وفاقي ڪميشن ٺاهي ايڪن جي ٻولين کي قومي حيثيت ڏني وڃي: ٻولي ڪانفرنس عوامي آواز رپورٽ ڪراچي (رپورٽر) ملڪ جي عالمن اديبن ۽ سياسي شخصيتن مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي سطح تي ”لينگويج ڪميشن“ ۽ صوبن ۾ ”صوبائي لينگويج ڪميشن“ جوڙي وفاق ۾ ڳالهائجندڙ اهم ٻولين جي قومي ٻولين واري حيثيت کي قبول ڪري پاڪستان جي قومي ٻولين کي مقابلي جي امتحان ۾ هڪ جهڙو حق، متوازن ۽ مناسب ماحول فراهم ڪرڻ جو انتظام ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هنن سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ پاران مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن ۽ اٿارٽي جي سلور جوبليءَ جي موقعي تي ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ سڏايل ٻه ڏهاڙن واري قومي ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي خطاب ڪندي ڪيو. قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاهه چيو ته اها هڪ حقيقت آهي جو ماڻهن جي مادري ٻولين سان جذباتي وابستگي هوندي آهي. بنگال ۾ پنهنجي مادري ٻولي جي اهميت جي لاءِ جدوجهد ڪندي نوجوان شاگردن پنهنجي جانين جي قرباني ڏني اڄ پوري دنيا انهن کي ڀيٽا پيش ڪندي هر سال هي ڏهاڙو ملهائيندي آهي. هن چيو ته جيئن جيئن مذهبي رجحان وڌيو ۽ جنرل ضيا جڏهن کان مذهب کي سياست ۾ آندو ۽ انتهاپسندي وڌڻ ڪري اسان جون ثقافتي روايتون گهٽجي رهيون آهن. ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته آءٌ فخر سان چوان ٿو ته جيترو سنڌي ٻولي تي ڪم ٿيو آهي، ايترو ڪنهن به ٻولي تي ڪم ناهي ٿيو. اسلام جي اچڻ کان پهرين سنڌي ۾ شاعري ڪئي ويندي هئي، هندن جي زماني ۾ صورتخطيءَ تي ڪم ٿيو. هن چيو ته خوشحال خان خٽڪ مغلن جي خلاف ڳالهايو ان ڪري اُن کي نصاب ۾ به نه ٿو پڙهايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته 1994 ۾ عبدالله شاھ سنڌي ٻولي جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو ان تي هن وقت تائين عمل نه ڪيو ويو آهي. بيوروڪريٽس نه ٿو چاهي ته انگريزي ڳالهائڻ بجاءِ سنڌي ڳالهائي وڃي. هن چيو ته حڪومت لاءِ وقت آهي ته اها ڪميٽي ٺاهي. سنڌي ماڻهو به سنڌي ٻولي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. اسان کي پنهنجو حق ڏنو وڃي.ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اردوءَ جي ناليواري دانشور سيد مظهر جميل چيو ته جيڪي ٻوليون ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ داخل ٿيون آهن، ۽ جن ڪمپيوٽر ۾ ترقي ڪئي آهي، انهن کي ڪوبه خطرو ناهي. سنڌي زبان ۽ رسم الخط تمام پراڻي آهي. 300 سالن ۾ سنڌي ٻولي ڪاميابي جو سفر ڪري هتي پهتي آهي. هن وقت ادب جي اها ڪهڙي صنف آهي، جيڪا سنڌي ٻولي ۾ تخليق نه ٿيندي هجي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور جي آرٽس فئڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ چيو ته انساني لڏپلاڻ سبب ٻولين کي خطرو هوندو آهي. تحقيق موجب هن وقت دنيا ۾ پنجويهه سئو ٻولين کي خطرو آهي، جڏهن ته دنيا ۾ ست هزار کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، پنجاب مان آيل ناليواري دانشور ڊاڪٽر صغريٰ صدف چيو ته سنڌي زبان ۾ جيترو ڪم ٿيل آهي، اهو پوري پاڪستان لاءِ هڪ مثال آهي. زبان ڪهڙي به هجي اها شعور ڏيندي آهي. هن چيو ته اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته ڪلچر جو مذهب سان واسطو آهي، پر اهو غلط آهي، ڪلچر جو واسطو ڌرتي سان آهي. پشتو ٻوليءَ جي شاعر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر اباسين يوسفزئي چيو ته دنيا جا سمورا دانشور ان ڳالهه تي اتفاق رکن ٿا ته اهي قومون ئي تڪڙيون ترقي ڪري سگهن ٿيون، جيڪي پنهنجي ماءُ ٻوليءَ ۾ تعليم ڏين ٿيون. هن چيو ته ٻولي ڪاروبار، مارڪيٽ ۽ تعليم کان پري هجي ته ان کي هر وقت خطرو موجود هوندو آهي. سرائيڪي دانشور ڊاڪٽر جاويد چانڊيي چيو ته ڌرتي به ماءُ آهي ۽ ٻولي به ماءُ آهي اسين پنهنجي ماءُ جي عزت ڪريون ٿا، ۽ ٻين جي ماءُ جو به احترام ڪرڻ گهرجي، ليکڪ شاڪر بروهي چيو ته پاڪستان ۾ جيڪي ٻوليون صوبائي سطح تي وڌيڪ ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ وحدت جو حصو آهن، انهن کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ گهرجي. بلوچستان مان آيل ناليواري اديبه زينت ثنا چيو ته سنڌي ٻولي لاءِ جدوجهد جي تاريخ پراڻي آهي، هاڻي ٻين ٻولين لاءِ به جدوجهد شروع ٿي چڪي آهي، ان لاءِ رياست کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي چيئرمئن سرفراز راڄڙ آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان جو ڪنهن به ٻولي سان ڪوبه ٽڪراءُ نه آهي، اسان چاهيون ٿا ته چئني وحدتن کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ گهرجي، ڇو ته ٻوليون ئي قومن جي ترقي ۽ ثقافت لاءِ بنيادي جز آهن، تاج جويو چيو ته هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ سنڌي ٻولي آهي، قديمي اسڪرپٽ آهي، جنهن ترقي ڪندي انڊيا ۾ 26 ٻولين ۾ سنڌي کي به قومي درجو ڏنو ويو. ان لاءِ اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ به سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. جامي چانڊيي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 251 جي نقطي کي سامهون رکي سرڪار توڙي سنڌي ٻولي اٿارٽي 1958ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ختم ٿيل سنڌي سبجيڪٽ کي بحال ڪرائين ڊاڪٽر آفتاب ابڙي چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ڪرائڻ جي تحريڪ سان گڏوگڏ اسان کي سنڌي ٻولي ۾ تعليم لازمي ڏيارڻ لاءِ به ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ان سلسلي ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي، پر ان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اها پڻ تجويز ڏني ته ٻولي کي حياتي ارپيندڙ يوسف شاهين، عطا محمد ڀنڀرو، غلام علي الانا ۽ سراج الحق ميمڻ کي مڃتا ايوارڊ ڏنا وڃن. جڏهن ته ڪانفرنس ختم ٿيڻ بعد هيٺيان ٺهراءُ پڻ پيش ڪيا ويا جيڪي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا. اردو ٻولي کي ملڪي جي رابطي جي ٻولي قرار ڏيڻ، سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ، بروهي، ڍاٽڪي، باگڙي سميت ٻين اُسريل ٻولين کي ”مادري ٻولين“ جي حيثيت ڏيڻ، وفاقي سطح تي ” لئنگيوئيج پلاننگ ڪميشن“ جوڙڻ توڙي صوبي سطح تائين ”صوبائي لينگيوئيج ڪميشن“ جوڙڻ، سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏيڻ سان گڏ سنڌ جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ ’لازمي مادري زبان‘ طور پهرئين ڪلاس کان يقيني بنائڻ لاءِ جوڳا اُپاءَ ورتا وڃن. سنڌ ۾ ’آسان اردو‘ ’سنڌي ٻارن‘ لاءِ چوٿين ڪلاس کان ۽ سنڌي نه ڄاڻندڙ ٻارن لاءِ ”آسان سنڌي“ چوٿين ڪلاس کان پڙهائڻ واري [1972ع جي ائڪٽ واري] فيصلي کي يارهين ڪلاس تائين لاڳو ڪرائي، اُن تي لازمي طور عمل ڪرائڻ جا ٺهراءَ منطور ڪيا ويا. اجلاس ۾ چيو ويو ته.سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري، ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين سمورين خانگي يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا قائم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون وڃن. سنڌ ۾ موجود سمورن سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا هائوسن، اخبارن ۽ چئنلن وغيره جي انتظاميه کان گهر ڪجي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال لاءِ انهن ادارن ۾ ’ٻولي جا ماهر‘ مقرر ڪيا وڃن.سنڌ ۾ آباد سمورن مستقل باشندن کي آدمشماريءَ دوران ’ٻوليءَ جي خاني‘ ۾ مختلف لهجن ۽ مقامي محاورن بدران سنڌ صوبي جي ٻولي ’سنڌي‘ لکي وڃي.ملڪ ۾ ٿيندڙ آدمشماري ڪميشن ۾ سنڌ حڪومت جو نمائندو کنيو وڃي، گهر شماريءَ جو مدو وڌايو وڃي ۽ صحيح آدم شماريءَ کي يقيني بنايو وڃي.ٺهرائن ۾ سنڌي يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۽ سائنس جا سنڌي ۾ ڪتاب ڇپرائڻ جا مطالبا به ڪيا ويا.