السلام عليڪم دوستو! جيئن ته توهان پنهنجي ڪمپيوٽر جي باري ۾ سڄي ڄاڻ رکندا هوندو۔۔ ڇو ته ڪمپيوٽر جا مالڪ آهيو۔۔۔ اها سڄي معلومات اوهان ونڊوز جي اندر ته معلوم ڪري سگهو ٿا پر اڄ هڪ ڪمانڊ جي ذريعي مان توهان کي اها معلومات حاصل ڪرڻ سيکاريندس۔۔ پهرين ڪمپيوٽر جي مرڪزي مينيو ۾ وڃي Run ۾ Cmd ڪمانڊ لکندو ته توهان جي اڳيان ڪمانڊ پرامپٽ جي ونڊو کُلي ايندي۔۔۔ انهيءَکان بعد انهيءَ۾ فقط هي ڪمانڊلکو۔۔۔۔ systeminfo ته توهان جي اڳيان توهان جي ڪمپيوٽر جي ساري معلومات کُلي ايندي پراسيسر، بورڊ، ريم ته انتهائي معمولي ڳالهه آهي پر توهان جي نيٽورڪ جو نالو، نيٽورڪ تي اوهان جو نالو، توهان جي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ٿيل اپڊيٽس ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي نيون معلومات توهان کي معلوم ٿينديون... هينئر ئي آزمائي ڏسو..
جواب: سسٽم انفارميشن بس هڪ ڪمانڊ جي ذريعي معلوم ڪريو هائو يار مست واقعي ! سڀ ڪچي ڦڪي معلومات اصل سيڪنڊن ۾ اچي وئي ۔۔۔ هل ڙي مست تنهنجي مستي ۔۔۔ ساحرن وارا ڪم ٿيا ٻيو وري ڇا؟
جواب: سسٽم انفارميشن بس هڪ ڪمانڊ جي ذريعي معلوم ڪريو ادا سائين توهان جي ٽپ ته صفا لاجواب آهي پر هي ٿريڊ پڙهي ڏسو http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=753 سدائين گڏ
جواب: سسٽم انفارميشن بس هڪ ڪمانڊ جي ذريعي معلوم ڪريو فقير سائين بلڪل اوهان به اها ڳاله شيئر ڪئي آهي پر ايترو ٽائيم ڪٿي جو ڏسي وٺجي ته ڪهڙي شي شيئر ٿي آهي ڪهڙي نه ادا مست ٽائيم ڏئي فورم کي اهڙي شيئرنگ ڪئي آهي ادا لک لائق
جواب: سسٽم انفارميشن بس هڪ ڪمانڊ جي ذريعي معلوم ڪريو فقير سائين واقعي ڪافي شيون هن وقت فورم تي موجود آهن ليڪن شيئر ڪرڻ وقت هر ڪنهن جي ذهن ۾ سڀ پوسٽون موجود نه آهن ان ڪري سڀني دوستن جي مهرباني جن وقت ڪڍي پنهنجي معلومات اسان تائين پهچائي اوهان جي ذهن جي ميموري تيز آهي ورنه اسان جو ته حال اهو آهي ته ڪالهوڪو ٿريڊ به ياد نه ٿو رهي ته ڪالهه فورم تي ڇا موڪليو هئوسين الله تعالى سڀني پيارن کي خوش رکي۔ سدا سلامت هجن سنڌ جا سڀ سٻاجها سلڇڻا ماروئڙا جيڪي فقط پيار ونڊڻ ڄاڻين ٿا ۽ سنڌ سلامت سان ساٿ نڀائين پيا۔
جواب: سسٽم انفارميشن بس هڪ ڪمانڊ جي ذريعي معلوم ڪريو سائين وڏا ۔۔۔۔ مهرباني۔۔۔ اصل مست کي توهان جون دعائون کپن ۔۔۔ پاڻ مست ئي صحيح آهيون۔۔ ساحريءَجو ڪم ادا رشيد ئي ڄاڻي۔۔
جواب: سسٽم انفارميشن بس هڪ ڪمانڊ جي ذريعي معلوم ڪريو فقير سائين۔۔۔ اوهان سان ڪٿي ٿا پڄون۔۔۔ اسين ته مست آهيون۔۔ پنهنجي مستيءَ ۾ خبر ئي نه آهي ته اڳ ۾ اها پوسٽ ٿي چڪي هئي۔۔۔ بس دوستن جي ڀلي خاطر مڙئي رمز ونڊيوسين۔۔۔ اڳتي مڙئي خيال رکبو۔۔۔۔
جواب: سسٽم انفارميشن بس هڪ ڪمانڊ جي ذريعي معلوم ڪريو سائين ڳالهه مڙئي صحيح ڪئي اٿوَ۔۔۔ فقير سائين وارو خزانو ٿوڙو لڪي ويو هو، ان کي نروار وري نئين انداز ۾ ڪيوسين۔۔۔
جواب: سسٽم انفارميشن بس هڪ ڪمانڊ جي ذريعي معلوم ڪريو ادا مست تمام بهترين ٽپ اوهان شيئر ڪئي آهي۔۔۔مان اها ٽپ پڻ آزمائي آهي۔