• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / سومر 22 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* جعلي ڊاڪٽر، ماڻهن جي حياتين سان کيڏي رهيا آهن: چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ (خبر)
* * ....اها خبر اسلام آباد وارن کي ته آهي پر سنڌ جي حڪمرانن کي ناهي (تبصرو)

* مادري ٻولين کي اڻ لڀ جانورن وانگيان خطرو آهي: ڊاڪٽر طارق رحمان (خبر)
* * ...پر نواز شريف عرف چرٻٽ راجا جو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو؟ (تبصرو)

* پنجاب ۾ جُڙتو پير جي چوڻ تي ماءُ معصوم پٽ کي ماري ڇڏيو(خبر)
* * اهو پير هيو يا شيطان ۽ ماءُ هئي يا ڏائڻ؟ (تبصرو)

* زرعي زمين جي حد 50 ايڪڙ مقرر ڪئي وڃي: هاري ڪانفرنس (خبر)
* *پر ملٽري ڊڪٽيٽر ضياءَالحق جي دور ۾ زمين جي حد ختم ڪئي وئي هئي (تبصرو)

* استادن جي بايو ميٽرڪ سسٽم کي ڪامورن ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو(خبر)
* * لڳي ٿو ته سنڌي ڪامورا رشوت جو عالمي رڪارڊ قائم ڪندا (تبصرو)

*گھوٽڪيءَ ۾ پنجاب پوليس سِرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت کي کنڀي وئي (خبر)
* * پنجاب پوليس، گھوٽڪي ضلعي کي پنهنجي بابي جي جاگير سمجھندي رهي آهي (تبصرو)

* گوگل سنڌي ۽ پشتو سميت 13 ٻولين جي ترجمي جي سھوليتون مهيا ڪيون (خبر)
* * گوگل وارن کي لک شاباسون هجن!(تبصرو)

* سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙيءَ تي 77 هندوستاني مهاڻا گرفتار(خبر)
* * ...هاڻ وري ويچارن سنڌي مهاڻن جو خير ناهي...!! (تبصرو)

* نيب جو طريقيڪار درست ڪيو وڃي: پ پ پ اڳواڻ (خبر)
* * ٻين لفظن ۾ آصف علي زرداريءَ جي ڪرپٽ دوستن ۾ هٿ نه وڌو وڃي (تبصرو)

* وفاق جو ملڪ ۽ جمهوري ادارن سان رويو ٺيڪ ناهي: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * مولُو ڄٽ! ڀلا ٻڌاءِ ته سنڌ سرڪار جو رويو سنڌ ۽ سنڌين سان درست آهي ڇا؟ (تبصرو)
 
Back
Top