي عمل درآمد ڪرائڻ لاء عوامي دٻاء وڌائڻ جي ضرورت کان انڪار ڪري نٿو سگھجي.سو ڪم جي ڳالھ اها ته سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي ان عظيم قومي ڪم ۾ ڊاڪٽر صاحب جو پورو ساٿ ڏيڻ گھرجي جو هي ڪم ڪنهنجو ذاتي ڪم نه پر سنڌ جي قومي مفادن جو سوال آهي.سنڌ جي سجاڳي ۽ جاڳرتا جي مهم جو آغاز ان انداز سان ٿئي جو لاڳاپيل ڌرين کي اهو پيغام وڃي ته هاڻي سنڌ جو عوام پوريء طرح سجاڳ ٿي چڪو آهي.پر اهو پيغام تڏهن موثر ٿيندو جڏهن اسان مان هرڪو ان مهم کي پنهنجي مهم سمجھندو.ملڪ کان ٻاهر رهندڙ سنڌي به ان مقصد کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.ماضيء جي حوالي سان تمام گھڻيون مايوسيون پڪ سان موجود آهن پر زنده قومون ماضيء تي ماتم ڪرڻ بدران همت ۽ حوصلي سان مستقبل کي بدلائڻ لاء هر ڏينهن نئين عزم،حوصلي ۽ اميد سان نئين جدوجهد ڪنديون آهن جوماضيء جون غلطيون ئي مستقبل جي غلطين کان محفوظ رکن ٿيون ۽ ناڪامين جي سير مان ئي ڪاميابين جو چشمو ڦٽي ٿو.