وڏي عمر جا الميا ۽ اسان جا رويا. شفيق شاڪر انگريزيء جي هڪ شاعر جو هڪ نظم(Speak gently)يعني “نرميء سان ڳالهايو” گھڻن پڙهيو هوندو جنهن مان ڪجھ لفظن جو ترجمو هي آهي ته “ پوڙهن ماڻهن سان نرميء سان ڳالهايو ۽ انهن جي اڳيئي ڏکويل دلين کي وڌيڪ نه ڏکوئيو.جن جي زندگيء جا داڻا هٿن مان نڪري چڪا آهن.انهن کي زندگيء جا باقي ڏينهن سڪون سان گذاري دنيا مان رخصت ٿيڻ ڏيو.” ايئن ٿو لڳي ته ان شاعر پنهن جن انهن ٿورن لفظن ۾ سماج جي پوڙهن ماڻهن جو سمورو درد سمائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن مجموعي طور تي اهو ڏسڻو آهي ته سماج جو رويو پوڙهن ماڻهن طرف ڪهڙو آهي ته ان سوال جي صحيح جواب لاء سڀ کان پهريان اسان مان سڀني کي پهرين پنهن جي رويي جو ايمانداريء سان جائزو وٺڻو پوندو ته ڇا اسان پاڻ وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفين مان گذرندڙ انهن ماڻهن طرف اهو ڌيان ۽ توجه ڏيون ٿا جنهن جا هو مستحق آهن.شايد ان جو جواب ڪو گھڻو حوصلا افزا نه هجي.دنيا جي پنهن جي پر ۾ سڌريل سماجن تي نظر وجھو ته حالتون اڃا به وڌيڪ ڇرڪائيندڙ آهن.آمريڪن ايسوسيئيشن آف سوسائيڊيالاجي جي سال 2005ع جي رپورٽ مطابق ان سال ۾ آمريڪا ۾ ٿيندڙ خودڪشين مان 5404 خودڪشيون انهن ڪيون جن جي عمر 65 سال يا ان کان مٿي هئي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته روزانو 15 ۽ هر ڪلاڪ ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ پوڙها پنهن جي زندگيء جو انت پنهن جن هٿن سان آڻيو ڇڏين .جن جو وڏي ۾ وڏو سبب لاچارين ۽ مايوسين جي احساس کي ٻڌايو وڃي ٿو.هاڻي ڪنهن جي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿي سگھي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ته خودڪشين جو تعداد ايڏو وڏو نه آهي ته ڇا اسان جو سماج ان معاملي ۾ ٻين سڌريل ملڪن جي سماج کان اڃا بهتر آهي ؟ ان جو جواب ها ۾ آهي تڏهن به هڪ ٻي ڳالھ به سامهون رکڻ گھرجي ته اسان جي سماج ۾ خودڪشين جو تعداد صفا ايترو گھٽ به ناهي جيترو اسان کي گھٽ نظر اچي ٿو.انهيء جو سبب اهوجو اسان جي سماج ۾ خودڪشين جا صرف هڪ کان ٻه سيڪڙو واقعا ئي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿين ٿا ۽ باقي واقعن کي ڪيترن ئي سببن ڪري لڪيل رکيو وڃي ٿو تنهن هوندي به اسان کي خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي جو خودڪشين جي حوالي سان اسان سڌريل دنيا کان گھڻو پوئتي آهيون.سڌريل دنيا ۾ خودڪشين جي ان وڌيل تعداد ۾ پوڙهن ماڻهن جو ايڏو وڏو حصو ان طرف اشارو ڪري ٿو ته صرف مادي ۽ مالي آسائشون ئي ذهني سڪون ۽ اطمينان جو سبب بڻجي نٿيون سگھن جو انهن ملڪن ۾ ماڻهن جي زندگيء جو معيار اسان جي معاشرن کان گھڻو بهتر آهي ته پوء به اهي خودڪشين تي مجبور ڇوٿا ٿين؟ جڏهن ته اتي بهترين قسم جا اولڊ ايج هوم به موجود آهن.پر جيئن ته اهي معاشرا انسان جي اصل درد کي سمجھڻ ۽ محسوس ڪرڻ کان قاصر آهن ان ڪري انهن وٽ ان مرض جو ڪو علاج به ڪونهي.هو اهو ته مڃين ٿا ته انسان هڪ سماجي جانور آهي پر ان جي تشريح ڪرڻ ۾ غلطي ڪن ٿا.پر جيڪڏهن سندن اڌوري تشريح کي ئي مڃيو وڃي ته پوء به ان حقيقت جو ڇا ڪجي جو جانور به پنهن جي وڳ سواء ويڳاڻو نظر ايندو آهي.جانورن ۾ به ڪجھ جذبات ۽ احساسات هوندا آهن.پر انسان ته اڃا ڪا ٻي شيء آهي، سماجي جانور هئڻ باوجود جانورن کان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ ممتاز،منفرد ۽ مختلف آهي.انهيء جي اندر ۾ انساني اڌمن،احساسن ۽ جذبن جو جيڪو بارود ڀريل آهي اهو ٻي ڪنهن به مخلوق ۾ موجود ناهي.. هن جي وجود ۾ خودداري جو جيڪو خمير ڀريل آهي ان جو ڪو حصو ڪنهن ٻي مخلوق ۾ نظر نه ايندو.هاڻي توهان انهيء انسان کي جانورن، جمادات ۽ نباتات جيان ڪيئن ٿا ٽريٽ ڪري سگھو؟ مثال هي جانور پوڙهو ۽ ڪمزور ٿي ويو هاڻي ان کي وڪڻي ڇڏيو. هي وڻ ڪراڙو ٿي ويو ان کي وڍي ڇڏيو.هيء شيء پراڻي يا ناڪاره ٿي ويئي هاڻي انهيء کي اڇلي ڇڏيو.ڪوبه انسان ان قسم جي ڪنهن سلوڪ کي قطعي برداشت ڪري نٿو سگھي.عمر وڌڻ سان گڏوگڏ انسان جي حساسيت وڌندي رهندي آهي ۽ برداشت جي قوت گھٽجڻ شروع ٿي ويندي آهي.عام طور تي چيو ويندو آهي ته پوڙهو ماڻهو ٻار جيان هوندو آهي،اها ڳالھ گھڻي حد تائين بلڪل درست آهي،ان ڪري جو ٻار به گھڻو حساس ٿيندا آهن ۽ پنهن جي ذات تائين محدود هوندا آهن.اهو ئي حال پوڙهن جو هوندو آهي.اهي هروقت چاهيندا آهن ته کين سموري ڌيان ۽ توجه جو مرڪز بنايو وڃي ۽ هنن جي هر ڳالھ کي جيئن جو تيئن تسليم ڪيو وڃي جنهن کي اسان سندن اجايو ضد سمجھي ساڻن بحث مباحثا،اختلاف ۽ ڪيترن ئي معاملن ۾ انڪار ڪندا آهيون جيڪي شيون هنن کي سندن لاچاري ۽ بيوسيء جو احساس ڏيارينديون آهن ۽ منجھن زبردست مايوسيون پيدا ٿينديون آهن. ۽ اهي اڪثر ڊپريشن جو شڪار رهن ٿا جنهن ڪري سندن طبيعت چڙچڙي ٿي پوي ٿي.بحث اهو ناهي ته انهن جون اهي گھرجون ۽ اميدون مناسب ۽ جائز به هونديون آهن يا نه پر سوال اهو آهي ته اسان جو اولاد جڏهن اڻ ڄاڻائيء سبب اسان کان ڪئين ناجائز ۽ نه پوريون ٿيندڙ فرمائشون ۽ خواهشون ڪندو آهي ته ڇا ان وقت به اسان جو رويو پنهن جن ٻارن سان اهو ئي هوندو آهي جيڪو رويو اسان انهن وڏي ڄمار جي ماڻهن سان هجي ٿو يا اسان ڪنهن ڏاهپ ۽ حڪمت عمليء سان ٻارن کي ريجھائي ۽ ها ۾ ها ملائي ڪنهن نموني کين ان ضد تان لاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون؟ اهو ئي اهو بنيادي نڪتو آهي جنهن کي سمجھڻ ۾ اسان کان بار بار غلطي ٿئي ٿي.اهي غلط هجن يا صحيح پر اسان جي پوري توجه،پيار،محبت ۽ شفقت جا حقدار آهن.جو اسان جي زندگين ۾ رنگ انهن ئي ڀريا آهن.اسان جي اسرندڙ آئيندي ۾ انهن جا اوجاڳا شامل آهن.ٿورو اهو ته سوچيو ته اسان ٻالڪپڻ ۾ پنهن جي بي سمجھائيء سبب انهن کي ڪيترو نه ستائيندا هئاسين،عجيب عجيب فرمائشون ڪندا هئاسين،اجايو ضد ڪندا هئاسين پر اهي ناراض ۽ ڪڪ ٿيڻ بدران اسان جي اهڙين ٻاراڻين ۽ نادانيء وارين حرڪتن تي پيا خوش ٿيندا هئا.اڄ جڏهن هو زندگيء جي هڪ اهڙي بي رحم موڙ تي پهچي چڪا آهن جتي هنن کي اسان جي سهاري ۽ مدد جي ضرورت آهي ته اسان انهن کان اکيون ڦيري ڇڏيون جو اهي هاڻي اسان جي لاء ڪنهن ڪم جا نه رهيا آهن.اهو رويو مناسب ڪونهي.انهن کي گھرن ۾ ڪو ڪچهري ڪرڻ وارو نٿو ملي،ڪو حال ونڊڻ وارو نٿو ملي،ڪو سندن ڳالهيون ٻڌڻ وارو نٿو ملي.صرف انهن کي کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو ۽ پئسو ڏوڪڙ مهيا ڪرڻ ئي انهن جي اڪيلاين جو مرهم ناهي. نرميء ۽ محبت سان ڳالهايل ٻه لفظ انهن جي ڪومايل چهرن تي مرڪ آڻي سگھن ٿا.انهن جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌڻ سان انهن جي دل خوش ڪري سگھجي ٿي.انهن کي پيار وچان ڪو تحفو پيش ڪري سندن مايوسي ۽ مجبوريء واري احساس کي ختم ڪري سگھجي ٿو.اها ڳالھ نه وسارڻ گھرجي ته جنهن جي عمر جيتري گھڻي آهي ان جا درد اوترا ئي وڌيڪ هوندا جو هيء دنيا ڪڏهن به درد کان خالي نه رهي آهي ۽ اهو به ذهن ۾ رڳڻ گھرجي ته جڏهن اسان پاڻ عمر جي ان حد ۾ قدم رکنداسين ته اسان ٻين کان ڪهڙي قسم جي سلوڪ جا خواهشمند هونداسين؟ اهي عمر رسيده اسان جي مٿان بار نه پر اسان جي لاء خدا جي طرفان رحمت آهن ۽ انهن جي ذريعي ئي اسان کي آزمايو وڃي ٿو.اسان جي مذهب ۽ تهذيب به اسان کي انهن جي ادب،احترام، عزت ۽ انهن سان محبت، پيار، عقيدت، الفت،نرمي ۽ شفقت جوسبق سيکاريو آهي .