فطرت مونکي جيڪو فهم ۽ صلاحيتون ڏنيون آهن، تن سان خدا جي وجود کي پرکڻ ۽ ثابت ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. آئون نه خدا کي ڏسي سگهان ٿو؛ نه ٻڌي سگهان ٿو؛ نه ڇُهي سگهان ٿو؛ نه محسوس ڪري سگهان ٿو؛ ۽ نه وري منهنجي عقل وٽ سندس هجڻ جو ڪو دليل آهي. خدا منهنجي خوف جي ايجاد آهي. اڳي جڏهن آئون فطرت آڏو بيوس هئس، تڏهن فطرت جي هاڃيڪار پهلوئن مونکي پاڻ کان وڌيڪ طاقتور هستيءَ جي هجڻ جي وهم ۾ مبتلا ڪيو. قدرتي آفتن، خونخوار جانورن ۽ اوندھ جي خوف ۾ جيئڻ لاءِ مون خدا جي فرضي وجود جو سهارو ورتو... پر هاڻي حالتون بنھ تبديل ٿي چڪيون آهن. مون پنهنجي شعور ۽ علم ذريعي فطرت تي ضابطو آندو آهي. مونکي هاڻي ڪنهن فرضي سهاري جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ خدا هر انسان کي اهي سڀ سلاهيتون ڏنيون آهن جن جي زريعي هو خدا کي محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ قدرت جي هن بالاتر نظام ۾ خدا جو وجود گولي سگهي ٿو، پر زاهري شڪل سان ن بلڪ محسوس ڪرڻ سان پر جيڪڏهن توهان خدا پرست آهيو ، جيڪڏهن توهان کي خدا تي ايمان آهي ت پو ٻي صورت ۾ توهان نامعقول گالهيون ڪندا رهندو. جيڪڏهن توهان هن پوري ڪائنات تي غور ڪندو ت توهان کي هن جي پويا هڪ وجود نظر ايندو ۽ ان وجود کي مختلف ٻولين ۾ مختلف نالن سان ڪوٺيو ونڃي ٿو، ۽ ڪي يڪتا پرست ت ڪي وري مختلف روپن ۾ ڏسن ٿا..جيڪڏهن توها هن ڪائنات جي گوڙي اڀياس ڪندو ت خدا جو وجود يا ان هڪ رهنما جو وجود توهان جي اگيان هڪ عملي شڪل ۾ بيهندو ان جو مثال قدرت جو وسيه ڪارخانو آهي .. پر عام تور تي ڪجه دوست خدا کي فيس ٽو فيس ڏسڻ ٿا چاهين جيڪا عقل ۽ فهم کان گاله ٻاهر آهي....ٻي گاله توهان کي ( فرضي خدا جي ڪهڙي ضرورت آهي) يقينن توها جي خيالن مان اهو اندازو لگائي سگهبو ت توها هاڻ پان ئي سڀ ڪجه آهيو يعني قدرت تي سائينسي طريقي مطابق ضابطو آڻي بنا ڪنهن سوچ سمجه جي فرضي چئي ڏنو، اسان خدا کي فرضي چئي جان ڇڏائي پاڻ کي طاقتور سمهجي وجود کان انقاري ٿي ونڃو؟؟؟؟؟؟؟؟؟ هاڻ منڃو يا ن توهان تي آهي