• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيءَ جون چونڊون پهرين مئي 2016 تي ٿينديون

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
رجسٽرار، ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز جي اعلان موجب، سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، مين نيشنل هاءِ وي (ويجھو جوڳي موڙ،ضلعوملير) جون چونڊون پهرين مئي 2016 تي پروگرام موجب ٿينديون ـ

ياد رهي ته سوسائٽيءَ جون ساليانيون چونڊون، سوسائٽيءَ ۾ ئي رهندڙ هڪ انتهائي ڪرپٽ سنڌي ڪاموري سازشون ڪري، گذريل پنجن ورهين کان ٿيڻ ڪونه ڏنيون جنهن ڪري سوسائٽيءَ جي ڪجھه ميمبرن کي مجبوريءَ وچان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻي پيئي ـ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب، مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جي ڪل 15 ميمبرن ۽ صدر جون چونڊون پهرين مئي تي ٿيڻيون آهن ـ دعا ڪندا ته الله تعالى سوسائٽيءَ کي انهيءَ ڪرپٽ سنڌي ڪاموري جي ڦتني کان بچائي ۽ چونڊون خير سان بي ريا ٿين ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top