• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تجريدي نظم*ڊاڪٽر ذوالفقار علي*

عنقريب عقل جي نقل جو ڪاڄ ٿيندو!
ڪافي حاجي غازي وڏو ميلو مچندو!
ڪويتا نچندي
کچڙي پچندي
صنفن جو وات مٺو ڪرائڻ
لاء مٺايون ڪيڪ بہ ھوندا
ڪي ديسي
ڪي ولايتي
پيڪ بہ ھوندا
ان محفل ۾ مان ھوندس!
باقي سڀ مھمان ساڳيا ھوندا
چور بہ ھوندا تہ ڀاڳيا بہ ھوندا
سونو چمچو
پراڻو تمنچو
سڀئي گڏ ھوندا
فنکارن جو اتي وڏو راڳ رنگ بہ ٿيندو!
عنقريب عقل جي نقل جو ڪاڄ ٿيندو!
 
Back
Top