ڪرپشن جا ظاهر ۽ لڪل روپ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسي ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2016۔

  1. محمد عيسي ڀٽو

    محمد عيسي ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪرپشن ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهي ۽ معاشري جي هر طبقي اندر ائين گهمي رهي آهي جيئن جسم اندر خون، ڪرپشن جا ڪيترائي روپ موجود آهن جنهن پوري معاشري کي غليض بڻائي ڇڏيو آهي، ملڪ جو ڪوبه اهڙو ادارو يا محڪمو ناهي بچيو جٿي ڪرپشن نه ٿيندي هجي، اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن جا هڪ هزار روپ آهن جنهن کي جٿان کان شروع ڪجي ان جي ڪٿان به انتها نظر نٿي اچي پر ڪرپشن جا جيترا به روپ آهن تن کي وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن پوري معاشري اندر ڀوچال مچائي ڇڏيو آهي، ڪرپشن سياسي هجي يا سماجي ان جو جو ٻيو نالو گناه آهي، پر بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ سدائين ان معاملي کي سياسي مخالفن خلاف هڪ هٿيار طوراستعمال ڪري هڪ ٻئي خلاف اسڪينڊل ٺاهي سياسي مقاصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي جنهن جا سياسي ۽ سماجي طور تي ڀيانڪ نتيجا نڪتا آهن ۽ گڏهه کوح ۾ اڃا تائين پيل جي مثال جيان اها حرام شئي ختم نه ٿي سگهي آهي جنهن پوري معاشري کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ڪنهن به حڪومت جرئت ناهي ڪئي ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ان ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا وري ۽ پنهنجا نوازي واري عمل ۾ ملوث آهن، بدقسمتي اها آهي ته جيڪو به ادارو ڪرپشن خلاف ٺاهيو وڃي ٿو جنهن کي آئيني طور پنهنجو فرض ادا ڪرڻ جي ذميواري سونپي وڃي ٿي انهن جا ڪجهه ذميدار خود به ڪرپشن ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وڃي ٿا جنهن جا سوين مثال رڪارڊ تي موجود آهن. جيڪڏهن حڪومتي سطح تي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ها ته ڪنهن به اداري اندر ڪم ڪندڙ اهلڪار ۾ اها جرئت نه رهي ها ته هو ڪنهن به قسم جي ڪرپشن ڪري سگهي ها. هوئن ته ڪرپشن پوري دنيا جو مسئلو آهي پر هتي حڪومت جي اعلي عهدن کان وٺي عوامي سطح تائين ڪرپشن جا مختلف رنگ ظاهر لڳا پيا آهن. ڪرپشن بي ايماني ۽ بد ديانتي جو نالو آهي ماستر ڊيوٽي نٿو ڪري گهر ويٺي پگهارون کڻي يا صحيح نٿو پڙهائي سگهي ڪرپشن آهي، جج عدالتي منصب تي ويهي ڪنهن حقدار کي انصاف فراهم نٿو ڪري ڪرپشن آهي، ڪلارڪ رشوت وٺي فائيل ظاهر ڪري ٿو ڪرپشن آهي، بيوروڪريٽس ميرٽ تي انتخاب نٿا ڪن ڪرپشن آهي، ميرٽ کي گهٽو ڏئي پيسن، سفارشن، زبان، رنگ ۽ نسل جي بنيادن تي نوڪريون ۽ ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ داخلائون ڏيڻ کي ڪرپشن چئجي ٿي، کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوت ڪري ۽ شيون زخيره اندوزي ڪرڻ ۽ ڪجهه وقت لاءِ غائب ڪري منهنگي دامن تي کپائڻ ڪرپشن جي زمري ۾ اچي ٿو، ماپ تور ۾ گهٽ وڌ ڪري شيون کپائڻ ڪرپشن آهي، ڪنهن جي نجي ملڪيت يا سرڪاري پلاٽ تي قبضو ڪري اتي مدرسه اڏڻ چاهي اهي ڪيتري به دعوي ڪن ته هو ديني ڪم پيا ڪن ڪرپشن آهي، پوليس ۽ ٻيا ادارا تحقيقاتي معاملن ۾ ڪنهن غريب يا عام ماڻهو کي انصاف نٿا ڏئي سگهن ڪرپشن آهي. هن ملڪ ۾ ڪرپشن جا ايترا ته چهرا آهن جيڪڏهن ان تي تفصيل سان لکجي ته ڪتاب ڇپجيو وڃن.

    حڪومتون جن جي آئيني ذميداري بڻجي ٿي ته ڪرپشن جهڙي موضي مرض کي ختم ڪن پر حڪمران ان عمل ۾ بري طرح ناڪام رهيا آهن ڇوته حڪمران پاڻ اهڙن ڪُڌن ڪمن ۾ سدائين ڀاڱي ڀائيوار رهيا آهن ته باقي ادارن ۽ فردن کي ڪٿي روڪي سگهندا جنهن ڪري پوري ملڪ اندر ڪرپشن کليل گٽر وانگر پوري معاشري کي بدبودار بڻائي ڇڏيو آهي، هي اهڙي بيماري ڦيلجي وئي آهي جنهن پوري ملڪ ۾ ڪينسر جيان معاشري کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ظاهري طور جيڪا ڪرپشن ڪئي پئي وڃي جنهن جو چوٻول پوري ملڪ اندر هلي رهيو آهي پر ان جا لڪل روپ ان کان وڌيڪ خراب ۽ خطرناڪ آهن، هر اهو عمل جيڪو قانون جي دائري کان ٻاهر ڪيو وڃي ٿو اهو ڪرپشن جي دائري ۾ اچي ٿو. ملڪ ۾ لٽ مار جا داستان روزانو ميڊيا جي زينت بڻيل آهن، سياستدان هڪ ٻئي تي ڪرپشن جا الزام هڻي اهو ٿا سمجهن ته قوم کي ڪابه خبر ناهي ته ڪرپشن ڪير ۽ ڪٿي پيو ڪري، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جيسيتائين پوري ملڪ ۾ هڪجهڙو نظام لاڳو نٿو ڪيو وڃي اهو معاملو سياستدانن جي ڪري متنازع ئي رهندو، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جيڪي به ادارا جوڙيا ويا آهن انهن کي مڪمل خود مختياري ڏئي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ وارا عنصر ختم ڪيا وڃن ته ان تي ڪجهه حد تائي گهٽائي اچي سگهي ٿي، نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آئي اي جهڙن ادارن کي خدمختياري ڏئي انهن کي حڪومت جي ڪنٽرول کان اجو قرار ڏنو وڃي ته معاملا ڪجهه بهتري طرف وڃي سگهندا ۽ پوءِ انهن ادارن کان بهتر رزلٽ حاصل ڪرڻ جي توقع ڪري سگهجي ٿي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ليڪن ادا مصيبت ته اها ئي ته آهي جو هتي هر هڪ حڪمران ادارن کي پنهنجي لونڊي بنائي رکيو آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو