سنڌي ادب حليم بروهي اوهان ڪل ڪيترا سنڌي ناول پڙهيا آهن؟ وڌ ۾ وڌ پنج يا ڇهه ۽ اسٽيج تي بيهي ڳالهائيندڙ چوندا آهن ته ”سنڌي ادب دنيا جي ادب سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلي رهيو آهي“ هنن کي ڪلهن جي ننڍ وڏائي جي به ڄاڻ ناهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ هر سال صدين کان لکين ناول ڇپيا آهن ۽ پڙهيا ويندا آهن، پر جن کي فقط ا ب ٻ جي اچارن جي ڄاڻ آهي، سي پنهنجي ننڍڙي ڪلهي کي وڏن ڪلهن کان به گهڻو مٿي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ٺيڪو کنيو ويٺا آهن. سمجهاڻي اڙدو، سنڌي، يا ڪهڙي به ٻولي ۾ هجڻ گهرجي، پر درسي ڪتاب (ڪورس جا ڪتاب) انگريزي ۾ هئڻ گهرجن، اها معمولي ڳالهه به اسان جي عقل جي اڪابرن کي سمجهه ۾ نٿي اچي. چائنا ۽جاپان جا ماڻهو ڪيترو به خرچ ڪري انگريزي سکڻ جي ڪوشش پيا ڪن، الطاف شيخ مليشيا ۾ رهيل آهي، هن ٻڌايو ته مليشيا ۾ انگريزي ٻولي رائج ڪئي وئي آهي ۽ اتي تعليم فقط انگريزيءَ ۾ ڏني ويندي آهي. الطاف کي هاڻي اهو به خيال آهي ته هن پنهنجا ٻه ٽي سفر نامه انگريزيءَ ۾ لکيا هجن ها ته اهو بهتر هجي ها. دنيا انگريزي پئي سکي ۽ سيکاري ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي وارا سنڌ ۾ سنڌي پيا سيکارين. هن کان وڏو تماشو ٻيو ڇا کي چئبو؟ ۽ سنڌي ۾ ڇا سيکاريندا؟ الجبرا؟ جاميٽري؟ بئنڪنگ؟ فزڪس؟ اليڪٽرانڪس؟ انجنيئرنگ؟ ائسٽرانامي؟ آخر اها ڪهڙي ڪمائتي شيءِ آهي، جا سنڌي لئنگويج اٿارٽي وارا سنڌ ۾ سنڌيءَ ۾ سيکاريندا؟ فقط ڏ، ڳ، ڱ، ڃ جا اچار سنڌي ڳالهائيندڙ هونئن به ڄاڻن ٿا. پنجابي، سرائڪي، پشتو، مارواڙي ۽ ڍاٽڪي لکبيون ناهن، پر انهن ٻولين جا ڳالهائيندڙ وڌندا وڃن. سنڌي ٻولي جنهن جي لکڻ تي هروڀرو زور ڏنو ويندو آهي، تنهن جا ڳالهائيندڙ گهٽبا وڃن. مان ڳوٺن جي ڳالهه نه پيو ڪريان، ڳوٺن ۾ رڳو ڪچهريون ٿينديون آهن، جن جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان ڪو به واسطو نه آهي ۽ ڳوٺن ۾ جنهن کي موقعو ملندو آهي، انگريزي ڏانهن ڊوڙي ويندو آهي. مٿي ڄاڻايل ٻوليون سنڌي ٻولي سميت فقط ڪچهري لاءِ آهن، انگريزي ٻولي بلڪل سائنٽيفڪ بنيادن تي جڙيل آهي، جيڪا ٻولي وڻيوَ سا ڳالهايو، پر تعليم انگريزيءَ ۾ حاصل ڪريو ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو مستقبل ٺاهيو. جيڪي سنڌي ڌارين ملڪن ۾ رهيل آهن، تن جي اولاد کي اڙدو يا سنڌي نٿي اچي، پر سڏبا سنڌي آهن. سنڌي ماڻهن کي سنڌ ۾ غلط خيال ڏنو ويو آهي، ته هندستان ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪري رهي آهي ۽ اهو سنئون سڌو ڪوڙ آهي، ٻئي ڳالهيون غلط آهن. مان انگريزي ٻولي جو پرچار نه پيو ڪريان، مان سنڌي مائٽن کي سندن ٻارن جي مستقبل ٺاهڻ جي ڪوشش پيو ڪريان. ڪنهن زماني ۾ پندرنهن ويهه سنڌي اخبارون ڇپبيون هيون، اڄ فقط ٻه ادارا ڇهه اٺ اخبارون ڇاپين ٿا. سنڌ صوبي جي ٿرڊ ڪلاس سياست ختم ٿي وئي ته سنڌي اخبارن جو تعداد صاف ظاهر آهي ته گهٽجي ويندو، انگريزي اخبارن جو تعداد وڌندو وڃي. سڌو ڳالهائڻ تمام وڏو ڏوهه آهي، خوشامد ڪرڻ سکو، واهه واهه ڪرڻ سکو، ڪو ڪيتري به بڪ ڪري، ڪو ڪيترو به گند ڪري، ڪو ڪيتري به يخي ڪري، اوهان فقط تاڙيون وڄائيندا ڪريو. فائدو اهو ٿيندو ته اوهان ترقي ڪندا ۽ وڏا ماڻهو ٿي ويندا. جي اوهان سادا آهيو ته وڏا بيوقوف آهيو، جنهن کي سچ چئبو آهي سا بڪواس آهي، فقط سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آهي، جنهن ۾ غلطي ته ممڪن آهي پر ڪوڙ ڳالهائڻ ناممڪن آهي. سائنس جي دنيا ۾ ارسٽاٽل ۽ ملٽن سڀ کان مٿي آهن، پلئٽو ۽ ساڪريٽس فقط يخي هئا، اسان واري زماني ۾ ماڻهو خليل خبران پڙهي پاڻ کي فلسفي سمجهندا هئا، مان خوش قسمت هوس جو مون هن کي نه پڙهيو. جڏهن کان انٽر ۾ هوس تڏهن مون هئمنڊ انس، آسڪر وائلڊ ۽ الائجي ڇا ڇا پڙهيو هو، پوءِ مون جيمس ڪلرڪ ۽ شوگن وغيره پڙهيا، پوءِ مون جيمس مچز جا ڪتاب پڙهيا، فقط ٽي چار ورهيه ٿيا آهن، جو مون اسٽيفن ليڪاڪ پڙهيو آهي ۽ اڄ منهنجو خيال آهي ته اسٽيفن ليڪاڪ کان وڌيڪ پڙهيل ڪو به ليکڪ نه هو. اوهان اهي پڙهي ته ڏسو، اوهان گهڻو ڪجهه سکي ويندا، مان ته جاهل ئي رهيس. منهنجي لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ تيزي، تکائي جا جزا ڇو آهن؟ اهو اوهان جو خيال آهي. هيءُ انهن جو خيال آهي، جن کي مان نٿو وڻان، هي انهن جو خيال آهي جن کي منهنجي شڪل نٿي وڻي، جن کي منهنجا خيال نٿا وڻن، جن مون کان ڪم ورتا ۽ منهنجو ماضي تباهه ڪيو. حقيقت فقط اها آهي ته مان اڪيلو هوس، اڪيلو آهيان ۽ اڪيلو ئي رهندس. مان ڌڪ کاڌل آهيان ۽ اهي ڌڪ مون پاڻ پنهنجو پاڻ کي هنيا.