• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ سنڌي دوست جا رمارڪ ۽ خدا جو وجود / محمد خان سيال / 21 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اسان جي هڪ دوست فيس بوڪ تي الله تعالى جي وجود کي فرضي سهارو ڪوٺيو آهي. جنهن جي موٽ ۾ عرض آهي ته:
سائين جنهن کي اوهان فرضي سهارو سمجھو ٿا سو فرضي هرگز ناهي، رڳو اک پٽيو. اسان جي اڳيان هڪ نه پر هزارين مثال موجود آهن. سمجھڻ واري لاءِ اشارو ئي کوڙ آهي. ٻيو ته ٺهيو پر سج ۽ چنڊ جيڪي هر ڏهاڙي اڀرن ۽ لهن ٿا، تن کي سکڻو هڪ منٽ ته مهرباني ڪري روڪي ڏيکاريو. سائنسدانن چواڻي جيڪڏهن سج پنهنجي جاءِ تان ٿورو هيٺ لهي اچي ته انٽارڪٽيڪا ۽ ٻئي هنڌ ڄميل ساري برف پاڻي ٿي ويندي ۽ هماليا جبل کان به مٿي پاڻي ڌرتيءَ تي گڏ ٿي ويندو ۽ سڀ ساهوارا مري ويندا ۽ پوءِ سج جي تپش ڪارڻ سارو پاڻي سڪي ويندو ۽ سمنڊ خالي ٿي ويندو ته رهيل ساهوارا به مري ويندا. ٻيو ته ٺهيو پر پلوٽو کي ڏسو جيڪو 248 ورهين ۾، سج کي هڪ چڪر (سال) پورو ڪري ٿو، اهو نڪي تند ۽ نڪي تار سان ڳنڍيل آهي.ان کان علاوهه 8 گرهه به تند تار کانسواءَ پنهنجا پنهنجا مختلف چڪر مڪمل ڪن ٿا. سائنسدانن موجب، جيڪڏهن رڳو 2 گرهه پاڻ ۾ ٽڪرائجي وڃن ته ڪروڙن ايٽم بمن کان به وڌيڪ تباهي ايندي. تازو بي بي سي لنڊن موجب نظام شمسيءَ ۾ هڪ اهڙو نئون گرهه ڳولي لڌو اٿن جيڪو پنهنجن ئي ستارن جو چوڌاري چڪر 12 لک ورهين ۾ مڪمل ڪري ٿو. جي ها 12 لک ورهيه.

سائين......شاهه لطيف جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي جنهن جو چوڻ هو ته جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهن؟ مان سمجھان ٿو ته جيڪڏهن توهان لطيف کي ئي دل ۽ ذهن سان پڙهو ۽ سمجھو ها ته اهڙيون ڳالهيون نه لکو ها، جن سان اسان جا نوجوان سنڌي گمراهه ٿيندا.

هاڻ فرض ڪجي ته ايترين نشانين جي باوجود الله تعالى جو وجود ڪونهي ته پوءِ قيامت جو وجود به نه هوندو؟ پوءِ ڀلا ماڻهو ڇو تڪليفون سهي؟ گھر ن ۾ پورهيو ڪندڙ عورتون، ڇو نه هر رات جو عياشيون ڪري، ساري مهيني جا 5 هزار هڪ ئي رات ڪمائن ۽ مرد به پورهيو ڇو ڪن ۽ هر شخص ڪلاشنڪوف کڻي، ڦرلٽ ڪري ۽ ظاهري طور پورهئي ڪرڻ جي وڏي تڪليف کان ڇٽي پوي؟

هونئن به فطرت جنهن کي اوهان مڃيو ٿا، سو ئي ته الله تعالى جي وجود جي نشاني آهي، جيڪو نظام هستي هلائي رهيو آهي، سو ئي ته الله تعالى آهي، رڳو سمجھه گھرجي. اوهان 60 نه چئو، ڀلي ٽي ويهون چئو، ڳالهه ته ساڳي آهي پر پوءِ به سنڌي نوجوان گمراهه نه ڪريو ته بهتر.

سائين..معاف ڪجو..!! اوهان جا گمراهه ڪندڙ رمارڪس، سنڌين ۾ وڌيڪ ڏڦيڙ وجھندا خاص ڪري نوجوانن ۾ . هڪ سنڌي قومپرست اهڙو ئي ڪتاب لکي، سنڌي نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن ۾ سدائين لاءِ ڏڦيڙ وجھي ويو. وري احساس ٿيس ته هڪ ليکڪ جي چواڻي پاڻ به عمرو ڪري آيو. پاڻ ته هليو ويو پر سندس خيال سنڌين ۾ سدائين لاءِ ڏڦيڙ جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن.

