ٽيڪس پاليسيون ۽ ٽي آر سي رپورٽ. شفيق شاڪر جمهوريت جنهن جا ترانا هر وقت پنهن جي ملڪ ۾ ڳائيا وڃن ٿا انهيء جو هڪڙو بنيادي ۽ اهم اصول ماڻهن کي معاشي انصاف مهيا ڪرڻ به هوندو آهي جيڪومعاملو ٽيڪس جي بار جي صحيح ورهاست ۽ انهيء ڏوڪڙ کي عام ماڻهن جي عمودي ۽ افقي معاشي بهتري لاء خرچ ڪرڻ سان لاڳاپيل ٿئي ٿو.اميرن کان پورو پورو ٽيڪس وصول ڪري انهيء کي غريبن جي زندگين جو معيار سڌارڻ لاء استعمال ڪرڻ ڪنهن به حقيقي جمهوريت جو روح ٿئي ٿو.انهيء اصول هيٺ دولت چند هٿن ۾ جمع ٿيڻ بدران ان جو فائدو معاشري جي پيڙهيل طبقن جهڙوڪ عورتن.،يتيمن،ٻڍن،ٻارن،بي روزگارن ،معذورن۽ اقليتن تائين پهچي ٿو.پر اسان جي ملڪ ۾ اهي سڀ شيون ڪڏهن به اسان جي ٽيڪس پاليسيء ۾ شامل نه رهيون آهن.بدقسمتيء سان اسان جي ملڪ جي حڪمرانن پوء اهي سياسي هجن يا غيرسياسي سڀني غريب ماڻهن کي گھڻي ۾ گھڻو نپوڙي صرف انهن کان ئي هر طرح جا ٽيڪس اوڳاڙي پنهن جي ۽ پنهنجي اليٽ طبقي جي عياشين ۽ آسائشن جو بندوبست ڪيو آهي ۽ فقط اهڙا قانون جوڙيا ويا جن سان امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿيندو ويو.هن وقت به اسان جا معاشي مينيجر عجيب نفسياتي ڪيفيت جو شڪار آهن.هڪ طرف اهو دٻاء آهي ته مالي خساري کي هر حالت ۾ گھٽايو وڃي ته ٻئي طرف اهي امير ترين طبقي کي ٽيڪس جي نيٽ ورڪ ۾ آڻي وٽانئن ڪجھ به وصول ڪرڻ لاء تيار نه آهن،ٽئين طرف انهن جون عظيم فضول خرچيون به ساڳي ريت جاري آهن.طاقتور امير طبقي کي مليل ٽيڪس جون رعايتون گھٽجڻ جي بدران ڏينهون ڏينهن وڌنديون ٿيون وڃن.اسان جي حڪمران طبقي وٽ آمدني ۽ خرچ جي وچ ۾ مناسب توازن پيدا ڪرڻ جوهڪ ته ڏانء به ڪونهي ٻيوته اميرن جي لاء ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ جي مرضي به موجود ناهي. انهيء خساري کي منهن ڏيڻ لاء ملڪ جي اقتصادي حالت وڌيڪ بهتر بنائڻ لاء انساني سرمائي (جهڙوڪ صحت،تعليم،هنري تعليم ۽ ٻين عوامي شعبن جي نئين جوڙجڪ وغيره)کي وڌائڻ جي ضرورت شديد ٿي ويئي آهي جنهن طرف به ڪو ڌيان ناهي.جن شعبن ۾ سرمائي جو هڪ وڏو حصو خرچ ڪيو پيو وڃي اتان به آمدنيء جي بدران صرف نقصان پلئي پئجي رهيو آهي. آزاد ذريعن کان معيشت جي باري ۾ سامهون ايندڙ انگ اکر تام گھڻو مايوس ڪندڙ آهن.مثال مالي سال -142013دوران ايف بي آر صرف 2254.5 بلين روپيا ٽيڪس گڏ ڪيو جنهن ۾ به ستر سيڪڙو ظالماڻو ٽيڪس هو يعني اهڙو ٽيڪس جنهن جي منهن ۾ سڌو سنئون عام ماڻهو آيو باقي امير طبقو ساڳيء طرح ٽيڪس کان آجو ٿي مڇين کي تيل هڻي گھمندو رهيو.