ڪتاب ”شام صحرا جي“ (شاعري)، شاعر : حسن وساڻ هن کي عاشقي ئي زندگي ٿي لڳي محمد سليمان وساڻ مائيڪ آندري لکيو آهي ته “شاعري درد ۽ پيڙا جي پيٽ ڄائي آهي، هر اهو شخص جيڪو ڀوڳي ٿو ۽ درد سهي ٿو سو شاعر آهي هن جو هر هڪ لڙڪ هڪ شعر ۽ هر دک هڪ نظم آهي”. سنڌي شاعريءَ جا هر دور ۾ مختلف الڳ الڳ رخ رهيا آهن، هڪڙا ترقي پسند شاعريءَ ذريعي نالو ڪمائين ته ڪي وري انقلابي شاعري ذريعي ڇانئجي ويندا آهن. پر هڪ طبقو جنهن کي روايتي شاعري جو لقب ڏيندا آهن سو سدائين متحرڪ رهندو آهي ۽ هنن جي سونهن، سچ، چاهتن ۽ محبتن سان گڏ حُسن تي ڪيل شاعري پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي. اهڙو شاعر معاشري جي بي راهه روي، ماڻهن جي اڍنگن روين، ڏک ۽ پيڙا مان گذري دردن جي ڪوتا تخليق ڪندو آهي. اهڙن ئي خوبصورت شاعرن مان هڪ حَسن وساڻ به آهي. خيرپور ضلعي جي هڪ ننڍي ڳوٺ جهنگي سان تعلق رکندڙ حسن وساڻ سهڻا غزل پيش ڪري پنهنجو نالو ڪمايو آهي. تازو ئي سندس شاعريءَ جو پهريون مجموئو “شام صحرا جي” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. خيرپور ضلعو جتان تنوير عباسي، تاجل بيوس، عطا محمد حامي جهڙا شاعر پيدا ٿيا آهن جن سنڌي شاعريءَ کي نوان رخ ڏنا آهن، ان جو تسلسل مشتاق ڦل کان حسن وساڻ تائين ساڳيي جوڀن ۽ آب تاب سان شاعريءَ جي افق تي موجود آهي. شاعري جذبن ۽ احساسن جي اظهار جو سڀ کان سگهارو ذريعو آهي جنهن ذريعي دل جي ڳالهه قلم جي نوڪ ذريعي ٻين تائين پهچي انهن جي دلين کي به جهومائي وجهي ٿي. اهائي ڳالهه حَسن وساڻ جي شاعريءَ مان ظاهر پئي ٿئي. حَسن جا غزل پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ماڻهن جي روين، محبوب جي روين، محبوب جي نخرن ۽ معشوق جي دلرباين جو ڪيڏي نه سندرتا سان لفظن ۾ بيان ڪري ٿو. حسن وساڻ ڳوٺ ۾ رهندي اتان جا حسين منظر ۽ پنهنجي دلربا جي تشبيهه ڇا ته سهڻي نموني پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏيکاري آهي: ڪيڏو نازڪ ادائن ۾ ويڙهيل هئا، نيڻ تنهنجا حجابن ۾ ويڙهيل هئا. مون ڇهڻ ٿي گهريا، هٿ رت ٿي ويا، ڪيڏا ڪنڊا گلابن ۾ ويڙهيل هئا. هو محبوب ۽ ان جي دوستيءَ کي ئي زندگي ٿو سڏي ڇو ته هو محبتن ۽ امن جو شاعر آهي، هن کي عاشقي ئي زندگي ٿي لڳي، هن کي چاهتون ئي نئين اميد ٿو ڏين: موت ڏي ڪيئن وڃي، زندگيءَ کي ڇڏي، ڪير تنهنجي پرين دوستيءَ کي ڇڏي. حسن وساڻ جي شاعريءَ کي گهرائيءَ سان پڙهو ته ان ۾ فطرتي حسناڪيون ۽ فطرت سان پيار ڀريو پيو آهي. خوبصورت منظر ۽ فطرت جي سونهن جي ساراهه هو ايئن ئي ٿو ڪري جيئن وليم ورڊس ورٿ يا وري سنڌي شاعريءَ ۾ تنوير عباسي ڪئي آهي. هو اهڙي ڳوٺ ۾ رهي ٿو جتي شام جو سج لهڻ جا منظر، پکين جون لاتيون، مال جا ڌڻ، رات جي چانڊوڪي، تارن ڀري آسمان جي رم جهم، ماڪ جا قطرا، رات جا ٽهڪ، هير جهڙي هڳاءِ جهڙي هوا، مينهوڳي ۾ مٽيءَ جي خوشبو، ٻنين ۾ اميدن جي آسري هارين جون زندگيون، ڀٽن تي لهندڙ سج جا منظر ۽ صحرا ۾ گذرندڙ درد ڀريون شامون ڄڻ ته هن کي مست ڪري شاعر بڻايو ڇڏين ۽ اهڙي منظرن کي ئي هن شاعريءَ جي سونهن بڻايو آهي: رات به تنهنجي ٽهڪن کان پوءِ، گل ٽڙيا ها چانڊوڪيءَ ۾. هير هڳاءُ ٿي وئي، هن جا، وار ڇڙيا ها چانڊوڪيءَ ۾. حسن وساڻ حسناڪين، محبتن، چاهتن، اميدن، آسرن، عشق ۽ عاشقي، ڌيمي لهجي، محبتي مرڪن جهڙو شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ جي شيلف ۾ هڪ سندر ڪتاب جو اضافو آهي. حَسن جي شاعريءَ ۾ انسانيت جو درد ۽ انسان دوستي جو پيغام سمايل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ اهڙا احساس سمايل آهن جيڪي پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿا وجهن. يقينن سندس شاعري پڙهندڙ هي ڪتاب پڙهي کيس داد ڏيڻ کان ڪونه رهندا. سندس خيالن جي گهرائي ۽ سادن لفظن سان ڪيل آسان شاعري کيس ادبي دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ ۾ سولايون پيدا ڪندي. سندس شاعريءَ جو هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. 112 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. مهاڳ ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ لکيو آهي جڏهن ته مشتاق ڦل ۽ وفا حاڪم وساڻ جا شاعر ۽ شاعريءَ بابت رايا پڻ ڇپيل آهن. ڪاوش سنڊي ميگ 21 فيبروري 2016ع