صرف ويلٽائن ڊي تهذيب جي خلاف آهي؟؟؟ شفيق شاڪر ڪجھ ڏينهن پهرين اسان جي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي “اسلامي” صدر پاڪستاني قوم کي مشورو ڏنو ته ويلٽائين ڊي اسلامي روايتن جي خلاف آهي ان ڪري عوام اهو ڏينهن ملهائڻ کان پاسو ڪري.ان بيان جي ذريعي دنيا کي شايد اهو تاثر ملي ته هي واحد اسلامي ملڪ آهي جتي اسلام جي سمورين روايتن تي پابنديء سان عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ انهيء جو ڪريڊٽ خاص طور تي هتان جي “اسلامي” حڪمرانن ڏانهن وڃي ٿوجيڪي مڪمل طور تي اسلامي رنگ ۾ رنگيل آهن ۽ اسلامي روايت جي خلاف ڪابه شيء پاڪستان ۾ برداشت نٿا ڪن!ويلٽائين ڊي ڇا آهي، صحيح آهي يا غلط،اسلامي روايتن جي خلاف آهي يا نه؟ اسان جي انهيء سان ڪا دلچسپي ناهي .ڪو ان تي لعنت ڪرڻ گھري ٿو ته ڀلي ڪري ، پاڪستان جي ويھ ڪروڙ آباديء مان ڪيترا ماڻهو هوندا جيڪي اهو ڏينهن ملهائيندا هوندا؟ وڌ ۾ وڌ هڪ سيڪڙو ماڻهو! عوام جي اڪثريت جيڪا ٻن وقتن جي مانيءلاء تڙپي رهي آهي انهن جو ويلٽائين ڊي جهڙن شوقن سان ڪهڙو تعلق؟ پر اسان کي وقت جي انهن اسلامي حڪمرانن ۽ ساڻن سر ملائيندڙ سازيندن کان هڪ سوال ضرور پڇڻو آهي ته ڇا صرف ويلٽائين ڊي ئي اسلامي روايتن جي خلاف آهي؟اسان جي ملڪ ۾ ٻيون سڀ شيون جيڪي ان نان اشوء کان وڌيڪ اهميت رکن ٿيون سي سڀ اسلامي اصولن ۽ روايتن مطابق هلي رهيون آهن. جيڪر توهان وٽ ڪرڻ لاء ٻيو ڪو اهم ڪم ۽ ٻڌائڻ لاء ڪو سنجيده موضوع نه رهيو آهي ته هر نان اشوء کي خدا جي واسطي اسلام سان ڳنڍي ماڻهن کي اسلام کان ئي بدظن ڪرڻ جي ڪوشش ته نه ڪيو.ڳالھ ڪيو ٿا اسلامي تهذيب جي ته اسلامي تهذيب جو جيڪر گھرائيء سان جائزو وٺبو ته ان ۾ ٻه بنيادي رنگ واضح نظر ايندا.آئون ڳالھ مسلم تهذيب جي نٿو ڪيان پر اسلامي تهذيب جي ڪري رهيو آهيان جو انهن ٻنهي اصطلاحن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي جنهن کي گھڻا گڏ وچڙ ڪري ٿا ڇڏين. ته اسلامي تهذيب جا ٻه بنيادي رنگ ڪهڙا آهن؟ هڪ ته ذاتي طور تي انسان جي اندر تقوى يعني خدا جو خوف ۽ ٻيو اجتماعي طور تي سماجي انصاف جنهن ۾ هر قسم جو انصاف اچي وڃي ٿو.مثال خوشمزاجي ۽ کل ڀوڳ اسلام ۾ منع ٿيل ناهي بلڪه خوشمزاج انسان جي تعريف ڪئي ويئي آهي پر ان شيء کان منع ڪئي ويئي ته کل ڀوڳ ۾ ڪا اهڙي حرڪت نه ڪجي جنهن سان ٻئي جي دل آزاري ٿئي. ان ننڍڙي مثال ۾ به توهان کي اسلامي تهذيب جا اهي ٻئي بنيادي رنگ نظر ايندا،خدا جو خوف، جو ٻئي انسان جي دل ڏکوئڻ سان خدا ناراض ٿئي ٿو ۽ سماجي انصاف، جو ٻئي جي دل ڏکوئڻ يا ان جي ڪنهن به طرح سان توهين ڪرڻ ان سان ظلم برابر آهي ۽ سماجي انصاف جي روح جي خلاف آهي.مشڪل اها آهي جو اسان جو اسلام جو مطالعو تمام محدود هوندو آهي.