پيارا دوستو: گوگل سنڌي ٻولي پنهنجي ٽرانسليٽ سافٽ ويئر ۾ آڻڻ لا۽ جتن ڪري رهيو آهي. مان به روزاني ڪجهه سو ترجمه ڪندو آهيان توهان دوستن کي به دعوت آهي ته مهرباني ڪري هن هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪري سنڌي ٻولي ترجمو ڪرڻ شروع ڪريو، ڪم ٿورو ڏکيو آهي پر ناممڪن نه آهي: https://translate.google.com/community هيٺ ڏنل گوگل گروپ اسان ٺاهيو آهي، جيڪي دوست انگريزي کان سنڌي ٻولي ۾ گوگل تي ترجمو ڪري پنهنجي پراگريس اسان سان شيئر ڪريو: https://groups.google.com/forum/#!forum/sindhi-language-and-translation-lovers-group مان اڄ تائين ست هزار کان مٿي ترجما ڪري چڪو آهيان. انشاَالله تمام جلد اسان سڀن جي ڪوششن سان سنڌي ٻولي گوگل ٽرانسليٽ ۾ اچي ويندي ۽ سڄي دنيا جي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي لا۽ تمام گهڻي سهولت ۽ آساني ٿيندي. دير نه ڪريو جلدي هي ڪم شروع ڪريو. مهرباني: جاويد احمد سولنگي
سائين، مهرباني اسان هن ڪم کي قومي فرض سمجهي ڪيون پيا. دنيا جون گهڻيون ٻوليون ڪمپيوٽنگ ۾ اچي ويون آهن، اسان پنهنجو حصو وجهون، باقي الله آساني ڪندو. اڄ ڪلهه ٽيبليٽ، سمارٽ فونن جو دور آهي، گهمندي ڦرندي به اسان 10 کان 20 ترجما ڪندا اچون ته به گنج ٿي ويندو.
گوگل پاران سنڌي ٻوليءَ کي گوگل ٽرانسليشن ۾ شامل ڪرڻ تي سڀني سنڌين کي سنڌ سلامت پاران مبارڪون. https://translate.google.com/ هاڻي اوهان ڪوبه مضمون سنڌيءَ کان انگريزي يا انگريزيءَ مان سنڌي يا ٻين 104 ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهو ٿا. انهن سڀني دوستن جا ٿورائتا آهيون جن سنڌي ترجمي واري ڪم ۾ حصو ورتو. جيتوڻيڪ اڃان ڪم مڪمل ناهي ۽ ان ۾ بهتري جي ضرورت آهي پر شروعات ٿي چڪي. بهتري وقت سان گڏ آڻيندا رهنداسين. گوگل جون مهربانيون.
خير مبارڪون، توهانکي به واڌايون هجن، انهن کي به مبارڪون هجن جن دوستن هن ڪم ۾ حصو ورتو، وري به دوستن کي عرض آهي جيڪو ڪم رهيل آ اهو به مڪمل ڪرڻ ۾ ڪوشش جاري رکن
سائين سليمان ۽ سنڌسلامت جا سڀئي ساٿي اڄ مان ۽ منهنجا سڀ سنڌ ٻهڪي رهيا آهن ۽ خوشي جا انتها نه آهي جو پنهنجي سلوڻي سپت ٻولي اڄ گوگل ترجمي ۾ شامل آهي ....شڪر الحمد الله
