• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي رت وري آئي وٿاڻن.....

هي رت وري آئي وٿاڻن....
_________________
هي رت وري آئي وٿاڻن محب موهيو هوجي ماڻن
سرنهن پيلا گل جهلي جيئن ڇلڪي پئي هئي پنهنجي ڇالن...

سو وري ڏينهن ياد آيو پنڌ جنهن ۾ هو ٿيو سجايو
صورت پرين جي کي ڏٺو هو قرب جي وڌ وڌ ڪمالن ..

هوا جي لحر لوڏي خواب سڀ خستوري ڪيا ها
مست بر ٿر هو جمالا راڳ رسيلا پنهنجي تالن ...

گاه جون ڀريون مٿي تي دل اندر دلبر جون ديدون
روح ۾ رمندي رلي هئي سڪ جنهن لئه سو سوالن ...

جت کيت ها سرسبز سارا جنهن ۾ مومل پير پيارا
لوڏ مان لڏندي هلي هئي شادمانا ڄڻ ڌمالن ....



رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top