ڏاند گاڏي

'مختلف موضوع' فورم ۾ سراج بودلو طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2016۔

  1. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڀنڀرڪي جو وقت پکين جون مٺڙيون مٺڙيون ٻوليون جانورن جا مختلف آواز ٻڪرين جي گچين ۾ بڌل ٽلين جا سريلا آواز من کي موهي رهيا هئا ۽ ان وقت ماما ڏاند گاڏي جوٽڻ ۾ مصروف هو،مان به ننڍ پڻ ۾ ڏاند گاڏي تي سواري ڪرڻ جو شوقين هئس، صبح سان اڌ منهن ڌوتو اڌ نه ،اچي نوجي وٽ اوٽ ڏئي بيه رهيس جنهن جو مقصد اهو ئي هو ته ماما مون کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي.ڪجه دير کان پوماما جي نظر مون تي پئجي وئي،ماما جيڪو طبيعت جو جو خوش مزاج آهي .سوڏاند گاڏي ۾ چڙهڻ جو چيائين ،سائين منهنجا ان وقت مون کي ايتري ته خوشي ٿي ڄڻ ڪنهن موکي هوائي جهاز تي چڙهڻ جي آڇ ڪئي هجي،مان به دير ئي ن ڪئي گاڏي جي ڪن مان پڪڙي ٽپ ڏئي ڍچڙهي پيس،مامو ان دور ۾ هر مهيني مائٽن سان ملڻ لاء ڏاند گاڏي جوٽيندو هو .سو هاڻي اسان نواز ڏاهري جي لاء گوٺ مان نڪري چوڪان هئاسين.سانوڻ جي موسم هئي سنهڙي سنهڙي بوند وسڻ شروع ٿي وئي، پويان ماما جو دادلو ڪتو ڪن ڦڙڪائيندو اچي رهيو هو ماما اصل کان جهونگارڻ جو شوقين سو گيچ جهونگاري رهيو هو، مئي ت ٿال ميندي دا چئي کڻي هان مئي ت گلا والي سيج وڇائي کڻي هان.هاڻي بوندا باندي بلڪل رڪجي چڪي هئي، ڏاند دليري سان پنهنجي رمز ۾ هلي رهيا هئا،اسان به نواز ڏاهري جي بلڪل ويجها ٿي چڪا هئاسين،نواز ڏاهري ڪنهن جي رهائشگاه ن پر ڪکائن ڇپرن تي مشتمل هڪ گوٺ آهي، نيرن ٺاهڻ جي ڪارڻ هر ڪنهن ڇپر مان هلڪو دونهون نڪري رهيو هو،اسان به ڏاند گاڏي کي اوطاق جي پڌر تي اچي بيهاريوبس گاڏي بيهندي ئي،اسان جي ڍگن کي گاه ملي ويو،بستر وڇائجي ويا بس اسين گوٺاڻن لا ڄڻ ڪي سيد اچي لٿا هجون، هر ڪو حال احوال پيو پڇي مطلب ت اسان تي سڀ ساه پيا ڏين، هي اهو دور هو جو مهمانن جي اچڻ کي رحمت ۽ برڪت سمجهيوويندو هو سٻاجهڙا گوٺاڻا اسان جي اچڻ تي ايترا ته خوش هنا جو اسان کان سڄي گوٺ جو احوال ورتائون. بجلي جو ان وقت نالوئي ڪون هو اوطاق جي منجالي ۾ ڏيئو پئي ٻريو گوٺاڻن جو اصول ت پهريان ماني کارائي پوء آيل مهمان کا سر بستو احوال پڇندا آهن.