جڏهن اسان اسلامي تاريخ ۽ مسلم تاريخ جي فرق کي ئي نٿا سمجھون ته پوء ڪافي شيون جيڪي مسلم تهذيب جو حصو آهن تن کي اسلامي تهذيب جو حصو سمجھڻ لڳندا آهيون.هڪ بنيادي ڳالھ اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته اسلامي تاريخ جو عرصو هڪ صديء کان به گھٽ عرصي تائين محدود آهي جڏهن ته مسلم تاريخ چوڏهن سو سالن کان مٿي عرصي تي محيط آهي.اهو صحيح آهي ته مسلم تهذيب تي اسلامي تهذيب جو اصل رنگ هڪ ڊگھي عرصي تائين سراسري طور تي ڇانيل رهيو پر تنهن هوندي به ڪافي اهڙيون اڻ وڻندڙ شيون به مسلم تهذيب جو حصو بڻيون جن جو اسلامي تهذيب سان پري جو به ڪو واسطو نه هو.مسلمان حڪمرانن طرفان حڪومت حاصل ڪرڻ جي حوس ۾ ماڻهن جو قتل عام،گھرو لڙايون ۽ ٻيون به انيڪ ظالماڻيون ڪاروائيون جن سان تاريخ ڀري پيئي آهي ۽ جن کان انڪار ڪري نٿو سگھجي، ڇا انهن سمورين شين کي به اسلامي تهذيب جو حصو سمجھي قبول ڪري وٺجي؟ هرگز نه.ٻئي طرف اهي نام نهاد دانشور جن اسلام جو وسيع مطالعو ڪرڻ سواء پنهن جي اها عادت بنائي ڇڏي آهي جو مسلمانن جي سمورين بڇڙاين کي کڻي وڃي اسلامي تهذيب سان ملائين ٿا ۽ نوجوان نسل کي اسلام جي باري ۾ غلط فهمين ۾ مبتلا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا،اهي به تنقيد ڪندي انصاف جي مڃيل اصولن جو ذرو به خيال نٿا رکن. جيڪر انهن جي سندن ئي ان اصول کي قبول ڪيو وڃي ته مسلمانن جيڪي ڪجھ غلط ڪيو تنهن جي ذميداري اسلامي تهذيب تي عائد ٿئي ٿي ته پوء انهن دانشورن کان اهو به پڇجي ته اهو اصول هو جمهوريت سان لاڳو ڇو نٿا ڪن؟ مثال جن ملڪن ۾ جمهوريت جي نالي تي عوام سان ظلم ۽ استحصال ٿي رهيو آهي ته ان ظلم ۽ استحصال جي ذميداري اهي جمهوريت جي اصل نظام تي وجھڻ بدران حڪمرانن تي ڇو ٿا وجھن؟عجيب ٻٽو معيار ۽ منطق آهي ! يعني جمهوريت جي نالي تي حڪمران جيڪر غلط ڪن ته ان ۾ جمهوريت جو ڪو قصور ڪونهي پر حڪمران جيڪر اسلام جي نالي تي غلط ڪن ته انهيء ۾ ڏوھ اسلام جو!اصل ڳالھ اها آهي جو هڪ طرف مغربي فاشسٽ آهن جيڪي هر گندگي“ انساني آزادي” ۽ “جمهوريت” جي خوبصورت پيڪيٽن ۾ ويڙهي انسانن کي مادر پدر آزاد بنائي انساني اخلاقي اقدار جو جنازو ڪڍڻ لاء بي چين آهن ته ٻئي پاسي مذهبي فاشسٽ آهن جيڪي مذهب جون هٿ ٺوڪيون تشريحون ڪري ۽ مذهب جو نالو استعمال ڪري عوام جو استحصال ڪرڻ ۽ کين هميشه لاء پنهن جن پاروٿين سوچن جو غلام بنائي رکڻ گھرن ٿا.نه هنن جو ڪو اصل جمهوريت سان واسطو ۽ نه ئي هنن جو ڪو اصل مذهب سان تعلق! هي سڀ قبضا گروپ آهن جن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري رکيو آهي انهن جا نعرا برابر مختلف آهن پر مقصد ساڳيو آهي اهو مقصد آهي ته عوام کي ڊگھي عرصي تائين پنهن جو غلام ڪيئين بنائي رکجي.هاڻي اچون ٿا ويلنٽائين ڊي طرف جنهن جي ملهائڻ يا نه ملهائڻ کي ڪن ايمان ۽ ڪفر جو مسئلو بنائي رکيو آهي.انهن کان اهو پڇجي ته ويجھي ماضيء ۾ پنهن جي ننڍي کنڊ ۾ انگريزي زبان ۽ انگريزي لباس کي ڪفر چئي ماڻهن کي دنيائي تعليم حاصل ڪرڻ خلاف فتوائون جاري ڪيون ويون،سرسيد احمد خان ۽ ڊاڪٽر اقبال تي ڪفر جون فتوائون لڳايون ويون،لائوڊ اسپيڪر جي باري ۾ چيو ويو ته انهيء ۾ شيطان ويٺل آهي.تصويرون ڪڍرائڻ کي حرام قرار ڏنو ويو.هاڻي ٻڌايو ته وڏا وڏا مدرسا اها ساڳي انگريزي ڇو پڙهائي رهيا آهن؟ ڪهڙو عالم آهي جو لائوڊ اسپيڪر سواء تقرير ڪرڻ لاء تيار هجي؟ ڪيترا عالم سڳورا آهن جيڪي تصويرون نه ڪڍائيندا هجن يا ٽي ويء تي نه ايندا هجن؟جيڪا شيء ڪالھ ناجائز هئي اها اڄ ڪيئن جائز ٿي ويئي؟جيڪي اختيار جي ايوانن ۾ ويهي قوم کي اسلامي تهذيب جو درس پڙهائين ٿا انهن کي اهو به ٻڌائڻ گھرجي ته اسلام جي سماجي انصاف واري نظام کي نافذ ڪرڻ حڪمرانن جي ذميداري آهي يا عوام جي؟ انصاف سڀني جي لاء هڪجهڙو هجي اهو ڪهڙي تهذيب جو درس آهي؟ فرات نديء جي ڪناري ڪو ڪتو به بکيو مري ويو ته ان جي ذميداري وقت جي حڪمران تي عائد ٿئي ٿي،اهو ڪهڙي تهذيب جو اصول آهي؟قومي خزانو قوم جي امانت آهي جيڪو ان ۾ ٽڪي جي به خيانت ڪري ٿو اهو حڪومت جي ڪرسيء تي ويهڻ جو اهل ناهي،اهو ڪهڙي تهذيب جو دستور آهي؟ هڪ عام ماڻهو به وقت جي حاڪم کان بنان خوف جي اهو سوال پڇي سگھي ٿو ته تو اهو ڪڙتو ڪٿان آندو؟ اهو ڪهڙي تهذيب جو واقعو آهي؟ جيڪڏهن هن عورت جي جڳھ تي منهن جي ڌيء فاطمه به چوري ڪري ها ته ان کي به ساڳي سزا ڏني وڃي ها،احتساب جو اهو عظيم قانون ڪهڙي تهذيب جو شاهڪار آهي؟ويلٽاين ڊي جي بي حيائي ته توهان کي نظر اچي ويئي پر ان عظيم سنگدلي ۽ بي حسي تي به ڪجھ چپ چوريو ها جو اشرافيا جا ڪتا جيڪو ڪجھ کائين ٿا پاڪستانين جي اڪثريت کي اهو خواب ۾ به ميسر ڪونهي. معصوم ٻار بکن ۽ بيمارين وگھي تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا،دوائن جا اگھ ايترا وڌي ويا جو ڪو غريب ته دوائون خريد ڪرڻ بدران مرڻ کي ئي ترجيح ڏيندو. ڪو ڏاڍو ڏوه ڪري ٿو ته ان لاء ڪو قانون ناهي پر ڪمزور جي لاء ڦاهو تيار آهي. حڪمرانن جو هي شاهاڻيون زندگيون ۽ غريبن جون هرگھڙيء سسڪيون ۽ سڏڪا،اها ڪهڙي تهذيب آهي؟ اهڙو معاشرو جتي هڪ خاص امير طبقو غريبن جو رت چوسي هر رات بيحيائين جون محفلون سجائيندو هجي،اتي سال ۾ هڪ دفعوايندڙ ويلٽائين ڊي تي لعنت ڪرڻ کان اڳ ڪجھ پنهن جن ٻين پرڪارن جو جائزو به وٺڻ گھرجي. اوهان جو هي گمان ته اهو اسلامي معاشرو آهي ۽اسين ئي عظيم اسلامي تهذيب جا اڪيلا وارث آهيون ته اهڙي خام خياليء تي صرف ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو! اردوءجي مشهور شاعر اڪبر الھ آباديء چيو هو ته “ سورج ڪو لگي ڌڀا،فطرت ڪي ڪرشمي هين بت هم ڪو ڪهين ڪافر،ﷲ ڪي مرضي هي.”