پيارا سنڌي ڀائرو؛ مان توهان سڀني سنڌين کي دل جي گهراين مان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته سنڌي گوگل ٽرانسليٽ تي اچي ويئي آهي. سائين محترم ماجد ڀرڳڙي صاحب جن جي هيٺ ڏنل پوسٽ پڙهو. https://mobile.facebook.com/majidbh...com/majidbhurgri/posts/10153229309161901&_rdr
لک لائق پيارا جاويد.. توهان جي محنت جا ته اسان اڳ به قائل هياسين.. پر هن ڪم ۾ توهان پنهنجو بي مثال حصو اٽڪائي يقين ڪريو سنڌي ٻوليءَ لاءِ تاريخي ڪم ڪيو آهي.. ۽ توهان سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي هنن لفظن جا برابر حقدار آهيو.. دنيا جي سڀني سنڌين کي مبارڪباد هجي جو هاڻي گوگل ۾ سنڌي ترجمو شامل ڪيو ويو آهي. گوگل ٽرانسليٽ ۾ سنڌي جو شامل ٿيڻ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل آهي لاءِ جنهن لاءِ اسان جاويد احمد سولنگي جا احسانمند آهيون جنهن جي محنتن ۽ ڪوششن سان اهو ممڪن ٿيو آهي. گوگل ٽرانسليٽ ڪميونٽي وارا، هن ڏس ۾ سندس محنت ۽ پورهئي جو اعتراف ڪندي، بجا طور تي کيس سنڏي ٽرانسليٽ ڪميونٽي جو هيرو سڏين ٿا. 22 فبروري مادري ٻولي جو ڏينهن آهي. هن نوجوان کي عملي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ، گوگل تي سنڏي ترجمي جي شامل ٿيڻ جي خبر کي سڀني سنڌين سان ونڊڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ اسان جو فرض ٿو بڻجي عبدالماجد ڀرڳڙي
گوگل ٽرانسليشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو شامل ٿيڻ وڏي ڪاميابي آهي. ساڳي وقت اسان جا ڪيترائي دوست ان تي پريشان آهن تہ ترجمو صحيح ڪونه پيو ٿئي. دوستو اوهان لاءِ اطلاع آهي ته اهو گوگل ڪميونٽي ۾ شامل ٿيڻ جو پهريون دور هيو. ان ۾ بهتري ايندي. اڃان ته صرف ڪجهه لک Phrases ئي ترجمو ٿيا آهن. ٻئي مرحلي ۾ مضمون ترجمو ٿيندا، جملا الڳ الڳ ترجمو ٿيندا ۽ بهتري ايندي ويندي. سنڌي ٻولي جي ترجمي جي accuracy هن وقت 10 فيصد آهي، اردو جي 35 فيصد آهي، چائنيز 99 فيصد ۽ عربي ٻولي جي لڳ ڀڳ 90 فيصد accuracy آهي. تنهنڪري ڪم ڪندا رهو. مايوس نه ٿجو. جڏهن سنڌي ٻولي جي accuracy لڳ ڀڳ 90 فيصد ٿي وئي ته پوء آواز به شامل ٿينداجيئن ڪمپيوٽر پاڻ سنڌي پڙهي. سفر جاري آهي ... اميدون ۽ حوصلا رکو.
گوگل ٽرانسليشن بابت ڪجھ وضاحتون امر فياض ان دور ۾ جڏهن قديم زبانون معدوم ٿي رهيون آهن ۽ يونيسڪو انهن ٻولين کي بچائڻ جا جتن پيو ڪري ان وقت سنڌيءَ ۽ پشتو زبانن کي گوگل پنهنجي مشيني ترجميڪاريءَ واري سرشتي ۾ آندو آهي ته ان عمل يقيني طور تي هنن ٻن ٻولين کي وڏو جيئيدان ڏنو آهي. هاڻي مان جيڪو هتي فيس بڪ تي ۽ ٻاهر ملندڙ فون ڪالن ۽ اخباري ٻڙڌڪي کي ڏسي ۽ ٻڌي رهيو آهيان ته سچ ۾ ڪجھ نراس به ٿيان پيو. نراس ٿيڻ جو سبب صرف اهو آهي ته اسان ان ”ماءُ“ جيان پيار ۽ جذبات ۾ وهي پنهنجي ٻنڌڻن واري ٻار کي اجايا سجايا کاڌا کارائي کيس بيمار نه ڪري وجھون جو هو بجاءِ وڏو ٿئي پر رهندو کنهندو ان جي صحت به تباه نه ٿئي، ساڳي نموني سان اسان سنڌي دوست جذبات ۾ اچي رڳو تاڙين وڄائڻ ۽ هاهوڪار مچائڻ ۾ پورا آهيون ۽ ٺٺول ڪرڻ ۽ نالي ڪمائڻ ۾ پورا ٿيندي رڳو ان ۾ مست آهيون ته ڦلاڻو ڪير، ته ڦلاڻو ڪير.....! گوگل ٽرانسليشن وارو عمل هڪ بي انتها پيچيده مڪينيزم تي بيٺل آهي، جنهن کي پهريون ته سمجھڻو پوندو ۽ اها ڳالهه سڀ دوست سمجھي ڇڏيو ته بغير سمجھڻ جي اوهان هميشه پنهنجي دماغ ۾ هن سرشتي بابت غلط تصور ئي ويهاريندا. هاڻي ٻه منٽ ٿورو ترسي هن مڪينيزم کي سمجھو ته هي ٽرانسليشن وارو عمل ٿيندو ڇا آهي. 1. سڀ کان پهريون ته گوگل ”سنڌي“ ٻوليءَ جي لاءِ جدا ”پروگرامنگ لائبريري“ ٺاهي پوءِ ڪوڊ ”عطا“ ڪري پنهنجي ترجمي جي سرشتي ۾ ”لفظن، محاورن ۽ جملن“ جي ترجمي ڪرڻ لاءِ ”اوپن سورس“ طور کولي سڀني سنڌين کي چيو ته هاڻي اوهان ”ترجمي واري ڪميونٽي“ ۾ وڃي ترجما ڪرڻ شروع ڪيو. (ان ڏس ۾ مان اهو چوندي ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿو ڪيان ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي پليٽ فارم تي گذريل سال جي شروعات ۾ ئي اسان گوگل سان لهه وچڙ شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ هنن باقاعده طور تي فرانس مان لفافو موڪلي ”خفيه ڪوڊ“ موڪلي سنڌي ٽرانسلشين جي پهريان ۽ پوءِ ٻين پراڊڪٽس جي ترجميڪاريءَ بابت اٿارٽيءَ کي مان ڏنو هئو. فيس بوڪ تي اٿارٽيءَ پاران هي پوسٽ ڏسي پاڻ ئي اندازو ڪريو: https://www.facebook.com/sindhilang...4599872211/364820747054929/?type=3&permPage=1) 2. ٻئي فيز ۾ پوءِ سڀني دوستن کي اپيلون ڪيون ويون ته مهرباني ڪري هاڻي ترجمي ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏين جنهن جي نتيجي ۾ هزارين دوستن پنهنجي پنهنجي وس ۽ وت آهر ترجما ڪرڻ شروع ڪيا. اهو عمل ”اوپن سورس“ آهي. جنهن ۾ سچ ته ڪجھ دوستن جن ۾ ذاتي طور سائين ماجد صاحب چواڻي محترم سائين جاويد سولنگي صاحب جو ٿورو مڃيو آهي ائين مان به سائينءَ جا هٿ چمڻ ٿو چاهيان ۽ ان سان گڏ سنڌ سلامت جي دوستن جا وڏا احسان آهن، جن ڀرپور مهم هلائي ۽ جدا جدا دوستن جا وڏا وڙ جن پنهنجو هٿ ونڊايو. ترجمي جي عمل ۾ کوڙ سارا لطيفا به ٿيندا رهيا، پر شابس آهي انهن دوستن کي جيڪي وقت ڏئي ترجمو ڪندا رهيا آهن. 3. ٽيون فيز آهي ”ٿيل ترجمن جي تصديق ڪرڻ جو“ جنهن کي گوگل جي سرشتي ۾ ”ويليڊيشن“ چئجي ٿو. هاڻي هن عمل ۾ اسان دوستن جي ڪيل ترجمن جي چڪاس ڪيون ٿا ته ڪهڙا ترجما بهتر ۽ تز ٿيا آهن، ۽ اسان انهن کي صحيح يا غلط قرار ڏئي غلط ترجمن کي خارج قرار ڏيون ٿا. جيڪو عمل پيو هلندو رهندو. 4. چوٿون فيز آهي پورن مضمونن جو ترجمو يا پوري ويب سائيٽ کي سنڌي ترجمي ڪرڻ جو.. يقين سان چئي سگھجي ٿو ته هي عمل بيپناه دشوار عمل آهي جنهن ۾ اسان گوگل جي ”مصنوعي ذهانت“ کي جهڙوڪ خبردار به ڪندا آهيون ته ”I am going“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”مان وڃي رهيو آهيان“ ئي نه آهي پر اهو ”مان وڃي رهي آهيان“ به آهي، هاڻي ترجمو ڪرڻ وارو سرشتو ڪٿي ”رهي آهيان“ يا ”رهيو آهيان“ استعمال ڪري اهو سڄو عمل پوري پيراگراف جي متن سان ٺهڪندو، جيڪڏهن پيراگراف جو ”سبجيڪٽ“ عورت آهي ته هي سرشتو اتي ”وڃي رهي آهيان” ترجمو ڪندو ۽ جيڪڏهن سبجيڪٽ مرد آهي ته هو ”وڃي رهيو آهيان“ ڪندو. ساڳي نموني سان ڪٿي ”تون“ استعمال ٿيندو ته ڪٿي ”توهان“ استعمال ٿيندو. ساڳي طرح لفظ آهي ”Train“ جنهن جي معني ريل گاڏي به آهي ته تربيت به آهي.. هاڻي اهڙي قسم جا هزارين لفظ آهن، جن جون انگريزيءَ کان سنڌيءَ يا سنڌيءَ کان انگريزيءَ ۾ معنائون جدا جدا آهن، پر انهن سڀني جي معنائن سان انصاف ڪرڻ لاءِ سال لڳندا ۽ جڏهن پيراگراف ٽرانسليشن وارو عمل بهترين نموني سان ٿيڻ لڳندو ته سمجھجو ته هاڻي سنڌي ٻوليءَ جو ترجمو اسي سيڪڙو کان به مٿي ٿي رهيو آهي. (اها پڪ سمجھجو ته هن ڏاڪي تائين پهچڻ ۾ سال لڳندا.“ 5. پنجون مرحلو آهي سنڌي ٻوليءَ جو آپٽيڪل ڪريڪٽر رڪگنيشن جنهن جي مدد سان اسڪين ٿيل تصوير مان سنڌي اکر جدا ڪري وري اهي ترجمي ۾ اچن. مثال هڪ پرڏيهي ماڻهو رستي ويندي هڪ بورڊ ڏسي ٿو، هو پنهنجي موبائل جي ڪيميرا سان ان جي تصوير ڪڍي ٿو. گوگل جو ترجميڪاري سرشتو ان بورڊ ۾ لکيل سنڌي لفظ روڙي ڪڍي ان پرڏيهيءَ کي سندس ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيندو ته هن بورڊ تي ڇا لکيل آهي. 6. ڇهون فيز آهي سڄي سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ جي ڪَڪِ، آوازن ۾ رڪارڊ ٿيڻ، مثال هر اکر جا نوَ آواز ٿين ٿا. زير زبر پيش وغيره سان، وري انهن اکرن جي ملڻ سان لفظن جا آواز ٺهن ٿا. اهو پهريون عمل هوندو، ان جي ٻي ڏاڪي ۾ مختلف عمرين جا آواز، جيئن ٻاراڻا آواز، جوان ماڻهوءَ جا آواز، پڪي مرد جا آواز، وري زنانن آوازن ۾ عمرين جا آواز، ۽ آخر ۾ لهجا، جيئن ٿري، لاڙي، اتراڌي لهجن جا آواز.... نيز اهو دقيق ترين ڪم يعني سڀ آواز رڪارڊ ڪري گوگل جي ”اپليڪيشن پروگرامنگ انٽرفيس“ (API) ۾ داخل ڪرڻا پوندا. منهنجا دوستو ڳالهه صرف اتي ڇيهه نه ٿي ڪري، پر ترسو، هاڻي ايندو وارو روين جي اظهار جو... ڇوته ”ڪاما، فل اسٽاپ، سوالي نشاني، عجب جي نشاني“ وغيره صرف لکڻ ۾ ايندا آهن پر جڏهن اسان اهي جملا ڳالهائيندا آهيون ته اسان جي ڳالهائڻ مهل آوازن جي هيٺ مٿاهين رويي ۾ اهي سڀ سوالي يا هاڪاري رويا ظاهر ٿيندا آهن، سو آخر ۾ اهي روين جا آواز ايندا. جيڪي گوگل دنيا جي ٻين ٻولين جي آوازن جي لائبريريءَ ۾ انهيءَ قطار ۾ رکندي جتي اهي سوالي، عجبي يا هاڪاري لهجن ۾ ڀريل آهن. 7. ۽ آخر ۾ پوءِ مسلسل اپڊيٽنگ جو مرحلو شروع ٿيندو جنهن ۾ نوان لفظ، نوان استعارا نيون تشريحون پيون داخل ٿينديون رهنديون. سو منهنجا دوستو، هاڻي اوهان سمجھو ته هي سڀ ڪجھ اسان کي ڪرڻو آهي، مونکي توهان کي، هِن کي، هُن کي، معنا سڀني کي، اسان جي ادارن کي.... ۽ اهي ڇهه ئي ڏاڪا جڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ جا داخل ڪري وياسين ته سمجھو ”پئون ٻارنهن“ ٿي پوندي. سو منهنجا دوستو تڪڙا نه ٿيو... جيڪڏهن ڪو دوست ائين سمجھي ٿو ته ترجمو صحيح نه ٿو ٿئي ته ان کي پهريون پنهنجي گريبان ۾ جھاتي پائي ڏسڻ گھرجي ته هن ذاتي طور تي گوگل جي ترجمي واري سرشتي ۾ ڪيترو هٿ ونڊايو آهي. اها گوگل جي مهرباني، جو هن ترجمي واري ڪميونٽيءَ ۾ ”سنڌي“ ٻوليءَ کي به شامل ڪيو، پر منهنجا دوستو هاڻي ان ۾ مواد وجھڻ کان سنوارڻ، سڌارڻ، اکرن جو عڪسي تاڃي پيٽي داخل ڪرڻ ۽ آواز وجھڻ اسان ۽ توهان جو ڪم آهي. اوهان ترجمي واري فريم ورڪ تي هزار ڀيرا تنقيدون ڪيو، دوستن جي ڪيل ڪمن تي هزار ڀيرا شابسون ڏيون هي ڪم ڪنهن ڪيو هُن يا هِن، جهڙن ڇسن سوالن تي هزار ڀيرا هڪ ٻئي جا ڄنڊا پٽيو، پر هڪ ڳالهه ياد رکجو... دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جي داخل ٿيڻ تي ان ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ائين غير سائنسي داد يا ڄنڊا پٽ ناهن ڪندا جيئن اوهان سڀ ڪري رهيا آهيو... مهرباني ڪري انهن اجاين سوالن ۽ ٻڌڙڪن کي ڇڏي اچو ته ڪم ڪيون، ترجمو ڪيون، ڪيل ترجمي جي تصديق ڪيون.. ڇوته وقت ڪونهي پيارا! ترجمي لاءِ هيءَ لنڪ https://translate.google.com/community ____