• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪا ٽپڻي / محمد خان سيال / خميس 18 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ّّّّّّّ*نيب کي پنجاب ۾ ڪارروائي ڪرڻ نه ڏبي: وزيرقانون رانا ثناءَالله (خبر)
* * سچا آهيو...پنجاب ۾ سمورا فرشتا رهن ٿا...!! (تبصرو)

*15 ڏينهن اهم آهن، عوام سفر کان پاسو ۽ راشن گڏ ڪري رکي: ايم ڪيو ايم (خبر)
* * دهشتگردن جو عوام کي دڙڪا دهمان ڏيڻ کان علاوه ٻيو ڪم ڪهڙو؟ (تبصرو)

*سي سي آءِ سڏائڻ جو اعلان، سمري وزيراعظم کي موڪلي وئي (خبر)
* * وفاقي سرڪار قائم علي شاهه وانگيان 10 مهينن تائين ستي پيئي هئي (تبصرو)

*ڪير به مقدس ڳئون ناهي، احتساب سڀني لاءِ هئڻ گھرجي: بلاول ڀٽو زرداري (خبر)
* * چون ٿا ته پنجاب مقدس ڳئون آهي، ڪو هٿ وجھي ڏيکاري ته مڃجي؟ (تبصرو

* نواز شريف اڍائي ورهين ۾ 6 مهينن جي عرصي ۽ 65 دورن تي 64 ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا (خبر)
* * لُٽيو...لُٽيو ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لُٽيو ـ اوهان کان ڪير پڇاڻو ڪندو ڇا؟ (تبصرو)

* ٿر ۾ هڪ ٻار جي جي موت تي گوڙ ٿئي ٿو، لاهور ۾ روز ٻار مرن ٿا: آصف زرداري(خبر)
* * ...جيڪر وس پڄيوَ ته سمورا ٿري ٻارڙا ماري پوءِ دم پٽيو(تبصرو)

*خيرپور ۾ سولر لائيٽ رٿا ۾ ڪرپشن خلاف پٽيشن داخل (خبر)
* * اوهان ڪا مڙسي ڪريو، رهيو قائم علي شاهه سو 8 ورهين کان ستو پيو آهي (تبصرو)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top