ٻه انسانيت دوست عورتون.

'تصويرون ۽ وڊيوز' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    ٻه انسانيت دوست عورتون.
    شفيق شاڪر

    [​IMG]
    2 سيپٽمبر 2010ع جي ڳالھ آهي.رسالپور ويجھو ٻوڏ جي ستايلن لاء قائم ڪيل ڪيمپ ۾ امدادي سامان کڻي هڪ قافلو پهتو پاڪستان جي وزيراعظم ۽ ان جي گھر واريء سان گڏ هڪ معزز ۽ پروقار ترڪ خاتون به هئي جيڪا پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي ڏکن ۾ شامل ٿيڻ لاء هتي آئي هئي ان خاتون جو نالو ايمائيني اردگان هو جيڪا ترڪ وزيراعظم طيب اردگان جي گھر واري هئي. هوء دنيا ۾ صرف پنهن جي مڙس جي ڪري مشهور نه بڻي پر انسانيت جي خدمت هن جي سڃاڻپ بڻيل آهي.مظفرڳڙه جي تباه ٿيل علائقي جي دوري دوران پنهن جي ڳچيء ۾ پاتل قيمتي هار لاهي انهن ٻوڏ سٽيلن جي سهائتا لاء ان وقت جي وزيراعظم جي حوالي ڪري ڇڏيو هو



    [​IMG]

    همدرديء جو جذبو انسانيت جو گڏيل ورثو آهي.جنهن جي به سيني ۾ حساس دل هوندي اهو ٻئي کي درد ۾ ڏسي تڙپي پوندو آهي.هڪ ٻي خاتون جيڪا ٻوڏ جي ستايل انهن ماڻهن لاء صبح جي ٿڌي هوا بڻجي آئي اها هئي انجيلينا جولي،هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره! متاثرين جي غم ۾ شامل ٿيڻ لاء هن ڪارو ويس پائي رکيو هو.ايئين ٿي محسوس ٿيو ته ڪوه ڪاف مان ڪا حسين پري زمين تي لٿي هجي.صورت جي سونهن سان گڏ قدرت هن کي دل جي به سونهن عطا ڪئي آهي.هڪ لک ڊالرن جو چندو ڏنائين انهن مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد لاء.انهيء کان پهرين هوء 2005ع جي خطرناڪ زلزلي کان پوء به پاڪستان آئي هئي ۽ زلزلي متاثرين جي مدد ۾ ڀرپور حصو ونڊايو هئائين.دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ڏکويلن جا ڳوڙها اگھڻ ۽ ساڻن محبت ۽ آٿت جا چند لفظ ونڊڻ سندس محبوب مشغلو آهي بي انتها پئسو هئڻ باوجود هوء پئسي جي حوس کان آزاد آهي.مذهب،رنگ،نسل۽ملڪي سرحدون هن جي ان عظيم وندر ۾ اڄ تائين رڪاوٽ نه بڻجي سگھيون آهن.هيء اها عورت آهي جنهن کي تنزانيا ،سيراليون ۽ ڪمبوڊيا جي ڪيمپن ۾ موجود صدمن کان چور بي گھر چـڱيء ريت سڃاڻن ٿا جو انسانيت جو درد هن کي بار بار انهن ڪيمپن ڏانهن ڇڪي وڃي ٿو.

    اچو ته انهن عورتن جي عظمت کي سلام ڪيون ۽ انهن جي انسانيت جي احساس کي خراج تحسين پيش ڪريون.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 فيبروري 2016
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سلام آهي اهڙين انسان دوست عورتن کي
     
  3. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    بيشڪ سلام آ انھن انسان دوست عورتن کي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو