محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اسان جي هڪ دوست فيس بوڪ تي الله تعالى جي وجود کي فرضي سهارو ڪوٺيو آهي. جنهن جي موٽ ۾ عرض آهي ته:
سائين جنهن کي اوهان فرضي سهارو سمجھو ٿا سو فرضي هرگز ناهي، رڳو اک پٽيو. اسان جي اڳيان هڪ نه پر هزارين مثال موجود آهن. سمجھڻ واري لاءِ اشارو ئي کوڙ آهي. ٻيو ته ٺهيو پر سج ۽ چنڊ جيڪي هر ڏهاڙي اڀرن ۽ لهن ٿا، تن کي سکڻو هڪ منٽ ته مهرباني ڪري روڪي ڏيکاريو. سائنسدانن چواڻي جيڪڏهن سج پنهنجي جاءِ تان ٿورو هيٺ لهي اچي ته انٽارڪٽيڪا ۽ ٻئي هنڌ ڄميل ساري برف پاڻي ٿي ويندي ۽ هماليا جبل کان به مٿي پاڻي ڌرتيءَ تي گڏ ٿي ويندو ۽ سڀ ساهوارا مري ويندا ۽ پوءِ سج جي تپش ڪارڻ سارو پاڻي سڪي ويندو ۽ سمنڊ خالي ٿي ويندو ته رهيل ساهوارا به مري ويندا. ٻيو ته ٺهيو پر پلوٽو کي ڏسو جيڪو 248 ورهين ۾، سج کي هڪ چڪر (سال) پورو ڪري ٿو، اهو نڪي تند ۽ نڪي تار سان ڳنڍيل آهي.ان کان علاوهه 8 گرهه به تند تار کانسواءَ پنهنجا پنهنجا مختلف چڪر مڪمل ڪن ٿا. سائنسدانن موجب، جيڪڏهن رڳو 2 گرهه پاڻ ۾ ٽڪرائجي وڃن ته ڪروڙن ايٽم بمن کان به وڌيڪ تباهي ايندي. تازو بي بي سي لنڊن موجب نظام شمسيءَ ۾ هڪ اهڙو نئون گرهه ڳولي لڌو اٿن جيڪو پنهنجن ئي ستارن جو چوڌاري چڪر 12 لک ورهين ۾ مڪمل ڪري ٿو. جي ها 12 لک ورهيه.
سائين......شاهه لطيف جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي جنهن جو چوڻ هو ته جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهن؟ مان سمجھان ٿو ته جيڪڏهن توهان لطيف کي ئي دل ۽ ذهن سان پڙهو ۽ سمجھو ها ته اهڙيون ڳالهيون نه لکو ها، جن سان اسان جا نوجوان سنڌي گمراهه ٿيندا.
هاڻ فرض ڪجي ته ايترين نشانين جي باوجود الله تعالى جو وجود ڪونهي ته پوءِ قيامت جو وجود به نه هوندو؟ پوءِ ڀلا ماڻهو ڇو تڪليفون سهي؟ گھر ن ۾ پورهيو ڪندڙ عورتون، ڇو نه هر رات جو عياشيون ڪري، ساري مهيني جا 5 هزار هڪ ئي رات ڪمائن ۽ مرد به پورهيو ڇو ڪن ۽ هر شخص ڪلاشنڪوف کڻي، ڦرلٽ ڪري ۽ ظاهري طور پورهئي ڪرڻ جي وڏي تڪليف کان ڇٽي پوي؟
هونئن به فطرت جنهن کي اوهان مڃيو ٿا، سو ئي ته الله تعالى جي وجود جي نشاني آهي، جيڪو نظام هستي هلائي رهيو آهي، سو ئي ته الله تعالى آهي، رڳو سمجھه گھرجي. اوهان 60 نه چئو، ڀلي ٽي ويهون چئو، ڳالهه ته ساڳي آهي پر پوءِ به سنڌي نوجوان گمراهه نه ڪريو ته بهتر.
سائين..معاف ڪجو..!! اوهان جا گمراهه ڪندڙ رمارڪس، سنڌين ۾ وڌيڪ ڏڦيڙ وجھندا خاص ڪري نوجوانن ۾ . هڪ سنڌي قومپرست اهڙو ئي ڪتاب لکي، سنڌي نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن ۾ سدائين لاءِ ڏڦيڙ وجھي ويو. وري احساس ٿيس ته هڪ ليکڪ جي چواڻي پاڻ به عمرو ڪري آيو. پاڻ ته هليو ويو پر سندس خيال سنڌين ۾ سدائين لاءِ ڏڦيڙ جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن.
Ahmed Soomro
فطرت مونکي جيڪو فهم ۽ صلاحيتون ڏنيون آهن، تن سان خدا جي وجود کي پرکڻ ۽ ثابت ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. آئون نه خدا کي ڏسي سگهان ٿو؛ نه ٻڌي سگهان ٿو؛ نه ڇُهي سگهان ٿو؛ نهمحسوس ڪري سگهان ٿو؛ ۽ نه وري منهنجي عقل وٽ سندس هجڻ جو ڪو دليل آهي. خدا منهنجي خوف جي ايجاد آهي. اڳي جڏهن آئون فطرت آڏو بيوس هئس، تڏهن فطرت جي هاڃيڪار پهلوئن مونکي پاڻ کان وڌيڪ طاقتور هستيءَ جي هجڻ جي وهم ۾ مبتلا ڪيو. قدرتي آفتن، خونخوار جانورن ۽ اوندھ جي خوف ۾ جيئڻ لاءِ مون خدا جي فرضي وجود جو سهارو ورتو... پر هاڻي حالتون بنھ تبديل ٿي چڪيون آهن. مون پنهنجي شعور ۽ علم ذريعي فطرت تي ضابطو آندو آهي. مونکي هاڻي ڪنهن فرضي سهاري جي ڪهڙي ضرورت آهي؟