پاڪستان سپر ليگ ڪاميابين سان پڄاڻيءَ تي پهتي،اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽرافيءَ جو تاج ماڻي ورتو،گرائونڊ ۾ جشن اڱارو 23 فيبروري 2016 دبئي:پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ 6 وڪيٽن تان ڪامياب،مصباح الحق اليون هرين پي ايس ايل جو تاج ماڻي ورتو.اسلام آباد يونائيٽيڊ پاران سمٿ ۽ بريڊ هيڊن شاندار راند جو مظاهرو ڪيو۽ ٻنهي بيٽسمينن ففٽي ،ففٽي اسڪور ڪيو،انهيءَ کان پهرين ڪوئٽا گليڊي ايٽرز اسلام آباد يونائيٽيڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 175 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو،دبئي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ پي ايس ايل جي فائنل ميچ ۾ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز پهرين بيٽنگ ڪندي اوپنر احمد شهزاد ۽ ڪمار سنگاڪارا جي شاندار بيٽنگ سبب مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهيون. ٻين رانديگرن ۾ بسم الله خان بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو،جڏهن ته ڪيون پيٽرسن به ٻوٽو نه ٻاري سگهيو ۽ رڳو 18 رنسون ٺاهي آندري رسيل جي بال تي آصف هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو،ميچ جي صورتحال انهيءَ وقت مٽجي وئي جڏهن خالد لطيف احمد شهزاد جو ڪيچ ڊراپ ڪيو،جڏهن ته بهترين بيٽسمين ڪمار سنگاڪارا به پي ايس ايل ۾ پنهنجي پهرين ففٽ ٺاهي ورتي ۽ رڳو 30 بالن تي ٻن ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي، ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جو اسڪور 120 تي پهتو ته ڪمار سنگاڪار به آندري رسيل جوشڪار ٿي ويو.جنهن کانپوءِ احمد شهزاد به محمد سميع جو شڪار ٿي ويو،سيلفي ڪنگ 39 بالن تي 64 رنسون ٺاهيون،ڪپتان سرفراز احمد 3، انور علي 13 رنسون ٺاهيون،اهڙي طرح ڪوئٽا گليڊي ايٽرز مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهيون