• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نيب طرفان اربن روپين جون سرڪاري زمينون وڪڻڻ جي الزام ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر يوسف عباسي گرفتار

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اردو روزاني اخبار دنيا جي دعوى موجب نيب، ڪراچيءَ جي 3 ٽن ضلعن ملير، ڪورنگي ۽ ايسٽ ۾ گذريل 15 ورهين دوران اربن روپين جي سرڪاري زمينن ۾ هيرڦيرڪرڻ ۽ انهن کي غيرقانوني طوروڪڻڻ جي الزام ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر يوسف عباسيءَ کي گرفتار ڪيو آهي. ذريعن موجب سندس خلاف 100 کان وڌيڪ شڪايتون پهتل آهن جن جي جاچ ڪئي ويندي ۽ سندس احتساب عدالت کان رمانڊ به ورتو ويندو۽ ان کانپوءِ ملزم خلاف ريفرنس تيار ڪري عدالت ۾ پيش ڪبو ـ اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته هن پهرين ئي ڏينهن کان ئي نيب کي پلي بارگيننگ جي درخواست ڏني آهي ـ حوالو: روزاني دنيا، 17 فيبروري 2016.
http://e.dunya.com.pk/detail.php?date=2016-02-17&edition=KCH&id=2180584_68747401
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اهو احتساب الله ڪري حق سچ تي هجي ائون ٻيو ته احتساب مستقل عمل هجڻ گھرجي جيئن ڪنھن ڳوٺ ۾ بجلي جھٽڪو ڏئي اچي هلي ويندي آ ايئن نه هجي مستقل جاري عمل هجڻ گھرجي
 
اهو احتساب الله ڪري حق سچ تي هجي ائون ٻيو ته احتساب مستقل عمل هجڻ گھرجي جيئن ڪنھن ڳوٺ ۾ بجلي جھٽڪو ڏئي اچي هلي ويندي آ ايئن نه هجي مستقل جاري عمل هجڻ گھرجي
سائين......اهو احتساب ڪهڙي ڪم جو سرڪار جا اربين روپيا کائي وري ٻه چار ڪروڙ ڏئي پنهنجي جند سرڪاري طور ڇڏائجي، پوءِ به ڪرپٽ آفيسرفائدي ۾ آهن؟
 
Back
Top