وطن جي لاءِ جان ، گهوري پوءِ به ٿوري..الا آزاد آخوند روهڙي وطن جي لاءِ جان ، گهوري پوءِ به ٿوري..الا سنڌين جان نه گھوري! وطن گهوري آيا وطن گهوري آيا هاڻي رت ورئين...الا پنهنجا وري پسڻ لاءِ، تن جا نيڻ سڪن ٻيريون کڀڙ کجيون هت ڳولهيندي نه ملن ماڻهو هت به ٿين پر اسان جي ڪي ٻيا هئا اسان جي ڪي ٻيا هئا جن سان هئا نيهن اوسيئڙا به انهن جا رهن راتيان ڏينهن...الا اکين سندا مينهن ، منڌ نه ڏسن مهل ڪا.. منڌ نه ڏسن مهل ڪا، اندر جون آهون ملڪ موٽي وڃڻ جون بند ٿيون راهون ..الا سي ڪن داهون، وطن ويو جن هٿان وطن ويو جن هٿان، ناهي تن آرام ڪڏهن وسري ڪين ڪي ڪنهن کان پنهنجو وهاڻ نديون هت به جام پر سنڌو ۾ ٿن ساه سنڌو ۾ ٿن ساه ، سنڌو ڀائن ماءُ پنهنجا نيٺ پنهنجا، ڌارين ڪهڙو گهاءَ الا... آيو اهڙو واءُ ، هڪڙا هتي ٻيا هتي هڪڙا هتي ٻيا هتي، سنڌي ٿيا ٻئي پر هڪڙا سنڌي ڏيهي ٻيا پر ڏيهي الا.... ماڻهو هڪڙائي ، پر رهن راڄ ٻن ۾ رهن راڄ ٻن ۾ ڪي سنڌ ته ڪي هند مٽي جا هڪ ملڪ جي ، جڙيل تن جي جند الا... سي ڇا ڄاڻن سنڌ، جيڪي هتي ڄميا جيڪي هتي ڄميا، سي به سنڌي سڏبا سنڌي ٿي به سنڌ کي، ڏسڻ لاءِ سڪندا ڌارين وانگرجڏهن، سنڌ وڃي ڏسندا .. الا ماڻهون ائين چوندا، ته سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ فيس بوڪ 22 فيبروري 2016