حاضر ادا سائين، اسين اوهان جي ان را سان نه فقط متفق آهيون بلڪه گڏ پڻ آهيون، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي بقا ۽ واڌ ويجهه جي مسئلن تي بحث ڪرائڻ ۽ انهن تي ليک پيش ڪرڻ لئه ئي ته هي فورم ٺاهيو ويو آهي ۔۔۔ سنڌي ادب کي اڄ جي جديد دور جي ضرورتن پٽاندر، ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ اڳ کان اڳري ڪرڻ جي خيال کان، سنڌي ٻولي جي موجود ۽ نئين مواد کي محفوّظ ڪرڻ ۽ دنيا تائين پهچائڻ ئي ته هن فورم جو نعرو ۽ ڪم آهي ۔۔۔
دوست نواز خان زتور صاحب، اوهان هن اوطاق جي ڪمرن ۾ وڃي ڏسو ته اوهانکي گهڻو ڪجهه سنڌي ادب جي زمري ۾ ملي ويندو ۔۔۔ ها اوهان مهرباني ڪري تعرف واري ڌاڳي ۾ وڃي پنهنجو پيارو تعرف ڪرايو ۔۔۔
دوست نواز خان، هن اوطاق جي دوستن جو نعرو آهي سنڌ سلامت ساٿ سلامت، اچو ته سڀ گڏجي سفر ڪيون ۽ حالي احوالي ٿي هڪ ٻئي کي منزل تي پهچڻ جا گس پيچرا ٻڌايون ۔۔۔
ادا زنئور صاحب۔۔۔ توهان کي ادا وڏو نثار صاحب۔۔۔ سنڌ سلامت جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌائي چڪو آهي۔۔ بهتر اهو ٿيندو ته اوهين سنڌ سلامت جي هر فورم ۾ وڃي موضوعات تي نظر ڦيرائيندا ته توهان کي اسان جي دوستن جي ڪوششن جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻ ملندي