ڪيڏي دل تون آن ويچارِي

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [​IMG]
    سنڌ سلامت جا سُهڻا دوستو، اڄ ڪيڏي دل تون آن ويچاري کڻي آيو آهيان، ڪافي آهي، تصويري شڪل ۾ .


    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀائڙا نثار ناز
    جڙيل هجين شال
    يار شاعريءَ جون رمزون شاعر ئي ڄاڻن، سٺن لفظ ۽ مناسب تور تڪ واري ڪافي لکي اٿوَ، ادا سائين هندي گانو نه ٻڌو اٿوَ ته؛

    دل تو پاڳل هي، هنساتا هي وهي، رلاتا هي وهي، ساري ساري رات جگاتا هي وهي ...

    ادا سائين پنهنجي دل کي سمجهائڻ ته سٺي ڳالهه آهي پر کيس مايوس ڪرڻ نه کپي ... ٻي ڳالهه ته وڇوڙي ۽ بي وفائي ۾ فرق هوندو آهي ... وڇوڙي واري محبوب جو انتظار ڪبو آهي ۽ جي انتظار نه ڪبو ته بي وفائي ٿيندي ۽ بي وفا يار کي وسارڻ ڀلو نه ته زندگي زهر ٿي ويندي آهي، اوهانجي هن ڪافيءَ ۾ ٻئي خيال مليل آهن ...
    جيئن ؛
    ٽٽندي آهي نيٺ ته ياري،
    ۽
    داغ وڇوڙي جا ٿي ڌوئين،
    يعني ياريءَ جي ٽٽڻ جو خوف به آهي ته وڇوڙو به آهي

    اڳتي هلي اوهان جي وائيءَ ۾ هڪ خيال آهي؛

    ”ناز“ ته رولو ماڻهون آهي،

    منهنجي خيال ۾ هي اهو ماڻهون آهي جنهن لاءِ لطيف سڳوري لفظ استعمال ڪيو آهي ” چلولا“ جي در در دوستيون لائيندا آهن، ٻين ۽ آسان لفظن ۾ بي وفا ماڻهون ... سو ڀائڙا چوڻ جو مقصد ته بيوفا ۽ وڇڙي ويل محبوب ۾ فرق هوندو آهي ٻنهي لاءِ ماتم ڪرڻ جو مطلب به الڳ الڳ هوندو آهي ... وڌيڪ جي آءُ غلط هجان ته اصلاح ضرور ڪجو ...
    سدائين گڏ
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين نثار ناز ڀاءُ توهان جي شاعري جي ته جيتري تعريف ڪجي سان گهٽ ٿيندي پر جيڪي نه توهان سنڌ سلامت جا لوگوز ٺاهيا آهن سائين اصلي توهانasul matt
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين نثار ناز توهان جي اهڙي زبردست شاعري پڙهي دل باغ و بهار ٿي ويندي آهي۔ سائين وري جيڪا توهان ڊزائيننگ ڪندا آهيون، ان جو ته ڪوئي مثال ناهي،
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا عبدالوهاب قمبرائي توهان کي منهنجي شاعري ۽ ژڊزائينگ سُٺي لڳي. لک لائق ۽ قرب. ​
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا وحيد ڦلپوٽا بس ادا شاعري آهيون، اُبتا سُبتا چند شعر قطارن جي صورت ۾ دل جي وهڪري تي لهي پوندا آهن۔ توهان کي شاعري وڻي، ان سلسلي ۾ توهان جو انتهائي ٿورائتو آهيان، همت افزائي جو ۔​
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار ابڙا، مهرباني جو توهان مُنهنجي خالص ”دل“ جي معاملي تي پنهنجا ويچار ونڊيا۔
    ادا ابڙا سائين اياز گُل جي هڪ غزل جي گُلدستي مان ڪجهه گُل کڻي توهان کي پيش ٿو ڪريان ته​

    خالَ ئي خالَ زندگي آهي
    بس اُڌاري ئي هر خوشي آهي
    ”دل“ جون ڳالهيون به ڪين ٿو سمجهين
    ڪهڙي آخر ڪا فارسي آهي۔​

    ادا وقت جي چو واٽي، تي اڪيلي ”دل“ آهي، پاڻ ئي سُڏڪي پئي، پاڻ ئي پنهنجي پاڻ کي ڏڍ ڏئي پئي، پاڻ ئي پڇتائي پئي، اوندا ابتا خيال اچن پيا، اُڏري پنڇي ويندا آهن ، موٽي مور نه ايندا آهن، ڳالهه سمجهه جي آهي، پراڻ جا پکي جڏهن اُڏامي ويندا آهن اهي موٽي توهان ئي ٻڌايو ڀلا ڪيئن ايندا ياري ته آخر ٽُٽي ويندي نه ٻيو ڀلا دل وٽ ڪهڙو رستو آهي سُڏڪڻ کانسواءِ گهٽ ۾ڏُسڪي ڏُسڪي ويچاري دل وڇوڙي جا داغ به نه ڌوئي، پنهنجا پاڻ ۾ ويٺا آهيون ڪڏهن ڪڏهن روئڻ سان دل جو بار هلڪو ٿيندو آهي، داغ وڇوڙي جا ڌوئڻ بس انهي دل جي بار هلڪي ٿيڻ جي هڪ ڪڙي آهي،
    محترم اياز گل جو هڪڙو ٻيو شعر ياد پيو اچيم ته​

    پٿر جهڙيءَ دل وارن سان جيڪو پريت لڳائيندو
    پاڳل ماڻهو روئندي رُلندي پنهنجو پاڻ وڃائيندو
    بي قربن جي دنيا ۾ او قُرب ورهائڻ وارا
    هر ڪو تُنهنجي هيرن جهڙن جذبن کي ٺڪرائيندو۔​

    ادا هتي مون واري ڪافي ۾ ”دل“ جي دنيا ئي نرالي آهي، جيڪو جيڪو ”دل “تي وهي پيو واپري پيو اهو ئي شاعر پنهنجي شاعري ۾ سموئي پيو، اهي جيڪي ڳالهيون آهن سي پنهنجي ”دل“ کان پُڇي ڏس پر​

    درد ڪو جنهن ۾ ناهي دوست
    سا ”دل“ پٿر آهي دوست
    ميريءَ ڦاٽلَ جهولَ ۾ مُنهنجي،
    هڪڙو ڀي گُل ناهي دوست (ايازگُل)​


    بي وفا ماڻهو جنهن کي توهان ” ناز“ به چئي سگهو ٿا، جيڪو رولو ماڻهوءَ جيان هن دوکيباز دورنگيءَ دنيا جو هڪڙو ڪردار، آهي جيڪو در در دوستيون رولاڪ بڻجي لائي ان لاءِ دُکي ”دل“ کي گهٽ ۾ گهٽ ائين چئي سگهجي ٿو، ته رولاڪن لاءِ هروڀرون ڇو لُڙڪ وهائجن۔
    بس ادا آخر ۾ نه چاهيندي به سائين اياز گل جو هي شعر لکي ٿو ڇڏيان ته​

    ”نه“ جي سُوريءَتي چڙهيل آهيون دوست!
    دردَ سانچي ۾ گهڙيل آهيون دوست!
    ڪُجهه ته سمجهون ٿا زماني کي اسان
    چار درجا ڪي پڙهيل آهيون دوست!​
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    شاعري ته شاعري مٿان وري ڊيزائين اصل من موهجي ويو۔۔۔۔ اهو ڇا گهٽ هيو جو توهان وري هڪ خوبصورت لوگو ٺاهي هن موضوع جي سونهن ۾ پڻ اضافو ڪري ڇڏيو۔۔۔
    بجلي جي اچ وڃ ۽ پنهنجي مصروفيت مان فورم لاءِ وقت ڪڍي نڀائڻ ۽ اهو به اهڙي خوبصورت انداز سان۔۔۔۔ بس توهان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔۔۔۔
    توهان جو آندل سائين اياز گل جو آخري شعر به وڏو مطلب رکي ٿو۔۔۔۔۔ جس هجي توهان کي۔۔۔۔
    آخر ۾ عرض ته جيڪڏهن انهيءَ لوگو جي ڊيگهه واري سائيز جيتري جيڪڏهن فونٽس واري پٽي به جيڪر لکي موڪليو ته فورم تي اهو لوگو به لڳائي ڏسجي ۔۔۔۔ توهان جي وڏي مهرباني
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    واه سائين واه اوهان ته اصل asul matt سائين اوهان جي شاعري پڙهي اصل ٿڪ ئي لهي ويا سائين اهڙا قرب روز ڪندا ڪريو سائين اوها جا لک ٿورا جو اوهان پهنجي شاعري اسان سان شيئر ڪئي
    shal judy hujeen
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ڇا لکي مان ڇا لکان تنهنجي غزل جو انداز
     
  11. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    واه سائين واه لاجواب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو