• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اڱارو 23 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* حڪومت نيب کان نه ڊنل آهي نه اختيار محدود ڪندي: چوڌري نثار (خبر)
* * البت اهڙيون فني پابنديون مڙهيندي جو اختيار پاڻمرادو گھٽجي ويندا (تبصرو)

* آدمشماري اشو تي سنڌ جون پارٽيون هڪ ٿي ويون (خبر)
* * في الحال ناممڪن، ممڪن ٿي ويو (تبصرو)

* سنڌي سجاڳ نه ٿيا ته آدمشماريءَ ۾ نقصان ٿيندو: جلال شاه (خبر)
* * قومپرستن جي ٻٽاڪن سان سنڌي ڪونه جاڳندا، عملي ڪم ڪريو (تبصرو)

* وفاقي سرڪار سنڌ ۾ زبردستي رينجرز موڪلي آهي: خورشيد شاهه (خبر)
* * رينجرز ڪارروائي نه ڪري ها ته 90 تي گيسيون ڪندي اوهان جي عمر ئي ڳري وڃي ها (تبصرو)

* سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ ريليون (خبر)
* * گڏجي جدوجهد ڪريو ته ڪو کڙتيل نڪرندو، ايڪڙ ٻيڪڙ ريلين مان ڪو فائدو ڪونهي(تبصرو)

* عذير بلوچ جي انڪشافن تي گرفتاريون نه ڪرڻ جو فيصلو (خبر)
** آصف علي زرداريءَ لاءِ وقتي خوشخبري (تبصرو)

* جنهن اداري جا ننهن وڏا ٿي ويا، سي ڪٽينداسون: پرويز رشيد (خبر)
* * پر جنهن جو مٿو اوهان وانگي ڦريل هجي تنهن سان ڪهڙي جٺ ڪجي؟ (تبصرو)

* سنڌ سرڪار قانون سازي ڪري پاڻ آدمشماري ڪرائي: قومپرست (خبر)
* * ڇو؟ قائم علي شاهه سرڪار تي ايڏو وڏو ڀروسو اٿو؟ (تبصرو)

* نيويارڪ ۾، سنڌ جي صوبائي وزارت ۾ هڪ ڀيرو وري ڦيرڦار ڪرڻ جو فيصلو (خبر)
* * اڃا به جھجھو مال ڪمائڻو اٿن، سو وزارت ۾ ڦيرڦار ضروري آهي (تبصرو)

* ٿر ۾ نياڻين جي اسڪولن کي تالا، تعليم تباهه ٿي وئي (خبر)
* * پر وزير تعليم نثار کهڙو ۽ وڏو وزير قائم علي شاهه ڪهڙي مرض جي دوا آهن؟(تبصرو)
 
Back
Top