ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌي ادب جو سچو خدمتگار ۽ اعلى پايي جو شاعر شمس العلماءُ
مرزا قليچ بيگ
پاڻ ڪجھ وقت بمبئي جي ايلفسٽن ڪاليج ۾ به پڙهيو. جتي فارسي ۽ ترڪي زبانن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين. واپسيءَ تي ڀائرنجي منشا موجب روينيو کاتي ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين. سرڪاري ملازمت ۾ ڪلارڪي کان ڪليڪٽر جي عهدي تائين پهتو. رٽائر ڪرڻ بعد، مرزا صاحب مطالعي کي چهڻي ويو، ۽ ڪافي ڪتاب لکي راس ڪيائين. ايتري تائين جو سنڌي ادب جي خدمت ڪندي، پنهنجو آرام به ڦٽائي ڇڏيائين. اڪثر واندڪائي ۾ قبرستان، قبن ۽ دڙن ڏانهن ويندو هو. آخري وقت ۾ زماني جي ڏوجھرن کان صدما رسيس جنهن ڪري بي آرامي غمگيني، ملولائپ ۽ مايوسيءَ ۾ وڪوڙجي ويو. 76 ورهين جي ڄمار ۾ 1348ھ مطابق 3جولاءِ 1929ع تي وفات ڪيائين. کيس ٽنڊي ٺوڙهي جي ”بلندي شاھ جي قبرستان“ ۾ آرامي ڪيو ويو.
هي ذهين، سنجيده، صلح پسندي ۽ اورج انسان، طبعاً رلڻو ملڻو حاضر جواب ۽ خوش طبعي هو. سنڌي شاعريءَ جي سسلي ۾ سندس مڪمل ديوان آهي. جنهن کي سنڌي ادبي 1956ع ۾ شيع ڪيو آهي. سندس شاعراڻه سگھڙ پاڻيءَ جو گاهي بگهائي اهڙن واقعن ۾ خاص موضوعات تي روانيءَ سان قلم هليو، جنهن مرزا صاحب کي ”قادرالڪلام“ بڻائي ڇڏيو. سندس شعرن ۾ لفظن جي سهولت ۽ ڪافين جي آرازاني، انو کاوزن انهن جي آساني طرز ادا ۾ سلامت ۽ رواني، اندروني تنم ذريعي پيدا ڪيل ”خوش اخاني“ ۽ سندس طبعي ظرافت ۽ خوش بياني وارين خوبين سندس ڪلام کي پيارو ۽ دلپزير بڻائي ڇڏيو آهي.
نظم کان علاوه نشر ۾ به مرزا صاحب پاڻ ملهايو آهي، بالخصوص ناول، ڊراما (ناٽڪ) ادب، تنقيد ۽ صرف ونحو جهڙن اهم وضوعن تي تقريناً ساڍا ٽي سئو کن ڪتاب قلمبند ڪيا اٿس. انهيءَ لکڻ ۾ رهگز وڌاءُ نه ٿيندو، ته ”سنڌي ادب جي سلسلي ۾ مرزا صاحب جهڙو ٻيو عالم اڃا پيدا نه ٿيو آهي.“
قليچ بيگ: جديد سنڌي ادب جو اهم معمار
تاج جويو
هن عالم شخص جي حيات ۽ ڪارناما پڙهندي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون. هو هڪ ئي وقت سنڌي، انگريزي، فارسي، عربي، ترڪي ۽ اردو زبانن تي دسترس رکندڙ هو. سندس علمي ۽ ادبي پورهئي تي نظر وجهبي، ته هو هڪ ئي وقت افساني، ناٽڪ، ناول، تنقيد، شاعري، تاريخ، تهذيب، تعليم، اخلاق، مذهب، طب، تصوف، سوانح، آتم ڪٿا، لغت، ٻوليءَ، سائنس، لطيفيات، لسانيات، گرامر، موسيقيءَ، زراعت، باغباني، سائنس، حشرات الارض، ٻارن جي ادب، تقابلي مذهب، مطلب ته علم ادب جي ڪيترين ئي شاخن تي ڪتاب ترجمو ۽ الٿو ڪندي نظر اچي ٿو، پر اسان سندس وفات کان 79 سال پوءِ به سندس علمي پورهيو مڪمل صورت ۾ ڇپائي نه سگهيا آهيون. 76 سال زندگي ماڻيندڙ شخص 50 سالن يا اڌ صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي 457 ڪتاب ڏنا. ڇا اسان مرزا قليچ بيگ جي 5 به اهڙن ڪتابن جا نالا ڳڻائي سگهون ٿا، جيڪي اسان جي علمي ادبي ادارن شانائتي نموني ڇپايا هجن؟ سنڌي ادبي بورڊ ڪي قدر ان ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي، پر ڇا ان سان قليچ بيگ جو علمي ۽ ادبي قرض لهي ويو؟ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمتگار جي حيثيت ۾ مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي پوئلڳي ۽ تقليد هر سنڌي اديب ۽ قلمڪار کي ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ گهرجي. مرزا صاحب جو شاندار علمي ۽ ادبي ڪم سندس بزرگيءَ، بلنديءَ، ڏاهپ، علم دوستيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جو عظيم مثال آهي.
اسان ٻه شعر ، ٻه ڪالم ، ٻه ڪهاڻيون ، ٻه مضمون لکون ٿا، ٻه ڪتاب ترجمو ڪريون يا ترتيب ڏيون ٿا ته سمجهون ٿا ته علم ۽ ادب جا صاحب ئي اسان آهيون. ٻين تي اسان جي اک نٿي ٻڏي، پر مرزا قليچ بيگ جهڙو مختلف ٻولين جو عالم ۽ ماهر، سوين ڪتابن جو ليکڪ، مرتب ۽ مترجم، ايڏي علم هوندي به پاڻ کي اڻ ڄاڻ سمجهي ٿو. ڇو ته علم حلم ۽ نهٺائي سيکاريندو آهي. قليچ جو هڪ قطعو آهي:
ڪنهن علم کان پڻ قليچ محروم نه ٿيو،
نڪتو نه رهيو، جو ان کي مفهوم نه ٿيو،
ستر جي قريب پهتو، تڏهن ان کي
معلوم ٿيو ته ڪي به معلوم نه ٿيو!
نڪتو نه رهيو، جو ان کي مفهوم نه ٿيو،
ستر جي قريب پهتو، تڏهن ان کي
معلوم ٿيو ته ڪي به معلوم نه ٿيو!
خوب مِي ُگويد سخن هر ڪس ڪه گفتارش ڪم است
ميوه نيڪو پر وَرد هر شاخئه اي بارش ڪم است
سنڌ جي تاريخ تي مقامي تاريخدانن تمام گهٽ قلم کنيو آهي، جنهن ڳالهه کي محسوس ڪندي مرزا قليچ بيگ هيٺيان 8 ڪتاب لکيا، جن جي تاريخي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. (1) چچنامو (انگريزي) (2) سنڌ جي تاريخ (انگريزي) (3) سنڌ جي تاريخ تصويرن سان (4) سنڌ جي مختصر تاريخ (5) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن ۾ وسندڙ ماڻهو (6) رياست خيرپور جي تاريخ (7) چچنامو سنڌي.
ٻولي، لسانيات، لغت هڪ اهم موضوع آهي، جنهن بابت قليچ جو ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻولين جي نظرين ۾ جديد تحقيق جي حوالي سان وڏي تبديلي اچي چڪي آهي، پوءِ به مرزا صاحب جي ڪم کي ٻوليءَ ۽ لسانيات جا ماهر وساري نٿا سگهن. مرزا صاحب (1) لغات لطيفي (2) سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا) (3)Philological curiosity (4) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ (5) سنڌي لغات قديمي (6) پهاڪن جي حڪمت (7) پارسي زبان جي تاريخ (8) Persian entomology جهڙا اهم ڪتاب لکي، پنهنجي علميت جي ڇاپ ڇڏي آهي.
لطيفيات جي موضوع تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا قليچ بيگ ئي واحد اديب ۽ عالم هو، جنهن 8 ڪتاب لکيا. انهن ۾ (1) شاهه جو رسالو (2) Life of Shah Abdullah (3) ساڳئي ڪتاب سنڌي جو ترجمو: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو. (4) شاهه جي مختلف سرن جي تشريح تي مشتمل ڪتابڙا (5) لغات لطيفي (6) لطيفي لات (7) شاهه جي رسالي جي ڪنجي (هي ڪتاب اڃا اڻ ڇپيل آهي.)
مرزا قليچ بيگ جي علمي عظمت، ادبي بلنديءَ جا گوناگون رخ آهن، جن تي ڪيترا مضمون، ڪيترا ڪتاب ۽ ڪيتريون پي ايڇ ڊيز ڪري سگهجن ٿيون. مرزا صاحب عجيب ليکڪ ۽ اديب هو. هن جي لکڻ پڙهڻ جا طور طريقا ۽ زندگيءَ گذارڻ جا رستا ۽ رخ به پنهنجا هئا. دامانِ نظر تنگ و گلِ حسن تو بسيار
گلچين نظر از تنگيءِ دامان گله دارد!
(نظر جو پاند سوڙهو آهي ۽ تنهنجي سونهن جا گل سوين آهن. (منهنجي) نظر تنهنجي سونهن جا گل پٽي ٿي ته ان کي پاند جي سوڙهي هجڻ تي چڙ اچي ٿي.)