آدمشماري 2016ع ، سنڌ جي وجود ۽ بقا جي جنگ، مختيار عباسي جي پييج مان ورتل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    آدمشماري 2016ع ، سنڌ جي وجود ۽ بقا جي جنگ،
    پنهنجي قيمتي وقت مان پنج منٽ ڪڍي هن اسٽيٽس کي غور سان پڙهڻ جي ضرورت آهي، پاڻ به پڙهو، پنهنجي دوستن، مٽن، مائٽن اوڙي پاڙي وارن کي به پڙهايو.
    قومن تي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا به وقت ايندا آهن جو انهن جي ڏنل فيصلن سان قومون تباھ به ٿينديون آهن ائين وڌيڪ سگھاريون به ٿينديون آهن.
    سنڌ کي هن وقت ٻن طرفن کان خطرو آهي
    (1) جي اسان آدمشماريء ۾ پنهنجي صحيح ۽ حقيقي ڳڻپ ڪرائي نه سگھياسون ته اسان کي وفاق کان مليل اين ايف سي ايوارڊ جي رقم گھٽ ملندي، نوڪرين جي ڪوٽا گھٽجي ويندي، صوبائي ۽ قومي اسميبلين مان سيٽون گھٽجي وينديون جنهن جو فاعدو پنجاب کي پوندو
    ۽ سنڌ جو گڏيل نقصان ٿيندو.
    (2) جي اسان آدمشماريء ۾ ڏنل فارم جي مادري ٻوليء واري خاني ۾ سنڌي ٻولي نه لکرائيسين ته سنڌ اندر ٻوليء جي بنياد تي اسين اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسين.
    (3) سنڌ اندر رهندڙ اردو آبادي جنهن جي دعويدار دهشت گرد تنظيم
    ايم ڪيو ايم آهي اها هر وقت ان سازش ۾ رڌل آهي ته ڪهڙي به طرح سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿين ته جيئن اسين سڄي دنيا کي ٻڌائي سگھون ته اسين غير سنڌي اڪثريت ۾ آهيون ان ڪري سنڌ مٿان حق حڪمراني اسان جو حق آهي.
    (4) سنڌ اندر اردو ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد صرف 25 سيڪڙو آهي پر ايم ڪيو ايم ان سازش ۾ رڌل آهي ته سنڌ اندر رهندڙ ۽ پنهنجي گھرن ۾ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ جهڙوڪ. سرائيڪي، براهوي، گجراتي، ڪڇي، ڍاٽڪي
    مارواڙي، بلوچڪي يا ته اردو لکرائين يا وري پنهنجي ٻولي لکرائين ته جيئن انهن جون ٻوليون اڌرس ٻولين Others Language ۾ هليون وڃن ۽ سنڌي ٻوليء جو پرسنٽيج گھٽجي وڃي ۽ پوء اسين دعويٰ ڪيون ته سنڌ اندر غيرسنڌين جو تعداد اڪثريت ۾ آهي، هاڻي سنڌ حڪومت اسان جي حوالي ڪئي وڃي.
    هاڻي اوهان پنهنجي گھرن ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ اهو فيصلو ڪيو ته اوهان جيڪڏهن مادري ٻولي سنڌي نه لکرائي ته ان جو نقصان ڪنهن کي ٿيندو؟ ڇا اوهان اها ڳالھ قبول ڪندا ته سنڌ مٿان حق حڪمراني دنيا جي مڃيل دهشت گرد تنظيم (ايم ڪيو ايم ) جي هجي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو