اکين کان اوجھل طلسماتي ترقي! شفيق شاڪر خبر ناهي هيء چوڻي ڪنهن مشهور ڪري ڇڏي ته “ ڪوڙ کي پير نه هوندا آهن.” اسان جي ملڪ ۾ ڪوڙ کي پير به هوندا آهن ۽ خاص طور تي سرڪاري ڪوڙ کي ته مظبوط پير ٿيندا آهن جن جي ذريعي اهو پهريان سڀ ليڪا لتاڙي ويندو آهي.مثال؛ اڄ ڪلھ حڪمران جنهن ڪوڙ تي سندرو ٻڌيو بيٺا آهن سو اهو ته “ ملڪ شاندار ترقيء جون سڀ سيڙهيون پار ڪري چڪو آهي.”جڏهن اهي بيان بار بار ڪنن کي ڇهن ٿا ته عوام کي ترت پنهن جون اکيون مهٽڻيون پون ٿيون ته خدانخواسته ڪٿي اسان جي اکين جو نور ئي ته نه هليو ويو آهي جو اها ترقي اسان کي نظر نٿي اچي.وزير اعظم صاحب به چوي پيو ته ترقي ٿي آهي،اسحاق ڊار جهڙو نيڪ ماڻهو به ساڳي ڳالھ ڪري رهيو آهي،پنجاب جو خادم اعلى به ساڳي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهي، سنڌ جا ٻه سيد سڳورا سائين قائم علي شاھ ۽ سائين مرادعلي شاھ به ترقيء جون بشارتون ڏيئي رهيا آهن ته پوء به اسان جهڙن کي ڪا ترقي نظر نه ٿي اچي ته پوء پنهن جون اکيون چڪاس ڪرائڻ جو مشورو به ڪا اجائي ڳالھ ناهي. مٿان عالمي ادارن جون سروي رپورٽون ۽ پولز جا نتيجا به پنهن جي ان بيان جي سچائيء لاء عوام سان بنان قيمت جي شيئر ڪيا وڃن ٿا جيڪي به سندن چوڻ مظابق اهو ئي ٻڌائين ٿا ته پاڪستان هن وقت ترقيء ۽ خوشحاليء جي سونهري دور مان گذري رهيو آهي.پوء به عوام کي ملڪ ۾ ترقيء جي جيئري جاڳندي تصوير نظر نٿي اچي ته عوام کي پنهن جي اکين يا دماغ جو علاج ڪرائڻ گھرجي.پر مشڪل اها آهي جو اها ترقي رڳو عوام کي ئي نظر نه اچي ها ته کڻي ان ڳالھ کي ئي نظرانداز ڪري ڇڏجي پر جڏهن سپريم ڪورٽ جهڙو معتبر ادارو اهي ريمارڪس ڏئي ٿو ته “ ٿاڻا ڪروڙن ۾ وڪجن ٿا، چيف جسٽس به بنان سڃاڻپ ڪرائڻ جي ٿاڻي تي رپورٽ لکائڻ وڃي ته ان کي به رشوت ڏيڻي پوندي.ايس ايڇ او ڪروڙين روپيا ڏيئي پوسٽنگ وٺي ٿو انهيء کي اڳيان به حصو پتي موڪلڻو پوي ٿو…حڪومتون غريبن کي بنيادي حق ڏين نه ته سخت ڪاروائي ڪنداسين.” اهي لفظ ٻئي ڪنهن جا نه پر سپريم ڪورٽ جي مانواري چيف جسٽس جا آهن.پوء به موجوده حڪمرانن جو ضد اهو ئي آهي ته ملڪ ۾ ترقي ئي ترقي آهي.ملڪ ۾ ترقي آهي جنهن ڪري قومي ادارا نيلام ڪيا پيا وڃن،ترقيء جي ڪري ئي عالمي مالياتي ادارن جي سامهون قرضن جي لاء منٿون ڪيون پييون وڃن. ملڪ ۾ ترقي آهي تڏهن دوائن جا اگھ وڌايا پيا وڃن.ملڪ ۾ ترقي آهي تڏهن غريب عوام تي روز نت نوان ٽيڪس لڳايا پيا وڃن.ملڪ ۾ ترقي آهي تڏهن ٿر ۾ معصوم تڙپي تڙپي مري رهيا آهن.ملڪ ۾ ترقي آهي تڏهن ماڻهو شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء قطارن ۾ لتاڙجي مري وڃن ٿا.ملڪ ۾ ترقي آهي تڏهن مائٽ بک ۽ بدحاليء کان تنگ ٿي پنهن جي ٻچن کي پنهن جن ئي هٿن سان ڪهي ڇڏين ٿا. ملڪ ۾ ترقي آهي تڏهن ڪيترائي جيو پنهن جن ئي نڙين ۾ پاڻ زهر اوتي ڇڏين ٿا.اها ڪهڙي طلسماتي ترقي آهي جيڪا ٿيڻ باوجود ڪنهن کي به نظر نٿي اچي اها عجيب.ترقي آهي جو عاليشان ميٽرو شاهرائن جي ڪناري ئي موجود گھٽرڍڪڻن کان محروم آهن جن ۾ روزانو ڪو نه ڪو معصوم ڪري پنهن جي زندگيء کان هٿ ڌوئي ويهي ٿو.اها اهڙي انوکي ترقي آهي جنهن ۾ اربين روپين جي اورينج ٽرين اسڪيمون ته موجود آهن پر ڳوٺ جي ڪنهن اسپتال ۾ نانگ جي ڏنگ جي علاج جي سوئي موجود ڪانهي.بي رحم بک جي وڪڙ کان تڙپندڙ ڪو انسان وڏي حسرت وچان ان عظيم الشان ترقيء جو نظارو ڪري رهيو آهي جنهن ۾ سندس پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ جو ڪو سامان ڪونهي. سرديء کان ٿڙڪندڙ پٺين اگھاڙو ٻار ترقيء جي ان دلڪش نظاري مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي جنهن ترقيء ۾ هن جي جسم ڍڪڻ لاء ڪو اوڇڻ ناهي.ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين جا بدنصيب روڊ ان ترقيء تي ٽپا ڏيئي رهيا آهن جن جي مرمت جي لاء ڪو ڏوڪڙ ناهي.ٻهراڙيون ته ڇڏيو شهرن جا ماڻهو ايڪويهينء صديء ۾ پيئڻ جو پاڻي تلاش ڪري رهيا آهن جنهن کي موجوده ترقيء جو راڪاس ڳڙڪائي ويو آهي.ٻهراڙين جا تعليمي ادارا هن ترقيء جا جشن ملهائي رهيا آهن جيڪي هاڻي آثار قديمه بڻجي ويا آهن.ترقيء جي تقاضا اها ئي آهي ته پي آئي اي وڪڻي ڇڏيو جو هاڻي ملڪ ۾ شاندار ترقيء سبب هر ماڻهوء جي هٿ ۾ هڪڙو جهاز آهي. قوم جي واحداسٽيل مل وڪڻي ڇڏيو جو پاڪستان ۾ ايتري ترقي ٿي ويئي آهي جو هاڻي ملڪ کي صدين تائين ڪنهن ٻي ترقياتي اسڪيم لاء لوھ جي ضرورت ئي نه پوندي. حيسڪو ۽ فيسڪو وڪڻي ڇڏيو جو ملڪ بجليء ۾ خودڪفيل بڻجي ويو آهي.او جي ڊي سي ايل جا باقي رهيل شيئر به وڪڻي جان ڇڏايو جو ملڪ کي هاڻي گئس جي گھرج نه رهي آهي.سرڪاري اسڪول ضرور وڪڻو جو انهن ۾ پڙهندڙ غريب ٻار هاڻي علم جون سڀ بلنديون طي ڪري چڪا آهن پر اڃا به جيڪر ڪنهن غريب کي علم جي عياشيء جو شوق هوندو ته ترقيء جي ڪري هاڻي انهن وٽ ايترو خزانو اچي ويو آهي جو هو پنهن جن ٻارن کي پڙهائڻ لاء پرائيويٽ اسڪولن جون ڳاٽي ٽوڙ فيون به ڀري سگھن ٿا .سرڪاري اسپتالن جي به هاڻي ڪهڙي ضرورت جو ترقيء جو راز ئي اهو آهي ته ڪنهن به طرح ملڪ جي آباديء تي ڪنٽرول ڪيو وڃي سو جيڪر غريبن جي اڪثريت پرائويٽ اسپتالن ۾ علاج جا خرچ برداشت نه ڪرڻ ڪري خدا کي پياري ٿي ٿي وڃي ته ان ۾ حڪومت جو ڪهڙو قصور! حڪومتون نفعو ڪمائڻ لاء هونديون آهن نقصان کڻڻ لاء نه! سموري قوم کي اها عظيم ترقي مبارڪ،اچو ته ان ترقيء جو جشن ملهايون!