Ahmed Soomro

فطرت مونکي جيڪو فهم ۽ صلاحيتون ڏنيون آهن، تن سان خدا جي وجود کي پرکڻ ۽ ثابت ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. آئون نه خدا کي ڏسي سگهان ٿو؛ نه ٻڌي سگهان ٿو؛ نه ڇُهي سگهان ٿو؛ نهمحسوس ڪري سگهان ٿو؛ ۽ نه وري منهنجي عقل وٽ سندس هجڻ جو ڪو دليل آهي. خدا منهنجي خوف جي ايجاد آهي. اڳي جڏهن آئون فطرت آڏو بيوس هئس، تڏهن فطرت جي هاڃيڪار پهلوئن مونکي پاڻ کان وڌيڪ طاقتور هستيءَ جي هجڻ جي وهم ۾ مبتلا ڪيو. قدرتي آفتن، خونخوار جانورن ۽ اوندھ جي خوف ۾ جيئڻ لاءِ مون خدا جي فرضي وجود جو سهارو ورتو... پر هاڻي حالتون بنھ تبديل ٿي چڪيون آهن. مون پنهنجي شعور ۽ علم ذريعي فطرت تي ضابطو آندو آهي. مونکي هاڻي ڪنهن فرضي سهاري جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
 
پهريون سوال اهو ته ڇا انساني جسم ۾ موجود پنج حواس هر شيء جي وجود کي پرکڻ ۽ ان جي اصل حقيقت تائين پهچڻ لاء ڪافي آهن؟ جيڪڏهن ها ته پوء اسان جي چوڌاريء هرقت موجود رهندڙ آڪسيجن گئس جي وجود کي توهان انهن پنجن ئي حسن مان ڪهڙي حس جي ذريعي پرکيندا؟ نه ان جي صورت يا رنگ آهي جو نظر اچي. نه انهيء کي بوء آهي جو سنًًًگهي سگهجي،نه انهيء جو ڪو آواز آهي جو ٻڌي سگهجي،نه ان جي ڪا ٺوس شڪل آهي جنهن کي ڇهي سگهجي ۽ نه ان کي ڪو سواد آهي جو چکي سگهجي. ته پوء ايئن ڇونه چئجي ته آڪسيجن گئس نالي ڪنهن شيءجو وجود هن ڪائنات ۾ آهي ڪونه!اهو بس ڪو فرضي وجود آهي.
ٻيو سوال اهو ته هر شيء جي وجود کي پرکڻ ۽ ان جي اصل حقيقت تائين پهچڻ لاء صرف فطرت ئي ڪافي آهي يا فطرت سان گڏوگڏ ان فطرت جو صحيح هئڻ به بنيادي شرط آهي؟ مثال جنهن ماڻهوء کي سائي نالي بيماري هوندي آهي ان کي مختلف رنگ به ساوا نظر ايندا آهن،اهڙيء طرح جنهن کي زوڪام هوندو آهي اهو ڪابه بوء يا سواد سڃاڻي نه سگهندو آهي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
هڪ سنڌي قومپرست اهڙو ئي ڪتاب لکي، سنڌي نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن ۾ سدائين لاءِ ڏڦيڙ وجھي ويو. وري احساس ٿيس ته هڪ ليکڪ جي چواڻي پاڻ به عمرو ڪري آيو. پاڻ ته هليو ويو پر سندس خيال سنڌين ۾ سدائين لاءِ ڏڦيڙ جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن.

محمد خان سيال صاحب امرجليل کي ته مان ڏٺو آ ماڻھن کي برغلائيندي مھراڻ ٽي وئ تي۰ توهان مھرباني ڪري انھئ دانشور جي باري ۾ آگاھي عطا ڪندا ته جيئن ماڻھو اھڙن ماڻھن کان خبردار رھن۰

shafique shakir صاحب توھان جو آڪسيجن وارو مثال ڏاڍو وڻيو

ڳالھ اها هي ته جڏي رڍن ٻڪرين جي ڌڻ تي ڌنار ناهي هوندو ته بگھڙ جو وارو وڄندو آ۰ ڌنار جو مطلب آ رهبر پوء ڀلي اهو مرشد هجي يا سياستدان، مرشد هجي ته ڪامل مرشد ائون جي سياستدان هجي ته ڀٽو۰ سائين جي ايم سيد کئون وٺي اڄ تائين سوڪالڊ قومپرستن به قوم جو ٻيڙو ٻوڙيو آ۰
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
خدا توفيق ڏني ته خدا جي انڪار واري موضوع تي تفصيلي مضمون لکي عقل وارن جو عقل آزمائبو!

”فطرت مونکي جيڪو فهم ۽ صلاحيتون ڏنيون آهن، تن سان خدا جي وجود کي پرکڻ ۽ ثابت ڪرڻ ممڪن ئي ناهي.“
صاحب تحرير جو مٿيون جملو ئي سندس موقف کي رد ڪري رهيو آهي.هڪ ڳالھ اها ته هو ڪنهن اهڙي مافوق الفطرت وجود کي مڃي ٿو جنهن جو نالو” فطرت“ آهي.هاڻي جيڪر هن کان پڇيو وڃي ته تو ڪهڙي ذريعي سان فطرت جي وجود تائين پهتين؟ ۽ فطرت جي وجود لاء تووٽ ڪهڙو دليل آهي؟
ٻيو ڳالھ اها ته هو پاڻ ئي پنهن جي بيوسيء جو اظهار انهن لفظن ۾ ڪري ٿو ته
” فطرت طرفان ڏنل صلاحيتن جي ذريعي خدا جي وجود کي پرکڻ مشڪل آهي.“ ڪنهن شيء کي پرکڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته اها شيء موجود آهي يانه ؟ يعني ٻئي نتيجا ممڪن آهن ته اها شيءآهي يا ناهي؟ هاڻي جڏهن توهان وٽ پرک جو اهو پورو پيمانو ئي موجود ڪونهي ته توهان ان جو اهو نتيجو ڪٿان آندو ته اها شيء موجود ڪانهي؟اهو به ته ممڪن آهي ته اها شيء موجود هجي!هڪ آسان مثال مان سمجھو جيڪر ڪو مون کي اها خبر ڏي ته ڪنهن ڀت جي اوٽ ۾ ڪو فقير بيٿل آهي.هاڻي جيئن ته منهن جي نظر ۾ اها صلاحيت موجود ناهي جو ڀت جي لڪيل پاسي ڏسي سگھان ته آئون ان خبر ڏيندڙ جي خبر جو حتمي انڪار ڪيئن ثو ڪري سگھان؟ وڌ ۾ وڌ جيڪر مون کي خبر ڏيندڙ تي اعتبار ناهي ته چئي سگھان ٿو ته ” خبر ناهي ته ڀت جي ٻئي پاسي فقيرآهي يا ناهي.“ انهيء جو مطلب ته جيڪر ڪنهن شيء جي وجود جي انڪار جو امڪان موجود آهي ته ان جي اقرار(هئڻ) جو دليل يا امڪان به ته موجود آهي پوء صرف انڪار (نه هئڻ) واري دليل کي ئي ڇو حتمي مڃجي؟
 
سائين.....امر جليل جي باري ۾ مون وٽ مواد آهي پر اسان جا ڪجھه دوست جيڪي شخصيت پرستيءَ جي باهه ۾ وڪوڙيل آهي، سي دليلن سان جواب ڏيڻ بدران ڏينڀوئن وانگيان حملو ڪري ٿا ڏين ـ اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته وليم شيڪسپيئر جنهن جي حيثيت بين الاقوامي آهي، تنهن جي خلاف اڄ به تنقيد ڪئي وئي وڃي ٿي ۽ ڪير به دل ۾ ڪونه ٿو ڪري پر امر جليل بابت ٻه اکر جائز لکبا ته ڪجھه دوست باهه ٻاري ٿا ڏين ـ
 
ادا مون کي وڌيڪ ڄاڻ ته ڪونھي پر اھو ذرورچوندس جنھن ريڊيو ٺاھيو انھن کي ته ادو سڃاڻي ٿو يا نه جي ان کي سڃاڻي ٿو ته پڇوس ھي ھيڏي وڏي دنيا ڪنھن نه ٺاھي اھي ٿورو غور بس پنھنجي زات تي پنھنجي جسم تي بس مالڪ ڏسڻ ۾ايندس
 
ادا مان پوسٽ کان وٺي دنگ اچي ڪيو
ڪجھ دوستن سٺيون ڳالھيون چيون ادي کي به شايد سمجھ ۾اينديون يا نه
مان اھيو چوندس ته ريڊيو ٺاھڻ وارو مالڪوني انھي کي ته سڃاڻو ٿا
۽ جنھن ھي ھيڏي وڏي دنيا ٺاھي ان جي وجود کان انڪار
واھ ادا واھ توھان جي علم جي ڇا ڳالھ ڪجي
توھان جيڪو ساھ کڻو ٿا ان ھوا کي ڏسو ٿا رنڱ ته ٻڌايو ان جو
 
Back
Top