• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 19جمعو فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ڪنڌ ڪوٽ ۾ عورتن سان ظلم عروج تي آهي: صوبائي محتسب اعلى (خبر)
* * اوهان کي عورتن تي ٿيندڙ ظلم جي ته خبر آهي، پر قائم علي شاهه کي ناهي..!! (تبصرو)

*سجاول ۾ گٽر 3 ورهين جي ٻار جي حياتي کسي ورتي (خبر)
* * ڪراچيءَ وانگيان قائم علي شاهه جي گٽرن تي تصوير ٺاهيو ته ڍڪڻا پاڻهي لڳي ويندا (تبصرو)

*سعودي اتحاد ۾، پاڪستان جي ڪردار جي خبر ناهي: پرڏيهي صلاحڪار (خبر)
* * .....اجايو هر مامري تي سنڌي ڪنوار وانگيان اکيون ٻوٽي هاڪار ته نه ڪريو (تبصرو)

*ڪراچيءَ ۾ گھميل هوائون، نگاهه واري حد گھٽجي وئي (خبر)
* * اسان جي حڪمرانن جي هر موسم ۾ نگاهه واري حد گھٽ ٿي ويندي آهي (تبصرو)

* شير جي پڇ تي گينڊي جو پير اچي ويو ته راڻا ثناءَالله کي مرچون لڳي ويون: شيخ رشيد (خبر)
* * راڻا ثناءِ الله کي مرچيون ته لڳي ويون پر ٻڌايو ته ڪهڙي هنڌ؟ (تبصرو)

* زرداري، بلاول کي پنهنجي سياسي ٽيم چونڊڻ جو اختيار ڏنو (خبر)
* * زرداريءَ جي سوکڙي قائم علي شاهه ۾ هٿ وجھندو ته پوءِ بلاول جو به ڏچي ۾ پوندو (تبصرو)

*لڳي ٿو نيب پنهنجي چيئرمن جي ڪنٽرول ۾ به ناهي: نجم سيٺي (خبر)
* * سچ ٿو چوين يا وزيراعظم نواز شريف جي ونگار ٿو وهين؟ (تبصرو)

*سنڌ جون 50 جايون ريلوي ڦاٽڪ کان محروم (خبر)
* * هجي ڪو سنڌ جو ڌڻي سائين ته رڙيون دانهون ڪجن (تبصرو)
 
Back
Top