نظم شعر لکڻ لاء ڪاغذ قلم کنيو آھي*ڊاڪٽر ذوالفقار علي

نظم
شعر لکڻ لاء ڪاغذ قلم کنيو آھي
ميز تي رکي سگريٽ ڌکايو آھي
سگريٽ چپن تي رکي!
زندگيء کي
ساڙي رھيو آھيان!
ڪمري ۾
تنھائي ۾
اڏامندڙ
دونھين ۾
ڪائي تصوير
ُجڙي پئي آھي!
مون سان
ھم ڪلام ٿي آھي
چوي ٿي
روحاني
رازن ۽ رمزن
کي بيان
ڪرڻ لاء
شاعريء جو
سھارو ضروري تہ نہ آھي!!
 
Back
Top