    گوٺاڻا ڪچهري جا اصل کان ڪوڏيا،ايستائين جوماما وارن ب ڪچهريون ڪندي سج اڀاري ڇڏيو صبح جي نيرن ۾ ٿدي لسي ۽ مکڻ سان ماني کائڻ کان پوء سڀني سان وڏا وڏا ڀاڪر پائي موڪلايوسين صبح وارو سج شاف سفاف چٽو نظر پئي آيو،ڪيڏي مهل تيز اس پئي نڪتي ت ڪنهن مهل بادل جي ڇانو،ميهوگي واري موسم ،ڪنهن مهل ٿدي هير ت ڪنهن مهل ڪجه ب ن ائين پئي لگو ڄڻ سج لڪ لڪوٺي راند پيو ڪري ڪڪر ته بلڪل کالي جيئن اڇي ٺاڻيل ڪپه آسمان تي پئي هيڏي هوڏي هلي،پکي پکڻ پنهنجي من مستي ۾ ڪڏهن هيڙي جو آواز ته ڪڏهن ڪانگ جي ٽا ٽا وڻ ٽڻ پاڪ صاف ساوڪ جي ته ڪا انتها چئبي .۽ هاڻي اسان به واپس پنهنجي منزل تي راهي ٿياسين،گپ چڪ هئڻ ڪري ڏاندن کي جهلي پئي هلايائين ، موسم ٿدي جهڙالي هئڻ ڪري اسان مزي سان گوٺ پهتاسين..ڏاند گاڏي،ڪاٺ جي ٺهيل ٻن وڏن ڦيٿن واري گاڏي آهي هن جا مختلف حصا هوندا آهن جيئن ٺانٺو گاڏي جو ٺهيل وچا وارو حصو هوندو آهي جنهن ۾ وزن رکجي ٿو بانڪو يا ڪنارا جيڪي رکيل شي کي ڪرڻ کان روڪين ٿا ،اُٽڙو ڏاندن جي ڪلهن تي رکبو آهي جيئن ڏاند گاڏي کي آساني سان ڇڪي سگهن ۽ ٻ وڏا ڪاٺ جا ڦيٿا جنهن جي مٿان لوه جو سنهو پڙ گول ڦريل هوندو آهي،ڪاٺ جي ٽهيل هن گاڏي ۾ تڪريبن ويه مڻ بار وجهي سگهجي ٿوجنهن کي ٻ ڏاند آساني سان ڇڪيندا آهن هي ڪنهن وقت ۾ ٻهراَڙي ۾ تمام ڪارائتي سواري سمجهي ويندي هئي ايستائين جو شادين تي ب ڏاند گاڏين جون ڊگهيون قطارون ڄڃ جي صورت م۾ نڪرنديون هيون،گوٺاڻيون عورتون سادڙيون، سو شادي مرادي ۾ ڪنهن سرخي لگائي ڪنهن ڪجل پاتو بس ائين ئي سنبرجي اچي ڏاند گاڏي ۾ ويهن ڄڃ ڪنواريتن ڏي وڌندي ئي گيچن جي ڌم لگي پئي هوندي هئي ۽ گهوٽ واري ڏاند گاڏي سڀني کان اگيان هوندي هئي،مردن جون وري ڏاندن کي هڪلون ۽ هوڪرا ت جيئن ڏاند تيز ڀڄن ۽ هرڪو اگيان ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مصروف،ڪاڄ کان پوء سڀ ڪنهن کي پنهنجي ڪم ڪار جي چنتا،صبح جي وقت هر ڪنهن جي گهر ۾ هٿ جي مانڌاڻي جا سريلا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ،مرد سج اڀرڻ کان اگ مال، متاح ڪڍي جهنگ جي طرف روانا ٿين ۽ ڪي وري ڪهاڙي ڪوڏر کڻي ڪري ٻني ٻاري ۾ مصروف ٿي وڃن،ٻنين ۾ برڪت ۽ محنت جو نتيجو اهو هوندو هو جو اناج ٽي چار سال گهرن ۾ رکيل هوندو هو،سياري جي موسم ۾ وري عورتون باک ڦٽي جو ٻاجهري جي رٻ ٺاهين جنهن کي ساري جي گرم خوراڪ ليکيو ونڃي ٿو کائڻ کام پوء ساري ۾ ب پگهر اچيو وڃن.گرمين جي مند ۾ وري لسي ۽ ماني پنهنجو مٽ پاڻ،گهاٽي لسي ۾ ڪجه پاڻي ملائبو ت اها جهارو ٿي ويندي جيڪا پيئڻ ۾ تمام گهڻو مزو ڏئي ۽ لسي جو اثرب ٿدو .
    سنڌ جي گوٺاڻي ماحول تي ڇا لکجي! اڄ جتان سج ب ساگي طرف کان پيو نروار ٿئي، موسمون ب پنهنجي مقرر وقت تي پهچيو وڃن، سانوڻ ساگييا وسڪارا ڪيو هليا وڃن اڄوڪي هي جديد دور جنهن ۾ سوچڻ کان وڌيڪ سائنسي تجربا ٿي چڪا آهن. جتي جهاز پوپٽن وانگر اڏامن،انسان ب اهي ساگيا آهن.پر انهن جي دلين ۾ اها محبت ۽ پيار ۽ پنهنجائپ نڪري چڪي آهي هر شي اليڪٽرانڪ جي ٿي پئي آهي...
    مهمانوازي وارو ب دور آهستي آهستي ختم ٿيندو وڃي هر ڪو مطلب سا ٿو ملي ڪم آهي ت ملبو ن ت بس!!؟
    نوٽ : هي ڪهاڻي ماهوار گل ڦل ۾ نومبر 2008ع تي ڇپي......مدهوش اسرار بودلو
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 فيبروري 2016
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    ڏاڍو دلچسپ مضمون لکيو اٿو
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
  4. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين منهنجي ڀاء مرحوم اسرار بودلو جولکيل هو..ادب سان گهڻو لگاء هئس
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين منهنجي ڀاء مرحوم اسرار بودلو جولکيل هو..ادب سان گهڻو لگاء هئس
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    الله سائين کيس اڳين جھان ۾ سکيو رکيس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو