Shahbaz khan shar
سينيئر رڪن
سنڌ حڪومت 23 خطرناڪ ڏوهارين کان جاچ ڪرڻ لاءِ (جي آئي ٽي) ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
خميس 18 فيبروري 2016

ڪراچي:سنڌ حڪومت ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتا خوري سوڌو ٻين خطرناڪ ڏوهن ۾ ملوث 23 دهشتگردن کان جاچ لاءِ جي آئي ٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي.وڏي وزير جي ترجمان مطابق سيد قائم علي شاهه 23 خطرناڪ دهشتگردن کان ڏوهن بابت جاچ ڪرڻ لاءِ جي آئي ٽي بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي،جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.جنهن مطابق گڏيل جاچ ٽيم ۾ پوليس،رينجرز،سي ٽي ڊي سوڌو حساس ادارن جا اهلڪار شامل هوندا.وڏي وزير جي ترجمان وڌيڪ چيو ته گڏيل جاچ ٽيم ۾ جوابدارن اياز، حامد،ارشد عرف اسد چاچا،محسن لمبا،ریحان شنا،عمران رضا، محمار بخش،اسلم منا،عدنان، ناصرعرف مڇڙ،دل مراد، محسن، دانش، سلیم، عبدالرشید، محمد سعید بلوچ ۽ مسعود عرف ڀولا کان به جاچ ڪئي ويندي.پوليس مطابق گرفتار جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ،ڀتا خوري سوڌو ٻين وڏن ڏوهن ۾ ملوث آهن،جڏهن ته دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم ۽ سياسي پارٽي سان آهي.وڏي وزير جي ترجمان مطابق منهاج قاضي،سهيل،خرم موٽا،فرحان فنٽر،شفيق ۽ نويد کان جاچ ڪرڻ لاءِ اڃان تائين جي آئي ٽي ناهي بڻائي.