هڪ مثالي نظام ۾ هئڻ ته اهو کپي جو سرنديء وارو طبقو معاشي طور تي چپيل غريب طبقي جي ٽيڪسن جو بار به شيئر ڪري پر هتي ان جي ابتڙ ان رعايت يافته طبقي جوبار به غريبن جي چچريل ڪلهن تي وڌو وڃي ٿو.جنهن معاشري ۾ امير ۽ غريب جي وچ ۾ پيدا ٿيل فرق پنهن جون فطري حدون اورانگھي وڃي اتي صحتمند معاشي سرگرمين جي اميد رکڻ اجائي آهي.جڏهن ڪنهن مزدور کي مليل پگھر جي مزدوري اوهين هڪ هٿ سان ڏيئي ٻئي هٿ سان کسي وٺندا ته ان مزدور کان اها اميد ڪيئن ٿا رکو ته هو پنهن جو ڪم نهايت ئي ايمانداري ۽ محنت سان ڪندو.هن کي جڏهن ان ڪم مان ڪجھ ملڻو ئي ناهي ته هو انهيء ۾ دلچسپي ڇو وٺندو.پاڪستان ۾ ته اهوئي ٿيندو آيو آهي جو پيڙهيل طبقو ئي انهيء اشرافيه جي سموري آرام،آسائش،سهوليتن ۽ عشاين جي قيمت ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪسن جي صورت ۾ ڀريندو رهيو آهي ان جي بدلي اڄ تائين انهن کي ڇا مليو آهي؟ٻيو ته ٺهيو پر مٿي جي سور جي ٽڪي به اوهان ان جي خريدڻ کان مٿانهين ڪري ڇڏي.ٻئي طرف اهو بااختيار اشرافيه طبقو انهن غريب ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي سان جهڙيءطرح پنهن جا پيٽ ۽ گھر ڀريندو رهيو آهي ۽ جهڙيء طرح ان پئسي کي پنهن جن شاهاڻين فضول خرچين ۽ عياشين ۾ اڏائيندو رهيو آهي اهو هاڻي ڪو لڪيل راز نه رهيو آهي.حال اهو وڃي بيٺو آهي جو ملڪ غيرملڪي مالياتي ادارن جي بيل آئوٽ پيڪيجز جي رحم ڪرم سهاري هلي رهيو آهي.ڳالھ ڪروڙن ۽ اربن جي نه پر کربن جي آهي جو ٽيڪس ادا ڪندڙ غريبن جي ان هيڏي وڏي رقم جو ڪو ڏس پتو ئي ناهي ته ڪهڙي ڪن ۾ هلي ويئي.قوم کي اهو به ته ٻڌايو وڃي ته اميراڻا ٽيڪس جهڙوڪ ايسٽيٽ ٽيڪس، گفٽ ٽيڪس ۽ ڪيپيٽل گين ٽيڪس وغيره جي مد ۾ هيستائين ڪيترو پئسو وصول ڪيو ويو.هي تازو جيڪو ڪاري ڌن کي اڇو ڪرڻ جو بدنام زمانه ايمنيسٽي بل منظور ڪيو ويو انهيء جي برڪت سان ڪيترا بزرگ ٽيڪس جي دائري ۾ آيا؟ 1977ع کان وٺي هنن حڪمرانن پوء اهي جمهوريت جو جبو پائي آيا هجن يا آمريت جو پٽڪو ٻڌي آيا هجن سڀني ٽيڪس جي نظام ۾ ڪي مناسب سڌارا ڪرڻ بدران صرف اهو ڪم ڪيو ته ڪهڙيء طرح اليٽ طبقي جي معاشي مفادن جو تحفظ ڪجي،ڪيئن پنهن جن عياشين جي لاء عوام کي معاشي طور تي ذبح ڪيو وڃي ۽ اهو سلسلو اڄ به وڏي شان سان جاري آهي.ملڪ ۾ معاشي بهتريء جون دعوائون ڪندڙ حڪمران ملڪ جي غيرجانبدار معاشي ماهرن جي سمورين تنبيهن ۽ تبصرن تي ڪو گاه نه وجھندي سمورين رپورٽن کي بي بنياد ۽ گمراه ڪندڙ قرار ڏيئي رهيا آهن.تازو ٽيڪس ريفارمس ڪميٽيء جي رپورٽ به حڪومت جي ميز تي پهچي ويئي آهي،ڏسجي ته اها رپورٽ ٽيڪس واري نظام ۾ ڪهڙيون بنيادي تبديليون تجويز ڪري ٿي ۽ حڪومت انهن تجويزن تي ڪيترو عمل ڪري ٿي!